فن ۽ فنڪار

سنڌ جو نالي وارو ڪلاسيڪل راڳي گجڻ فقير اوڏ لاڏاڻو ڪري ويو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
Gajjanسنڌ جو نالي وارو ڪلاسيڪل راڳي گجڻ فقير اوڏ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 75 سالن جي ڄمار ۾ حيدر آباد جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ، گجڻ اوڏ سنڌ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن کان سواءِ آل انڊيا ريڊيو تي پڻ ڪيترائي مشهور ڪلام ڳايا ، گجڻ اوڏ فنڪار کانسواءِ وڏو شاعر هيو اڪثر پنهنجي شاعري پڻ ڳائيندو هيو ، گجڻ اوڏ گذريل ڪيتري عرصي کان فالج ، دم ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا هيو ۽ کيس جي ثقافت کاتي سميت ڪنهن به سار نه لڌي ۽ هو ڪالهه هميشه لاءِ سڀني کان موڪلائي ويو . تفصيل موجب سنڌ جي نالي وارو ڪلاسيڪل فنڪار ۽ شاعر گجڻ فقير اوڏ بيمار رهڻ بعد حيدرآباد جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي راڳي گجڻ اوڏ گذريل ڪيتري عرصي کان مختلف بيمارين دم ، فالج ۽ دل ۾ مبتلا هجڻ ڪري مختلف اسپتالن ۾ پنهنجي غريبي حال تحت علاج پنهجو علاج ڪرايو 2 سال اڳ کيس کي فالج جو حملو ٿيڻ کان پوءِ سندس جي زبان ۾ هٻڪ ٿيڻ ڪري هن ڳائڻ کان لاچار ٿي ويو مرحوم گجڻ اوڏ سنڌ جي نالي وارن صوفي شاعرن حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي ، سڇل سرمست ، مهدي سائين ، استاد بخاري جي شاعري ڳائڻ سان گڏ پنهنجي لکيل شاعري ڳائيندو رهيو هن جا سنڌ جي حيدر آباد ، خيرپور ۽ ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تي پڻ ڪيتٿرائي ڪلام رڪارڊ هجڻ سان گڏ آل انڊيا ريڊيو تي پڻ سندس جا ڪلام رڪارڊ ڪيل آهن مرحوم فنڪار گجڻ اوڏ سنڌ جي نالي واري ڪلاسيڪل فنڪار استاد گلزار علي خان صاحب وٽ راڳ جي سکيا ورتي جڏهن ته هنڱورجا جي ڀرسان ڳوٺ نئون ڳوٺ سهتو ۾ رهائش پذير هيو ۽ هنڱورجا شهر ۾ ڪئبن هلائي پنهنجي گھر جو ڇرخو هلائيندو هيو 8 مهينا اڳ بيماري جو علاج ڪرائڻ لاءِ هنڱورجا جي نئون ڳوٺ سهتا مان لڏ پلاڻ ڪري حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو جتي هن اسپتال ۾ ديهانت ڪري ويو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button