سکر

سکر: موٽر وي پوليس طرفان مينارا روڊ کان پريس ڪلب تائين روڊ سيفٽي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

موٽر وي پوليس طرفان مينارا روڊ کان پريس ڪلب تائين روڊ سيفٽي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو
موٽر وي پوليس طرفان مينارا روڊ کان پريس ڪلب تائين روڊ سيفٽي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو
آءِ جي موٽر وي شوڪت حيات خان ۽ ڊي آءِ جي ولي الله جي خاص هدايتن بعد سکر شهر ۾ موٽر وي پوليس طرفان مينارا روڊ کان پريس ڪلب تائين روڊ سيفٽي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي ايس پي موٽر وي رائو عامر علي ڪئي، واڪ ۾ سول سوسائيٽي، ڊرائيورن، موٽروي پوليس جي اهلڪارن سميت اسڪول جي ٻارن وڏي انگ ۾شر ڪت ڪئي. روڊ سيفٽي واڪ جو مقصد ماڻهن ۾ ٽريفڪ قانون بابت اهميت ۽ ٽريفڪ حادثن ۾ گهٽتائي جي لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ هو. ان موقعي تي ايس پي موٽر وي رائو عامر علي خطاب ڪندي چيوته موٽر وي پوليس روڊ حادثن کي گهٽائڻ ۽ ٽريفڪ قانون کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجو خدمتون پيش ڪري رهي آهي، هن چيو ته روڊ حادثن جو بنيادي ڪارڻ ٽريفڪ قانون تي عمل نه ڪرڻ هو، جنهن سبب خطرناڪ حادثا جنم وٺندا آهن، ان ڏس ۾ موٽر وي پوليس طرفان پروگرام ڪوٺايا پيا وڃن جن ذريعي عام ماڻهن کي ٽريفڪ قانون کي سمجهڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. جڏهن ته شهرين موٽر وي پوليس طرفان روڊ سيفٽي واڪ کي سارهائيندي موٽر وي پوليس جي تعريف ڪئي. روڊ سيفٽي واڪ جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن ۾ انعام ۽ کاڌي پيتي جون شيون پڻ ورهايون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button