ڪراچي

متحده قومي موومنٽ اڪيلي سرميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي

ڪراچي جي مڪاني چونڊن جي هيل تائين وصول ٿيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جو اتحاد ناڪام ٿي ويو آهي ۽ متحده قومي موومنٽ سادي اڪثريت لاءِ گهربل 105 سيٽن کان وڌيڪ تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جنهن سبب متحده اڪيلي سر ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي مجموعي 209 چيئرمين جي سيٽن تي چونڊون ٿيون ۽ هيل تائين جن سيٽن جي نتيجا وصول ٿيا آهن ان مطابق ايم ڪيو ايم سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي پر اڃا تائين ڪجهه تڪن جا نتيجا اچڻا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي 23 چيئرمين جي سيٽن سان ٻئين نمبر تي آهي، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ان جا حمايت يافته 17 چيئرمين چونڊجي آيا. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جا 4 چيئرمين چونڊجي ويا آهن. جمعيت علماءَ اسلام 2 جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي کي هڪ سيٽ تي ڪاميابي ملي آهي. ان کان علاوه آزاد اميدوارن جي حصي ۾ به سيٽون آيون آهن. جماعت اسلامي ، تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪراچي جي ميئر جا امڪاني اميدوار ترتيب وار حافظ نعيم الرحمان، علي زيدي ۽ نجمي عالم چيئرمين جي سيٽ هارائي ويا جڏهن ته متحده قومي موومنٽ جو وسيم اختر ۽ ريحان هاشمي پنهنجن پنهنجن سيٽن تي ڪامياب ٿي ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button