خيرپور

خيرپور: پوليس پاران 5 جوابدارن جي گرفتار ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

پوليس پاران 5 جوابدارن جي گرفتار ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ  جي دعويٰ
پوليس پاران 5 جوابدارن جي گرفتار ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
ايس پي خيرپور عبدالله احمديار پريس ڪانفرنس ڪري 5 جوابدارن جي گرفتار ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، جڏهن ته پريس ڪانفرنس بعد گرفتار علي گوهي شيخ جون پوليس خلاف دانهون، گڏهه گاڏو هلائي خيرپور شهر ۾ پورهيو ڪندو آهيان، پوليس گڏهه گاڏو به ڪاهي وئي آهي ۽ ٻه معصوم پٽ به گرفتار ڪري وئي آهي، ڏوهاري ناهيان. خبر موجب خميس جي ڏينهن ايس پي خيرپور عبدالله احمديار پنهنجي آفيس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته سي آءِ اي پوليس پير منڱيو ڀرسان وڏو پوليس مقابلو ڪري ٻن بدنام ڏوهارين علي گوهر ولد عمر شيخ، سعيد عرف بٽڻ ولد نواب شيخ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، علي گوهر جي قبضي مان هڪ رائفل ۽ سعيد شيخ جي قبضي مان هڪ رپيٽر هٿ ڪيو آهي، علي گوهر شيخ 20-12-2012 صادق ڪلهوڙو پوليس حد ۾ پوليس سان مقابلو ڪري هڪ پوليس اهلڪار بشير احمد ڄامڙو، ٻن انفارمرن صوبل ملاح ۽ گل محمد ملاح کي ماريو هو جنهن تي صادق ڪلهوڙو ٿاڻي تي پڻ ڪيس داخل ٿيل آهي، جڏهن ته اي سيڪشن پوليس نويدا چانڊيو کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيو آهي اهڙي طرح پريالوء پوليس هڪ اشتهاري مجرم عنايت الله نوحاڻي کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي قبضي مان به پسٽل هٿ ڪيو آهي جوابدار 2015 ۾ مسمات بي بي مريم خاتون کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته پير ڳوٺ پوليس محمد مراد خروس کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي آهي، پريس ڪانفرنس کان بعد گرفتار علي گوهر شيخ اخبار وارن آڏو دانهيندي چيو ته مان نه ڏوهاري آهيان، نه ڏوهارين جو يار آهيان، خيرپور شهر جي ربو واري کڏ واري ڳوٺ ۾ رهندو آهي ۽ خيرپور شهر ۾ گڏهه گاڏو هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڻ جو پيٽ پاليندو آهيان، پوليس بيگناهه مون کي گرفتار ڪري ٽن قتلن ۾ ڦاسائي رهي آهي پوليس پنهنجا ٻه معصوم پٽ عرفان شيخ جنهن جي عمر 10 سال ۽ فريد شيخ جنهن جي عمر 11 سال آهي انهن کي به گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوليس منهنجو گڏهه سميت گاڏو به ڪاهي وئي آهي، اعليٰ عدالتون جاچ ڪرائي مون کي انصاف ڏين ۽ مون سميت منهنجا معصوم پٽ آزاد ڪيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button