ھنڱورجا

پي پي ھروقت غريب عوام سان گڏ هوندي آهي، صوبائي اڳواڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
مخالف موسمي ڏيڏرن جيئان ٻرن ۾ لڪل آهن ، جڏهن سياسي وايو تبديل ٿيندو آهي تڏهن هو ٻرن مان نڪرندا آهن ، پي پي واحد پارٽي آهي جيڪا هر وقت غريب عوام سان گڏ هوندي آهي اهڙو اظهار پي پي جي صوبائي اڳواڻ سيد فهد علي شاهه هنڱورجا ، رسول آباد جي مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته پي پي واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا عوام جي امنگن تي پوري لهندي آهي هميشه عوامي سياست تي يقين رکندي آهي هن چيو ته اڄ به پي پي جا اڳواڻ عوام جي دلين ۾ ويٺل آهن پر مخالف هن وقت موسمي ڏيڏرن جيئان پنهنجي پنهنجي تڪن مان ئي گم آهن اهي تڏهن ئي ٻرن مان نڪرندا جڏهن وري اليڪشن ٿيندي هن چيو ته ضلع خيرپور جو چيئر مين اهو ٿيندو جنهن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي هن چيو ته پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي اهو سڀني کي قبول هوندو هن چيو ته جيڪڏهن پارٽي ڊسٽرڪٽ جي ذميواري ڏني ته اها قبول ڪئي ويندي ۽ ضلع خيرپور جي عوام جي اعتماد تي پورو لهنداسين هن چيو ته نوازليگ حڪومت عوامي امنگن تي پوري ناهي لٿي انهن صرف ۽ صرف ملڪي ناڻي کي لٽي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجا اساسا جمع ڪيا آهن پانامه ليڪس کان پوءِ نواز حڪومت کي رهڻ جو ڪوبه حق ناهي ان موقعي تي هن سان گڏ حاجي شمس لاشاري ، امير علي خاصخيلي ، عباس راڄپر ۽ ٻيا گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button