صالح پٽ

صالح پٽ : سيٺ برج لعل مکي طور چونڊجي چونڊجي ويو

 برج لعل
برج لعل
صالح پٽ هندو پئنچائت جو اجلاس رات دير سان شروع ٿيو جنهن ۾ متفقه راءِ سان ٽائون ڪاميثٽي صالح پٽ جي ڪاونسلر پي پي پي اڳواڻ سيٺ لڏو مل جي ننڊي ڀاءِ سيٺ برج لعل کي مکي چونڊيو ويو ،ڀيرم بادشاهه مندر ۾ شهر جي 131 گھراڻن مان 124 گھراڻن شرڪت ڪئي جن پئنچائت جي رجسٽر تي صحيحون ڪري مکي برج لعل کي چونڊيو ويو جنهن بعد پئچائت طرفان پئچائتي رقم مان نئي چونڊيل مکي لاءِ بوسڪي جو پٽڪو گھرائي پارايو ويو جنهن ۾ پهريو پٽڪي جو ور سيٺ سنتوق مل ،ٺاڪو مل ،مهرو مل.تلسي داس ،اشوڪ ڪمار ۽ ٻين پٽڪي جا ور ڏئي رسمون ادا ڪيون جنهن بعد نئي مکي کان مند ر ۾ قسم ورتو ويو ٻئي طرف اڳوڻي مکي اوڌم مل پئچائت ۾ اچڻ بجاءِ پئچائت جو فيصلو مڃڻ جو اصولي فيصلو ڪندي مقابلي ۾ حصو نه ورتو نئي مکي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته شهر جي مسئلن ڊرينيج ،اسٽريٽ لائيٽ ،پيئڻ لاءِ صاف پاڻي تعليم توڙي صحت جي مسئلن جي فوري حل لاءِ جاکوڙڻ سميت غريبن جي ٻارڙن کي بنا ڪنهن مذهب رنگ نسل جي تعليم ڏيارڻ سميت پئچائت جي ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ فرنٽ لائين تي هوندو جڏهن ته شهرين مکي جي کٽي اچڻ تي جمئي ڏينهن تي ڪارو بار بند رکي خو شي ۾ ريلي ڪڍڻ بعد دريا شاهه تي حاضري ڏئي شهر جي امن امان ملڪ جي خوشحالي لاءِ خاص دعا ئون گھريون ونديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button