خيرپور

ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ملڪ سان محبت کي ثابت ڪرڻو پوندو، مولا بخش چانڊيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

 جيم خانه ڪلب ۾ خيرپور پريس ڪلب جي نئي چونڊيل ڪابينه جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب
جيم خانه ڪلب ۾ خيرپور پريس ڪلب جي نئي چونڊيل ڪابينه جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب
وڏي وزير سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صلاح ڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مفاهمت جمهوريت سان گنڊيل آهي جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي پ پ حمايت ڪونهن ڪندي پ پ غير جمهوري روايتن جي ڪڏهن به حمايت نه ڪئي آهي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ملڪ سان محبت کي ثابت ڪرڻو پوندو. هن اهڙو اظهار خيرپور جيم خانه ڪلب ۾ خيرپور پريس ڪلب جي نئي چونڊيل ڪابينه جي حلف برداري واري تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقع تي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير خوراڪ نثار احمد کهڙو، راشد رباني، ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، حاجي نواب خان وساڻ، سيد جاويد علي شاهه جيلاني، ايم پي اي نعيم احمد کرل، غزاله سيال، سيد امجد علي شاهه جيلاني، اعجاز بگهيو، لالا عبدالغفار شيخ، خيرپور بار جي صدر شفقت مهيسر، مظهر خان، لالا اسد پٺاڻ ۽ ٻيا سماجي ، سياسي اڳواڻ، وڪيل، صحافي، ڊاڪٽرز موجود هئا. مولا بخش چانڊيو چيو ته جڏهن پيپلز پارٽي جو چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو دورو ڪندو ته جمهوريت جي دشمنن جي ننڊ حرام ٿي ويندي پيپلز پارٽي وفاق ،عوام ۽ شهيدن جي پارٽي آهي اسان شهيد ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي تي هلي رهيا آهيون سنڌ جي تقسيم ۾ وڏي رڪاوٽ پيپلز پارٽي آهي پاڪستان پيپلز پارٽي قيامت تائين ختم نه ٿيندي. ان موقعي تي صوبائي وزير خوراڪ نثار احمد کهڙو چيو ته جيڪڏهن عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ وفاق حڪومت جا ڪرتوت اهڙا هوندا ته عوام روڊن تي نڪرندي پاناما ليڪس تي پ پ ٽي او آر جي سلسلو شروع ڪرايو حڪمرانن مٿان بين الاقوامي سطح تي سواليو نشان لڳي چڪو آهي انهن کي جواب ڏيڻو پوندوهن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عوام ۽ آئين جي طاقت سڀنين کان مٿائون آهي جمهوريت کي نقصان ٿي رهيو آهي ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه پريس ڪلب خيرپور جي نئي چونڊيل ڪابينه جي صدر خان محمد خان ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي سهڪار جو يقيڻ ڏياريو. ان کان اڳ سکر جي سينئر صحافي لالا اسد پٺاڻ پريس ڪلب خيرپور جي نئي چونڊيل ڪابينه جي صدر خان محمد خان ، جنرل سيڪريٽري سيد عبيد شاهه ۽ ٻين کي حلف کڻايو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button