ٽيڪس ۽ بجيٽ جو عوام سان ڪهڙو واسطو آهي

حسين جروار
اها هڪڙي مڃيل حقيقت آهي ته حڪمران طبقا، توڙي سگھاريون ڌريون پنهنجي تعليم، ڄاڻ، سياسي ، سماجي

ليکڪ
ليکڪ
طاقت کي هڪڙي هٿيار طور استعمال ڪري غريب طبقي، ان جي اڻ ڄاڻائي، بي علمي ءِ سادگي مان فائدو وٺندي وڏا ڪيا آهن. اهو صرف سنڌي سماج جو الميو ناهي پر پوري دنيا طبقاتي مت ڀيد جي ور چڙهيل آهي تنهن ڪري ٿوري، گھڻي فرق سان هر جاءِ تي اهو طبقاتي اصتحصال ڪر کنيو بيٺو آهي ءِ غربت جي ان چڪي ۾ غريب پيو پيسجي.
اڻ برابري ءِ استحصال جا ڪيئن طريقا آهن، جن مان مارڪيٽ هڪ طريقو آهي، جنهن وسيلي غربت ۾ واڌارو اچي ٿو، مارڪيٽ ميڪينزم تي سڄي عمر بحث ٿيو آهي. دنيا جي اڄوڪي تقسيم ۾ مارڪيٽ جي ڦر مار جو وڏو دخل آهي ، جنهن تي دنيا جي عظيم ڏاهن، ڪارل مارڪس، اينجيلس، لينن، مائوزي تنگ، هوچي منه ۽ کاٻي ڌر جي سمورن انقلابي اڳواڻن، معيشت جي ماهرن، سماجي ءِ سياسي اڳواڻن، دانشورن پئي ڳالهايو آهي. ڪارل مارڪس جي نظرئي موجب، سرمائيدارن پاران منافي جي غير منصفانه تقسيم جنهن کي هو سر پلس ويليو چوي ٿو ذريعي غريب جي پورهئي ءِ محنت جو استحصال ءِ ڦر لٽ ٿئي ٿي. مارڪيٽ اڄ اڳي کان وڌيڪ ظالم ۽ ڦورو ٿي ويئي آهي۽ استحصال جو نظام وڌيڪ طاقتور ٿي ويو آهي.
دنيا اندر ان مارڪيٽ جي ڦر لٽ کان علاوه به ٻيا طريقا آهن، جنهن ذريعي غريبن جو استحصال ۽ ڦرلٽ ٿئي ٿي پران ڦر لٽ کي روڪڻ ، ان تي قانونسازي ڪرڻ سرڪار جو ڪم آهي ته جيئن ان جو فائدو رياست جي سڀني شهرين، طبقن کي هڪجهڙو پوي. سرڪار جو سڄو نظام بظاهر ان جي پارليامينٽ جي وسيلي هلي ٿو، جنهن ۾ عوام جي “نام نهاد“ چونڊيل عوامي نمائيندن وسيلي قانونسازي ڪري ، بنيادي شهري حق جيڪي ملڪ جي آئين ۾ بنيادي شهري حقن جي طور تي مڃيل هوندا آهن موجب هر شهري کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت، مفت تعليم، عزت، جان، مال جو تحفظ، روزگار جي حق سميت ٻيا حق ڏيڻ هوندو آهي. اهي حق تسليم ڪرڻ سان گڏ شهرين تي هڪڙيون ذمويواريون پڻ عائد ٿينديون آهن جن ۾ رياست جي قانونن جي پاسداري ڪرڻ، امن امان ۾ خلل نه وجھڻ، رياست جي سموري ڪار وهنوار کي هلا ئيڻ لاءِ ٽيڪس ڏيڻ وغيره شامل آهي.
اسانجي ملڪ ۾ انهن ٽيڪسن کي گڏ ڪرڻ جو هڪڙو نظام ٺهيل آهي ، جنهن جو پاڙون پڻ عوام دشمن، غريب دشمن ، اڪثريت دشمني تي رکيل آهن. اسان وٽ ٽيڪس آمدني انڪم بيسڊ نه پر ماڻهون جي شين خريدڻ، ڪنزمشن بيسڊ آهي جنهن ڪري غريب کي هر شئي جي خريداري تي ٽيڪس ڏيڻو پوي ٿو جڏهن ته شاهوڪار مختلف طريقن سان پنهجو ٽيڪس بچائي وڃن ٿا. ٽيڪس جو سڄو نظام اڻ سڌين ٽيڪسن وصول ڪرڻ تي آهي جنهن کي ريگريسو ٽيڪس(آڻ سڌا ٽيڪس جيڪي صرف خريداري تي ورتا وڃن) جو نظام ڪوٺيو وڃي ٿو جڏهن ته باقي دنيا اندر اهو پروگريسو نظام ( جنهن ذريعي ماڻهن، ادارن جي سڌي منافي ۽ ڪاروبار جي آمدني تي ٽيڪس ورتا وڃن، (جيڪو جيترو ڪمائي اوترو ٽيڪس ڏي) آهي جنهن ۾ ٽيڪس جو بار سمورن طبقن تي هڪجهڙو نه پر سندن ڪمائي تي ورتو ويندو آهي جيڪو انصاف تي ٻڌل نظام آهي.سڄي دينا اندر ريگريسو ٽيڪسيشن جي خلاف عالمي تحريڪ هلندڙ آهي ءِ سمورن ملڪن 2015 کان 2030 تائين پائيدار ترقي جاجيڪي 17 حدف (سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولس) مقرر ڪيا آهن انهن ۾ ٽيڪس جي نظام جي بهتري جو حدف نمبر 17 به شامل آهي جنهن تحت سمورا ملڪ پهنجن ملڪن اندر مقامي وسيلن جي پيدا ڪرڻ لاءِ ، ٽيڪس جي نظام کي عوام جي گھرجن پٽاندر بنائيندا. ان ڏس ۾ ترقي يافته ملڪ، اسرندڙ ملڪن کي امداد به ڏيندا ته جيئن انهن ملڪن جا پنهنجا سسٽم ان قابل ٿي سگھن جو اهي مقامي وسيلن جي بهتر انداز ۾ پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي وڃن. هاڻي روايتي امدادون، قرض ءِ مدد نه ملندي، سمورن ملڪن اهي امدادون پهنجن ملڪن اندر معاشي بدحالي ۽ بدلجندڙ صورتحال سبب روڪي ڇڏيون آهن. آفريڪا ، لاطيني آمريڪا توڙي ايشيا جي ملڪن پنهنجون غربت کي گھٽائڻ جون حڪمت عمليون جوڙي ورتيون آهن ۽ انهن ۾ مختلف طريقا اپنايا پيا وڃن ته جيئن غربت جي چڪي مان ٻاهر نڪرجي. پوگريسو ٽيڪس نظام انهن سمورن ٽيڪنيڪس مان هڪ اهم ٽيڪنيڪ آهي جيڪي اسرندڙ ملڪ اپنائين پيا.
پاڪستان جي حڪومت به ان عالمي دٻاءُ سبب پهنجي ملڪ ۾ ٽيڪس ريفارمس ڪميشن جوڙيو آهي، جنهن وڏو عرصو غور ڪري مخطلف تجويزون پيش ڪيون آهن جن مان هڪ تجويز پوگريسو ٽيڪس جو نظام آهي جنهن تحت جيڪي شعبا ٽيڪس نظا م کان ٻاهر آهن انهن کي ٽيڪس نظام ۾ شامل ڪرڻ آهي، جيئن زراعت جي شعبي جي آمدني ان کان ٻاهر آهي.ان کان علاه ٽيڪس ڇوٽ( خاص ڪري ٽيڪس ايگزيمشن جي قانون تحت ايس آر اوجاري ڪري ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ) جي تحت ڪافي شعبن، ماڻهن کي ٽيڪس ۾ ڇو ٽ ڏني ٿي وڃي جنهن ڪري ملڪ جي مجموعي قومي آمدني ۾ گھٽتائي اچي ٿي ءِ اهي شعبا به ڪا خاص پرفارمينس نٿا ڏيکارين. دارصل اهو ٽيڪس ڇوٽ جو نظام اميرن جي لاءِ سياسي رشوت طوراستعمال ڪندي ڪجھھ شعبن ۽ سرمائيدارن کي اها ڇوٽ ڏني وڃي ٿي. ٽيڪس ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن اميرن کي ٽيڪس ۾( ٽيڪس ايگزيمشن) ڇوٽ نه ڏني وڃي تي اڻ سڌن ٽيڪسن لڳائيڻ جي ضرورت به نه پوندي. اڻ سڌين ٽيڪسن جي(گيپ) وٿي سڌين ٽيڪسن جي ذريعي پوري ٿي سگھجي ٿي.
ٽيڪس وٺڻ کانپوءِ اڳيون مرحلو اچي ٿو بجيٽ جي تياري جو جنهن ذريعي وفاقي ، صوبائي بجيٽون تيار ٿين ٿيون. بجيٽ جي باري ۾ عوام اندر اها راءِ پيدا ڪئي ويئي آهي ته بجيٽ ٺاهڻ ٽيڪينڪل، پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪم آهي سي اها ٺاهي اسيمبلي جي ذريعي پيش ڪري ان کي منظور ڪندا، عوام جو ان سان ڪهڙو تعلق پر اهو هڪ بنھه سولو ، سمجھھ ۾ ايندڙ سوال آهي جيڪو رياست جو شهري پنهنجي جائز آمدني مان رياست کي ٽيڪس ادا ڪري ٿو سو بدلي ۾ رياست کان ان ٽيڪس جي مد ۾ اها تقاضا به ڪندو ته ان جي بنيادي ضرورتن کي رياست پورو ڪري. شهري ٽيڪس ته رياست کي ڏين پر بدلي ۾ تعليم، صحت، روزگار، تحفظ، پاڻي وغيره سڀ انساني ضرورت جون شيون پرائيويٽ سيڪٽر کان وٺن اها ڳالھه شهرين ءِ رياست جي وچ ۾ دوريون پيدا ڪندي. ان ڪري بجيٽ ميڪنگ جي سموري عمل ۾ هر شهري جي شرڪت ان ڳالھه کي يقيني بنائيندي ته شهرين جي هر طبقي جون ضرورتون ان بجيٽ جي ڊاڪيومينٽ ۾ شامل هجڻ گھرجن . ٻيو ته بجيٽ کي صرف آمدني ۽ خرچن جي پس منظر ۾ ڏٺو ٿو وڃي پر ايئن ناهي. بجيٽ دراصل ڪنهن حڪومت جي پوليٽيڪل ڪمٽمينٽ جو اهو دستاويز آهي جيڪو ٻڌائي ٿو حڪومت وقت ڪهڙن ڪهڙن شعبن کي اوليت جي بنياد تي رکي ٿي انهن جي ترقي چاهي ٿي، ڪهڙا شعبا ان خاص سال ۾ بجيٽ جي رقم ذريعي ترقي جي منزلن طرف روانا ٿيندا. اڪثر اليڪشن دوران سياسي پارٽيون وڏا نعرا هڻي ماڻهن کان ووٽ وٺن ٿيون ته جي سندن پارٽي حڪومت ۾ آئي ته اها اوهان جي مسئلن کي حل ڪندي، تعليم کي بهتر ڪيو ويندو، صحت جي شعبي جي ترقي لاٰءِ ڪم ڪيو ويندو. انهن سمورن وعدن کي جانچڻ، پرکڻ جو هڪئي ماپو آهي ته وقت جي سرڪارپهنجي گذريل اليڪشن مهم دوارن جيڪو اليڪشني منشور پيش ڪيو هيو ۽ دعوائون ڪيون هيون ته جڏهن اهي اقتدار ۾ ايندا ته هي هي شيون ڪندا، ته انهن هن مخصوص سال ۾ ان شعبي جي ترقي لاءِ گھڻي رقم مختص ڪئي آهي.
ان سموري بجيٽ ٺاهڻ جي قصي ۾ عوام بنھه ٻاهر هوندو آهي، انهن کي بجيٽ ٺاهڻ جي پراسيز ۾ ڪڏهن به شامل نه ڪيو ويندو آهي. ايتري تائين جو جڏهن بجيٽ جي ڪال ڏني ويندي ان قوت ان جي پراسيز ۾ اهو لکيو ويندو آهي ته شهرين ، توڙي ٻين سول سوسائيٽي، بزنس ڪميونٽي کان تجويزون گھريون وينديون پر عملن اسان وٽ صرف بزنس ڪميونٽي اها ڪميونٽي آهي جيڪا بجيٽ جي پراسيز تي پورو اثرانداز ٿيندي پنهجي مفاد جا فيصلا ڪرايئڻ ۾ ڪامياب ٿيندي آهي . اسان وٽ سنڌ ۾ وڏي کوٽ اها آهي جو سول سوسائٽي جون تنظيمون ايتريون طاقتور آهن جو اهي بجيٽ ميڪنگ جي پراسيز تي اثرانداز ٿي سگھن ، نه وري انهن منجھھ اهڙن سيريس مسئلن تي ڪم ڪرڻ جو ٽائيم ءِ اوليتون آهن جو ههڙن ٽيڪنيڪل پر انتهائي اهم مسئلن تي نوجوانن جا ڪي گروپ تيار ڪري سگھن، انهن جي رهنمائي ڪري سگھن. ٻي پاسي اسانجي قومپرست سياسي پارٽين منجھھ به هاڻي اهو فقدان پيو ٿيندو وڃي ته اهي پنهجن ڪارڪنن جي اهڙي تربيت نٿيون ڪن جو اهي ههڙن مسئلن تي عوام جي رهمنائي ڪري ضلعي سطح تي ٺهندڙ بجيٽ تي اثر انداز ٿي گھٽ ۾ گھٽ پهنجي پهنجي علائقي ، ڳو ٺ جون اسڪيمون بجيٽ پروپوزل جو حصو بنائين، ان لاءِ هنن کي اي پي اي، ايم اين اي جي پويان اجايا ڌڪا کائيڻ لاءِ مجبور نه ٿيڻو پوي.اهو ممڪن آهي جيڪڏهن سول سوسائٽي پنهجي ڪم جي طريقي ۾ تبديلي آڻي، عوام منجھان ، نوجوانن ، سياسي، سماجي ڪارڪنن جي هڪڙي کيپ تيار ڪجي ، جيڪا بجيٽ ميڪنگ جي سڄي عمل کان بنھه واقف هجي ۽ مقامي طور تي ان عمل ۾ ماڻهن کي شامل ڪري سرڪاري اسڪيمن تي اي پي ايم از ۽ ايم اين ايز جي پٺيان ذليل ٿيڻ کان بچائي سگھن ٿا. ماڻهون پهنجن علائيقن جون اسڪيمون وٺڻ لاءِ هنن وڏيرن وٽ يرغمال ٿيل آهن. هن قسم جا ڪيئن اهڙا مثال نيپال، انڊيا ءِ ٻين ملڪن ۾ ڏسي سگھجن ٿا . نه صرف ايترو پر هاڻي ڄاڻ جي بنيادي حق واري قانون جي اچڻ کانپو شهري پنهجي پهنجي ڳوٺ ، علائقي جي ايندڙ اسڪيمن جي معلومات وٺي ان جي سوشل آڊٽ به ڪري سگھن ٿا، اهو جانچي سگھن ٿا ته ان خاص اسڪيم لاءِ ڪيترا پيسا آيا،ٺيڪو ڪهڙي بنياد تي ڪنهن کي مليو وغيره وغيره. هي هڪڙو اهم مسئلو آهي جنهن تي سڄي سول سوسائٽي، سياسي پارٽين، ميڊيا جي ادارن کي با خبر ٿيڻو پوندو.پنهجي ڄاڻ ، معلومات جي بنياد تي، موجود قانونن، موقعن جو مڪمل فائدو وٺندي سنڌ کي هن جهنم جي جهان مان آجو ڪرائي سگھجي ٿو.