زراعت

ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن جي هڪ هٽي قائم، ڦٽين جو اگهه في مڻ تي 500سئو روپيه گهٽ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
هنڱورجا ،رسول آباد ۽ شاه جي مشين ۾ قائم ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن جي هڪ هٽي قائم، ڦٽين جو اگهه في مڻ تي 500سئو روپيه گهٽائي ڇڏيو ،آبادگارن ۽ هارين جا هٿ مٿي تي اچي ويا ،آبادگارن ۽ هارين جو احتجاج ،ڦٽين جو اگهه في مڻ 400 هزار ڪرڻ جو مطالبو .تفصيل موجب هنڱورجا ،رسول آباد ۽ شاه جي مشين تي قائم 5ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن هڪ هٽي قائم ڪندي ڦٽين جو اگهه 3600 سئو مان گهٽائي 3100 سئو روپيه في مڻ اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي هڪ هفتي ۾ 500 سئو روپيه في مڻ تي اگهه گهٽائڻ سبب آبادگارن ۽ هارين جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن ڦٽين جي ڪارخانيدارن پاڻ ۾ خفيه گڏجاڻي ڪري اهڙو اگهه مقرر ڪيو آهي جنهن سان آبادگارن کي سخت نقصان رسي رهيو آهي آبادگارن ووئڻن جي فصل تي بج ،ڪلر، ڀاڻ ،پاڻي ،دوائن توڙي ،چونڊي ،ٽريڪٽر سميت ٻيو خرچ ڪرڻ کان پوءِ فصل تيار ٿئي ٿو ته وري اگهه گهٽ هجڻ ڪري ڪيترائي آبادگار فصل تي ڪيل خرچ به نه لهي ۽ آبادگار قرضي بڻجي وڃي ٿو .هن ڏس ۾ آبادگار اڳواڻن عبدالعزيز ڀنڀروڪامريڊ ڪانڊيرو خان ،خدا بخش سهتو ،دين محمد چانگ ،لونگ خان حطار ،حاجي چانگ ،گلزار سهتو ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب جي آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڦٽين جي ڪارخانيدارن هڪ هفتي ۾ ڦٽين جو اگه 500 روپيه گهٽائي 3100 سئو رپيه في مڻ تي خريداري ڪري اسان آبادگارن سان نا انصافي ڪري رهيا آهن هنن چيو ته 3100 سئو رپيه اگهه ملڻ سان آبادگارن جو ووئڻن جي فصل تي ڪيل خرچ به نه ٿو لهي ۽ آبادگار وڌيڪ قرضي بڻجي ويندو هنن چيو ته ڦٽين جو اگهه گهٽ مان گهٽ 4000 هزار روپيه في مڻ ڪيو وڃي هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ،صوبائي وزراعت سهيل انور سيال صوبائي سيڪريٽري زراعت سعيد احمد منڱڻيجو کان مطالبو ڪيو آهي ته ڦٽين جو اگهه 4000 هزار روپيه مقرر ڪري آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button