انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالھه آهي

حسين جروار

حسين جروار
ليکڪ
سنڌ ويجھڙ جي تاريخ ۾ جيڪي يگانا اديب، ارڏا شاعر، بي باڪ صحافي، بي بها ڪلاڪار۽ موسيقي جي فن جا ماهر پيدا ڪيا آهن انهن سڀني ۾ سنڌ جو ناميارو صحافي، ناٽڪ نويس، اديب،ليکڪ ۽ شاعر شمشيرالحيدري انتهائي اهم مقام رکي ٿو. اسان وٽ ٿلهي ليکي ليکڪن ، اديبن، دانشورن، صحافين جون ٻه مختلف ڌارائون آهن. هڪڙا اهي جن شاعري ، ادب، صحافت کي پنهجن اهنجن سورن، احساسن، اڌمن، ڪيفيتن جي اظهار جو نمونو بنايو، اهي اديب، شاعر به عوام ۾ مقبول رهيا، موٽ انهن کي به ملي ۽ سندن پورهئي جي پذيرائي ڪئي ويئي . پر اديبن ليکڪن، شاعرن، صحافين، فنڪارن جو هڪڙو ٻيو به يگانو، البيلو ، عاشق قبيلو آهي جنهن نه رڳو پنهجي قلم ذريعي پنهجي اندر جي اڌمن، احساسن، ڪيفيتن، جذبن سان عشق کي امام ڪيو پر گڏوگڏ هن سماج ۾ موجود غريب ۽ محڪوم ماڻهن جي اڌمن، تڪليفن اهنجن، اذيتن ۽ پيڙائن کي پنهجي قلم جي نوڪ ذريعي ايئن آڳ بنايو جو اهي ليک، انهن جي قلم جي تک، سندن ذهنن جو اوتيل سچ، آڳ جا الا بنجي طاقت جي خونخوار بد مست ايوانن ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيا
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن تون هيڻوا آ هٿيارن (شيخ اياز)
۽ اهي ڪلاڪار وقت جي حاڪمن ، فرعون صفت بد مست هاٿين هٿان جبر ۽ تشدد جو نشانو به بڻيا.ايئن اسانجن انهن ڪلاڪارن جا ڏينهن ۽ راتيون ڪال ڪوٺڙين جي عقوبتن ۾ به گذريا. جي ڪي سلاخن جي ڪاڪل جا قيدي نه ٿيا ته به انهن کي پنهجي عام زندگي ۾ ، پنهجي پروفيشنل، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن مان تڙيو ويو ۽ انهن سان تعديو ن ڪيو ويون. سنڌ کي پنهجن انهن ارڏن پٽن تي سدا ناز آهي جيڪي سچ جو تاج پنهنجي سر تي سجائي نه سرڪار جي سازشن کان ڊنا، نه ڪنهن لالچ لوڀ ۽ موه کان هرکيا، نه پنهنجا پير پٽتي ڪري خدا جي خلق کان ڌار ٿي بيٺا . شيخ اياز، ابراهيم منشي، رشيد ڀٽي، آڪاش انصاري، طارق اشرف، علي بابا، شمشيرالحيدري، استاد بخاري، زاهد شيخ انهن چند ماڻهن منجھان آهن جن جي، لکڻين، شاعري تي پابندي لڳي، جن مان ڪن کي سلاخن جي پٺيان گذارڻو پيو، جن جا رسالا ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا ۽ انهن جيڪو لکيو ان جي لفظ لفظ جي سزا طور انهن کي ڀوڳڻو پيو. آئون ان قطار ۾ الاهي ڇو گھڻن کي نٿو بيهاري سگھان جيتوڻيڪ انهن به سٺي شاعري، ادب ضرور خلقيو هوندو. انهن جي لکڻين منجھھ به سگھھ هوندي، سماج جا ڪجھھ حصا ضرور انهن کان به متاثر ٿيا هوندا پر هنن جو مقام ۽ رتبوئي ڪجھھ اوور آهي،
“مٽي ان خمير اصل هئي ايتري”
جن ماڻهن سان گڏ پنهجي زندگي جوهر لمحو گذاريو، ڀوڳنائن ۽ پيڙائين جي پلصراطن کي پار ڪيو، سندن خاندانن کي سچ جي پاسي بيهڻ جي سزا ملي، جن وطن ، پورهيت، غريب، ڌرتي جي عظمت جا علم بلند ڪيا.
اسانجي دور جو انهتائي سريلو،نهٺو، خوددار ماڻهو، عوام دوست شاعر، صحافي، ليکڪ سائين شمشيرالحيدري به انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن منجھان هيو جنهن جو قلم صرف پنهجي اندر جي احساسن جي تسبيح ڦيرڻ جي ڪڍ ن هيو پر هن جي سگھاري قلم جي نوڪ جا مڻيا سنڌ جي نماڻن، بي پهچ، مظلوم خلق جي سورن ۽ دردن جووظيفو ڪڍندا رهيا. هن جي قلم رڳو رواجي شاعرن ۽ اديبن وانگرپنهنجي آڱرين سان محبوب جا وار ڪونه ٿي سنواريا، ان جي بدن جي بيهڪ ڪونه ٿي بيان ڪئي، سراسر جنسي عمل ، ان جي پر ڪيف موضوعن تي مانڊاڻ ڪونه ٿي مچايو، رڳو پيار جو انفرادي باغ ڪونه ٿي آباد ڪيو پر ان موضوع جي فطري گهرائي ۽ لطيف ٻولي سان سڀ ڪجھھ بيان ڪرڻ سان گڏ هن جي قلم جي نوڪ، ذهن جي توانائين، سوچ جي ستن آسمانن ، احساس جي اڻت منجھان پورهيت جي محنت جي عظمت، غربت جي چڪي ۾ پيسجندڙ ان عورت کي به موضوع بنايو جنهن جا ٻار بنا ماني جي پيٽ بکيا ستا ٿي، جنهن هاري جي پيڙا کي پنهنجي شاعري جي ڪينواس تي ايئين ٿي چٽيو جو سندس قلم سان ظلم جا ڪوٽ ٿي ڪنبيا ، رياست جي وحشي تشدد جو شڪار ٿيندڙ هر ماڻهو ۽ اداري کي هن پهنجي حساب سان شاعري جي سجدي ۾ جڳھه ڏني. هن روح جي اٿاه گھرائين مان دنيا جي توڙي اسانجي ڌرتي جي جوڌن جوانن جي جدوجهد کي سلام ٿي پيش ڪيو، سماجي اڻ برابري جي موضوعن تي لکندي ” معزز حسن بانو” جهڙا شاهڪار نظم لکي ورتا. سندس شاعري جا موضوع سماج جي هرحصي پر خاص طرح پيڙهيل طبقي ۽ پرت جي ترجماني ڪن ٿا. هن جي قلم ڪڏهن به حاڪمن جي سرخروئي لاءِ ساراه ۽ تعريف جا ڍڪ ڪونه ٿي ڀريا ۽ پنهنجا خصيص ذاتي ۽ معاشي مفاد(جيڪي هر ڪنهن کي ڏاڍو عزيز هوندا آهن) ميڙڻ لاءِ چمچاگيري جون الٽيون ڪونه ٿي ڪيون. هو ته هميشه هيڻن ، ڪريلين، مظلومن جن کي خلق خدا چيو وڃي ٿو جو ٻانهن ٻيلي ۽ ڀرجھلو ٿي بيٺل رهيو ۽ پنهنجي ضمير ۽ عشق کي ڪڏهن به داغدار ٿيڻ نه ڏنو. نت اسان هتي الائي ڇا ڇا ٿيندي ڏٺو آهي جو اديب، صحافي شاعر، قلمڪار سرڪار ۽ غير سرڪار وٽ پنهنجي قلم ، علم، تقدس، وقار جي چادر کي هٽائي پنهنجي حصي جو لاڳ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وٺندا رهيا آهن .
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين، سر عام هر بات چوندا رهياسين
اوهان ڪيتروئي دٻايو ڌتاريو، اسان رات کي رات چوندا رهياسين.
شمشيرالحيدري
شمشيرالحيدري
سندس نظم پڙاڏو سوئي سڏ جيڪو هن 1959 ۾ لکيو هيو تنهن ۾ هو ڪمال فن بيان سان سماج جي غاصب ۽ ڦورو طبقن ۽ طاقتن سان مخاطب ٿيو آهي، کين للڪاريو آهي ۽ پنهجي باغي هجڻ جو اعلان ڪيو آهي.سندس ان شعر جو عنوان آهي “مان ئي ملحد آهيان”.
اول آخر، ظاهر آهيان، سنڌ وطن جو ڏاهر آهيان
چارڻ بنجي چنگ وڄايان ڀنڀٽ باه پيو ڀڙڪايان
ظلم ذلالت، لعنت لاهيان، شيخي پيري ڍينگو ڊاهيان
ماڻهو ليکي شاعر آهيان پوءِ به الاهي ڇا ڇا آهيان
سندس شعر جي سٽ سٽ ۾ ڏاڍ ۽ جبر جي قوتن خلاف برملا اعلان جنگ آهي جنهن ۾ هو ڏاهر بنجي ٿو، چارڻ بنجي باه جا ڀنڀٽ پيو ٻاري ۽ باغي بڻجي ويڙه جا علم بلند پيو ڪري.
سندس نظم “تهذيب دشمن” به ڪمال جو فني، فڪري، احساساتي شاهڪار آهي جنهن ۾ هن موهن جي دڙي جي نرتڪي جي روپ ۾ لٽنجدڙ سنڌ جو نقشو چٽيو ٿو ۽ تمثيلي انداز ۾ سنڌ ڌرتي جي مٿان تاريخ جي جبر کي ڦوليندي، تهذيب دشمن ،مڪروھ سوچ رکندڙ ٽولن جا حسب، نسب ويٺو ڏسي.
مان ته آهيان مهين جي دڙي جي نرتڪي،
جنهن سوين بار هن سک نگر جي دٻيل
کنڊرن جي مٿان، ڳوٺ ٺهندي ڏٺا، ڳوٺ ڊهندي ڏٺا،
ڪير ايندا رهيا، ڪير ڏيندا رهيا
هر دفعي ڳوٺ کي چوچڙي،
مان جڳن کان انهن جي اري ۽ پري کي سڃاڻان
هو دهشت جا باني، مباني، هي شيطان ثاني،
هي تهذيب دشمن آهن نڀاڳا
مهين جي زماني کان سنڌو ڪنارن جي
تهذيب جي سڙن پوسرن ٿا.
هي نظم ان پس منظر ۾ لکيل آهي جڏهن سنڌ جي شهرن، سنڌي زبان، سنڌي ثقافت تي حملا ٿين ٿا تڏهن هن ڌرتي جي مٿير مڙس جو قلم پنهجي جنبش ۾ اچي ٿو ۽ انهن تهذيب دشمن قوتن کي وڏي واڪ اهو ٻڌائي ٿو ته توهان جو حسب نسب ڇا آهي. هو نشاندهي ڪري ٿو ته هي تهذيب دشمن ڪير آهن، جيڪي سنڌ جي زبان، ان جي ثقافت، ان جي صوفي منش ڪردار تي ائين وار ڪن ٿا. ان دور جو ادب، شاعري، آرٽ سڀ هڪ ٻي سان سلهاڙيل نظر ٿا اچن. ادب وطن جي مورچي جو رکوال ٿيندي نظر اچي ٿو، ان جو تعلق ماڻهن ، وطن، ان جي حقن جي جدوجهد سان هيو. شاعري اڄوڪي دور وانگر رڳو ڪن انفرادي موضوعن جي هنج ۾ ستل نظر نٿي آئي. اديب، سياستدان، شاعر، صحافي سڀ قومي نقطن تي يڪ جان ۽ هم زبان نظر ايندا هيا. اهوئي سبب هوجو سنڌ جي سياسي طرح با شعور هجڻ جو دعوائون ٻڌبيون هيون. سنڌ اڄ اهوسجاڳي جو سونهري دور، اتساه ڏيندڙ انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري ، عوامي ادب، ترقي پسند،قوم دوست، عوام دوست، طبقاتي سياست۽ سماج جا شاندار اجتماعي قدر ڏيئا کڻي ڳولي رهي آهي.سنڌ جا اڄ رڳو روڊ ۽ رستا اڍڙيل ناهن پر ماڻهن جون مرڪون، ويساه، دلڙيون، اميدن جا چراغ، آسرا،اتساه، خوشيون، درد، سونهن، سڪ، پيار ، محبت،ميلا،ملاقاتون، گڏاپ، ذهن جو روشنيون ۽ ضمير به زنگجي، رڃ، بر پٽ ۽ صحرا جهڙو ڏيک ڏيئي رهيا آهن ۽ انهن جا اجتماعي بکيا اڍڙيا پيا آهن.
سندس هڪ نظم مشورا به هڪ بهترين نظم آهي جنهن ۾ نه ر ڳو پيار ۽ پريت جي تصورن پر سماج ۾ موجود هيڻن ، پيٽ بکين، ڪپڙا ڦاٽل نماڻن انسانن جي احساسن جو زڪر به ڀرپور نموني ڪيو آهي.
“چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھھ نه ڪر،
ته تون پنهجي حسن دور روزه تي نازان نه ٿي،
جواني جي دولت تي شادان نه ٿي.
اي مهربان منهجي ميرن ۽ ڦاٽل بوسيده ڪپڙن ۽
دامن جي چتين تي نفرت جون نظرون سڃيندو نه ڪر
غريبن جي صورت ۽ حالت تي پنهجي تبسم جا طعنا تڇيندو نه ڪر
محبت جو منهڙو مٽيندو نه ڪر ، چوي ڪير ٿو تون ڪجھھ نه ڪر”
سندس نظم الوداع هڪ شاهڪار نظم آهي ، هي طويل نظم آهي جنهن ۾ ڄڻ ته زندگي جو سمورو سفر، ان جو حاصل ۽ لا حاصل ، ان جون رنگينيون ۽ حسناڪيون، ان جا ميلاپ ۽ جدايون، وفائن جا پيمانا، سڀ ڪجھھ هجڻ ، سڀ ڪجھھ هليو وڃڻ جو احساس موجود آهي. اهو نظم پنهجي اندر هڪڙي اداسي ۽ ڏک واري ڪيفيت ۾ لکيو ويو آهي پر ان ۾ زندگي جا سمورا ست رنگي منظر ۽ ان جو ترنم موجود آهي. جنهن کي توهان ڳولهي سگھو ٿا. نظم جي ٻولي شاعري جو هڪڙو شاهڪار آهي. جيڪو پڙهندي اڄوڪي زماني جي شاعري جي فڪري سگھھ ۽ ٻولي جي زوال کي بخوبي پرکي سگھجي ٿو. ان جي فني پاسن تي اسان نٿا وڃون جو شايد ان جي فني پاسن تي جيڪي بهتر سمجھن ٿا اهي ڳالهائين پر هڪڙي پڙهندڙ جي حيثيت ۾ هن جي شاعري جو جادو اسان جي دلين کي موهي ٿو.
۽ وري ٻڌ اي معزز حسن بانو
ڪهڙا ڪهڙا مون وکر آهن وهايا بي مثل
علم جا مشعل، عمل جون دوربينيون ۽ عقل جون شطرنجون
سوچ جا سنگا، انهن اندر خيالن جي عطر،ساتر ٻڙا
حوصلن جون دٻليون ۽ خوداعتمادي جا ٻٽوئنڙا،
عزم جا گلدان ۽ همت جا دنگ
جن ۾ احساسن جو انبر، مشڪ جذبن جي ۽ يادن جا گلاب
۽ وري ڇا ڇا نه ورڇيو، هاءَ ڪيڏا ورهيه گذريا هتي
پيرن جي کڙڪي جي ڪڏهن ڪل ئي نه پئي
ڄڻ ته ڪلهي هن حويلي اچي ترسيو هوس.
سندس شاعري ۾ زندگي جا سمورا رنگ سمايل آهن جيڪي سماج ۾ انسان کي سوچڻ جي دعوت ڏين ٿا. جيڪي انساني دلين جي گھرائي ۾ گھر ڪري ويٺل آهن، جن ۾ زندگي جون معصوم ڪليون ۽ سونا روپا رنگ آهن. ڪائنات جو ڪوڙين ڪهڪشائون آهن، بارشن جي ڀڄ آهي، سونهن جو سودو آهي، پيار جو وکر آهي، اکين جا ارمان آهن، دلين جون ڌڙڪنون آهن، انتظار ۽ اوسيئڙي جي آڳ آهي،من جو موھه آهي، محبت جي مي آهي، اداس شامون آهن، راتين جا رساما آهن، پرين جا پيچ آهن، ڪوڙ سان نفرت ۽ ظلم سان جنگ جا طبل آهن، ڌرتي جو اڻ لکو پيار آهي، پورهيت جي عظمت آهي، عورتن سان سماجي اڻ برابري تي احتجاج آهي مطلب ته پوري دنيا جا انڊ ليٺي رنگ ۽ ڍنگ آهن جيڪي شمشيرپنهنجي جاڳندڙ ضمير ۽ با شعور ذهن جي پورهئي وسيلي شاعري جي چيڪي مٽي ڳوهي ان مان درد جا پنوڙا جوڙيا آهن. اڄ شمشيرالحيدري جي ورسي آهي سندس علمي پورهيو، شاندار ڊراما، ڪالم، مضمون، شاعري، صحافتي ڪم سڀ وڏو سرمايو آهن، جيڪي اسان کي ياد ڏياريندا رهندا ت شمشير ڪيڏو وڏو ماڻهو هيو.
اسين حال هيڻان اوهان جي خدائي وڏي ڳالھه آهي
هلي پيئي اڃان زندگي جي لڙائي وڏي ڳالھه آهي
انڌيرن ۾ پلجي پيئي روشنائي وڏي ڳالھه آهي
اڃان وقت کي پئي ڳولي سچائي وڏي ڳالھه آهي