سکر

سکر ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
Residents of New Pind protesting (640x363)
سکر جي نئين ڳوٺ ۾ سئي گئس جي گهٽ پريشر، لوڊشيڊنگ ۽ گئس بدران چلهن مان پاڻي اچڻ خلاف سئي گئس انتظاميا خلاف مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي حنيف بنداڻي، مبين بنداڻي، خليل بنداڻي، سمينه، زيب النساءِ، شريفان ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان علائقي ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر جي گهٽتائي هئڻ سميت گئس پائپ لائين مان پاڻي اچڻ جي سئي گئس انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود عمل نٿو ڪيو وڃي، جنهن ڪري علائقي واسين کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، هنن چيو ته صبح سوير گئس جي لوڊشيڊنگ هجڻ ڪري اسڪولي ٻارڙا بغير ناشتي جي اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن ۽ پريشر گهٽ هجڻ ڪري علائقي واسي ڪاٺيو ٻاري کي رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آهن، هنن سئي گئس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي واسين کي پريشانين کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button