ھنڱورجا

پي پي پي 8 سالن ۾ سنڌ پنجاھ سال پوئتي ڌڪجي ويئي آھي، سيد ڪاظم علي شاه لڪياري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

فنڪشنل مسلم ليگ ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاه لڪياري
فنڪشنل مسلم ليگ ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاه لڪياري
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاه لڪياري چيو آهي پي پي پي جي 8 سالن جي دور حڪومت ۾ ڪرپشن سبب سنڌ ترقي ڪرڻ جي بدران پنجاھ سال پوئتي ڌڪجي وئي آهي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ توڙي سنڌ جي ترقي حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل ناهي جنهن ڪري سنڌ ۾ ترقي ناهي ٿي سگهي جيڪڏهن ترقي ٿي به آهي ته اهاصرف ڪرپشن ۾ ٿي آهي جيڪي جيالا ڪالهه ڪک پتي هيا اهي اڄ لک ۽ ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن هنڱورجا ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ تسليم احمد ميمڻ جي ڀاءِ محمد اسلم ميمڻ جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ڪاظم علي شاه لڪياري وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ،بد امني تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ دهشتگردن جي خلاف سموري ملڪ ۾ ضرب عضب جهڙي آپريشن جي ضرورت آهي هن چيو ته فنڪشنل ليگ ڇڏڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي مخالف اهڙا افواه ڦهلائي پنهنجي دل خوش ڪري رهيا آهن فنڪشنل مسلم ليگ هميشه شرافت واري سياست ڪئي آهي فنڪشنل مسلم ليگ محبت ليگ آهي هن وڌيڪ چيو ته پي پي پي ڀٽو واري ناهي رهي زرداري ليگ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي ۽ پي پي پي جي اندر وڏو ڏڦيڙ آهي جيڪو حڪومت ختم ٿيڻ بعد ئي ظاهر ٿيندو هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ فنڪشنل ليگ سنڌ جي وڏي سياسي پارٽي ٿي اڀرندي ۽ پي پي پي جيڪا هن وقت صرف سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي 2018 جي اليڪشن ۾ پي پي پي جي سنڌ مان به تڏا ويڙه ٿي ويندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button