لاھور

لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان کان جواب طلب ڪري ورتو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ عدليه جي دخل اندازي جي حوالي سان بيان جاري ڪرڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالتي ٻُڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ منير احمد طرفان جوڊيشل ايڪٽوازم پينل جي چيئرمين محمد اظهر صديق ايڊووڪيٽ داخل درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر عدليه خلاف توهين وارو بيان جاري ڪيو. چيف اليڪشن ڪمشنر بيان ۾ چيو هو ته عدالتن کي اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ دخل اندازي جو اختيار ناهي، ڇو جو اليڪشن ميشن جوادارو پاڻ عدالتي اختيار رکي ٿو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدليه خلاف توهين وارو بيان جاري ڪرڻ تي جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. درخواست ڏيندڙ جو شروعاتي مؤقف ٻُڌڻ کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻُڌڻي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button