اسلام آباد

مذهبي ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڳالهين جي ڪلچر کي همٿائڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اتفاق راءِ سان ٺهراءَ جي منظوري

اسلام آباد : گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مذهبي ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڳالهين جي ڪلچر کي همٿائڻ لاءِ اتفاق راءِ سان ٺهراءَ جي منظوري ڏني آهي، جنرل اسيمبلي گذريل ڏينهن پنهنجي اجلاس دوران ٺهراءَ جيص منظوري ڏني آهي، جيڪو پاڪستان ۽ فلپائن گڏيل طور پيش ڪيو هو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو هو ته تعليم، برداشت، ڳالهيون ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ امن امان جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنرل اسيمبلي ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير مليحا لوڌي چيو ته پرامن دنيا جو خواب گڏيل آهي، پر دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جا نوان نوان نظريا پيدا ٿي رهيا آهن، جن جي خاتمي لاءِ مذهبي ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ جامع ڳالهين جي ضرورت آهي ته جيئن انتهاپسندي ۽ عدم برداشت جو خاتمو ڪري عالمي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button