پرڏيھي خبرون

ترڪي هڪ بٽالين فوج عراق رواني ڪري ڇڏي

انقره:ترڪ فوجون عراق ۾ داخل ٿي ويون آهن جنهن لاءِ امريڪي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ائين ٿو لڳي ته عراقي داعش جي شدت سندن خلاف ويڙهه لاءِ تربيتي مشقون ڪيون پيون وڃن. هڪ ترڪ عهديدار امريڪي خابرو اداري کي ٻڌايو ته اهي فوجي موصل بشيقه جي خطي ۾ آهن جتي انهن جي چواڻي ”عام تربيتي مشقون ڪيون پيون وڃن. فوجين داعش جي قبضي هيٺ موصل شهر کان اٽڪل 30 ڪلوميٽر پري سرحد پار ڪئي. ترڪ ميڊيا مقرري جي خبر ڏيندي چيو آهي ته ان ۾ توپون ۽ بڪتر بند گاڏيون شامل آهن. انهن رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نيون ترڪ فوجون عام اسپيشل فورسز جي جاءِ والرينديون جيڪي ساڳي علائقي ۾ دولت اسلاميه جي ويڙهاڪن خلاف وڙهڻ جي تربيت وٺنديون رهيون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button