پرڏيھي خبرون

سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، حج 11 سيپٽمبر ۽ عيد الاضحيٰ 12 سيپٽمبر تي ٿيندي

رياض: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، اهڙيءَ طرح هاڻي سعودي عرب ۾ حج 11 سيپٽمبر آچر جي ڏينهن ۽ عيد الاضحيٰ 12 سيپٽمبر سومر جي ڏينهن ٿيندي. رپورٽن موجب سعودي عرب ۾ چنڊ ڏسڻ جي لاءِ سعودي ڪائونسل جي گڏجاڻي ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهي، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪنهن هنڌ تان چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي نه ملي سگھي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان بابت سرڪاري طور ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو پر هي اعلان جلد ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button