زراعت

سنڌ ۾ زراعت ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، قائم علي شاھ

آءِ اين اين، خيرپور

وڏو وزير خيرپور ايگريڪلچر ڪاليج جو افتتاح ڪري رھيو آھي
وڏو وزير خيرپور ايگريڪلچر ڪاليج جو افتتاح ڪري رھيو آھي

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ زراعت ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي سنڌ جو عوام زراعت تي انحصار ڪري ٿي معياري ۽ بهتر تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن هاني اتان جي نوجوانن کي کپي ته هو اڳتي اچي ڪري تعليم حاصل ڪندي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن اهڙي خيالن جواظهار هن 62 ملين روپين جي لاگت سان تعمير ٿيل خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرانجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ايگروبيسڊانڊسٽري سان خرچ ۾ واضح ڪمي ٿيندي ۽ صوبي سان گڏو گڏ پاڪستان ۽ بين الاقوامي ملڪن ۾ به اتان جي مشنري وڪرو ڪري ڻاڻو حاصل ڪري سگهجي ٿوهن چيو ته اسان وٽ ڪمند، ڪپاس، چانور ۽ گندم جي فصل ۾ اضافو ٿيو آهي يورپي يونين پاران پاڪستان مٿان لڳايل پابندي پڻ ختم ٿي چڪي آهي ڇو ته اتان جي في ايڪڙ زراعت پنجاب کان وڌيڪ ٿي رهي آهي اسانکي ٽيڪسٽائل تي پڻ توجه ڪرڻي پوندي۽ اسانکي زراعت جي تعليم لاءِ وڌيڪ قدم کڻنا پونداسنڌ کي زراعت جي انجينئرز جي ضرورت آهي جنهن لاءِ اتي ايگريڪلچر ڪاليج ٺاهي ڏنو ويو آهي جلد ان ڪالجي کي يونيورسٽي جو درجو ڏياريو ويندو وڏي وزير چيو ته حڪومت هارين، آبادگارن۽ ٻين کي پنجاب جي مقابلي ۾ قيمت وڌيڪ ڏئي ٿي سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي تي عملدارن کي سخت هدايت ڏيندي چيو ته هو پنهنجو ڪم سڌو ڪن هن ٻج جي ورهاست لاءِ پڻ توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جو افتتاح ڪرڻ تي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ڪاليج جي ضرورتن ۽ مالي سهائتا لاءِ سهڪار ڪيو ويندو.وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ان موقع تي ڪاليج جي لان ۾ ٻوٽو پوکيو،ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه فيض آباد ريلوي ڪراسنگ تي 716،835 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ پل جو افتتاح ڪيو ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ کي هدايت ڪئي ته ان پل جو نالو پارٽي جي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪري بورڊ لڳايو وڃي ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ان پل جي تعمير سان ڀرسان کجور ۽ اناج منڊي ، اسڪول ۽ آبادي ۾ اچ وچ لاءِ وڏو مسئلو حل ٿيو آهي جڏهن ته جيڪي به ٽريفڪ سکر ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سهولت ملي آهي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ناليوراي مذهبي اڳواڻ ميجر (ر) سيد علي عباس ڪاظمي جي لاڏهاڻي تي سندس گهر وڃي سندس ڀاء سيد حسن عباس ڪاظمي ۽ پٽ سيد صادق عباس ڪاظمي سان ملاقات ڪري عذر خواهي ڪندي فاتحو پڙهي. هوڏانهن خيرپور جم خانه ڪلب ۾ تعلقي خيرپور سان واسطو رکندڙ چونڊيل نمائندن سان ملاقات ڪري کين ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪونسلرز کي هدايت ڪئي ته اونهانجي مٿان وڏي ذميواري آهي عوام جي خدمت ڪيو ۽ عوام جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪندي انهن جا مسئله حل ڪرڻ ان جي چائٺ تي فراهم ڪيا وڃن ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه،ڊي سي خيرپور منور علي مٺاڻي، سيد امجد علي شاهه، وڏي وزير جو پرسنل سيڪريٽري مظهر خان ، علي شير مڪول . امام ڏنو ملاح ،ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، غلام حسن مغل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button