زراعت

ٽنڊوڄام: سنڌ ۾ پاڻي جي سطح هيٺ ٿي وڃڻ ۽ سوائل ۾ پيدواري صلاحيت گهٽجڻ جهڙا مختلف مسئلا درپيش آهن

ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سوائل سائنسز شعبي ۾ Tandojam SAU Photo 1.9.2016 (1)مون سون جي موسم جي مناسبت سان شعبي جي پارڪ ۾ ٻوٽو پوکيو، ڊاڪٽر صحرائي سوائل سائنسز شعبي جي دوري دوران ٻوٽو هنيو ۽ دعا گهري، ان وقعي تي هن ٻين شعبن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته هو به پنهنجي شعبن جي ارد گرد گهڻي کان گهڻا ٻوٽا پوکين، ان موقعي تي وائيس چانسلر کي سوائل سائنسز شعبي ۾ مٽي ۽ پاڻي بابت مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جتي کيس ڄاڻ ڏيندي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر ٻڌايو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سطح هيٺ ٿي وڃڻ ۽ سوائل ۾ پيدواري صلاحيت گهٽجڻ جهڙا مختلف مسئلا درپيش آهن ۽ خاص طور مٺي پاڻي جي ذخيرن کي گهٽجڻ سبب سخت ڳڻي جهڙو ماحول آهي، ان ڪري اسان جو شعبو شاگردن کي ان بابت نه صرف گريجوئيشن ڪرائي رهيو آهي، پر هتي پوسٽ گريجوئيشن ۾ به شاگردن جي تمام گهڻي دلچسپي آهي، ان موقعي تي ڊين ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، ڊاڪٽر ضياء الحسن شاهه، ڊاڪٽر الهه وڌايو گانداهي، ڊاڪٽر نورالنساءِ ميمڻ، ڊاڪٽر شوڪت ابڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي وائيس چانسلر کي مختلف لوڻياٺي، زمين يا پاڻي تي پيداوار ۽ ٻين تجرباتي مرڪزن جو دورو ڪرايو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button