سکر

سکر: اي سيڪشن پوليس جو ڪٻاڙي جي دڪان تي ڇاپو، ھزارين روپين جو سرنجون ھٿ

سکر: اي سيڪشن پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڀٽا روڊ تي قائم ڪٻاڙي جي دڪان تي ڇاپو هڻي هزارين رپين جون نيون سرنجون هٿ ڪري ورتيون، ڪٻاڙي فرار، ملازم سوگهو، ان ڏس ۾ اي سيڪشن پوليس جي ايس ايڇ او اقبال ڊومڪي ڳجهي اطلاع تي ڀٽا روڊ تي قائم ڪٻاڙ جي دڪان تي ڇاپو هنيو، جنهن ۾ يو ايس ايڊ ڪيو جون هزارين رپين جو نيون سرنجون هٿ ڪري ورتيون، ڇاپي دوران ڪٻاڙي علي شير گڏاڻي موقعي تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس سندس ملازم ڪريم بخش گڏاڻي کي پڪڙي ورتو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪٻاڙ جي دڪان تان هٿ آيل يو ايس ايڊ جون نيون سرنجون ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران وڪرو ڪيون ويون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button