صحت ۽ زندگي

پوليو مهم دوران لاپراهي برداشت نه ڪبي، سستي ڪندڙ ميڊيڪل آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ڊي سي گهوٽڪي

گهوٽڪي: ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد طاهر وٽو چيو آهي ته پوليو مهم دوران لاپراهي برداشت نه ڪبي، سستي ڪندڙ ميڊيڪل آفيسرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ لاءِ اعلى اختيارين کي رپورٽ اماڻي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر اها ڳالهه پوليو جي خاتمي واري مهم متعلق ٿيل اجلاس دوران چئي. هن چيو ته پوليو وائرس کي ختم ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان روڪيندڙ والدين خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي انڪري والدين کي گهرجي ته هُو ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪن ڊي سي گھوٽڪي وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سمورن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري فنگر مارڪنگ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ علائقي جي معزز ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪري سندن تعاون حاصل ڪيو وڃي ته جيئن ضلعي جو ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم نه رهي، ان کان اڳ پوليو مهم جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر الطاف سومري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 14 ڊسمبر کان 17 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ مهم دوران ضلعي جي 3 لک 48 هزار 558 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ 859 پوليو ٽيمون ڪم ڪنديون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button