اسلام آباد

جنگ پري تائين وڌي ويندي، ايمرجنسي لڳائڻي آهي ته لڳائي ڇڏيو، اسان پنجاب ۾ رينجرز جو مطالبو نه ڪيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار هڪ ڀيرو ٻيهر نالو وٺڻ بنا سنڌ حڪومت مٿان الزامن جو مينهن وسائي ڏنو،هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته سنڌ تي وفاقي حڪومت يا ڪنهن وفاقي اداري حملو ناهي ڪيو،ڪجهه ماڻهن پنهنجن غلط ڪمن کي لڪائڻ لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست کي ڍال بڻائي رکيو آهي.چوڌري نثار جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪندڙ ماڻهو سنڌ کي اُڏهيءَ جيان کائي رهيا آهن.پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن ۾ حج ۽ عمري جي ٽڪيٽن تي به تاريخي ڪرپشن ٿي.وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته پنهنجي ڪردار جي باري ۾ ڪابه وضاحت نه ٿو ڏيڻ چاهيان،پر ليڪچر ٻڌائڻ وارن ماڻهن جي اڍائي سالن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ظاهر ڪيان ته اُهي ماڻهو پنهنجو مُنهن لِڪائڻ ۾ پورا هوندا.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته چوڌري نثار جي سنڌ حڪومت بابت بيان ۾ نواز شريف جو ڪردار هجڻ بابت ڄاڻ ناهي.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن وفاق کي سنڌ صوبي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ آهي ته لڳائي ڇڏي، ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن،قومي اسيمبلي ۾ چوڌري نثار جي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ بابت پريس ڪانفرنس تي مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي رنڊڪ ناهي،سندس چوڻ هو ته نواز شريف گهڻو ڪجهه وڃايو آهي ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي،جڏهن نواز شريف جيل ۾ هيو ته ڪلثوم نواز اڪيلي احتجاج ڪري رهي هئي ۽ ڪجهه ماڻهو گهرن ۾ ويٺا هئا،خورشيد شاهه چيو ته اسان جمهوريت جي خاطر جيلن ۾ به وياسين، ڪيترن ئي ماڻهن ته اڄ تائين جمهوريت خاطر جيل جو دروازو به ناهي ڏٺو،گذريل وقت کي ٻيهر ياد ڪرڻ نه ٿا چاهيون،اسانجي ويڙهه ۾ وچان ٻيو ڪو فائدو وٺي سگهي ٿو،ان موقعي تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر عاصم جي وڊيو ڪنهن وٽ موجود آهي ته عوام اڳيان آندي وڃي، باقي ڪوڙيون ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن ۽ ڊاڪٽر عاصم سان گڏ راڻا مشهود جون وڊيو به سامهون آنديون وڃن.اسحاق ڊار چيو هو ته“ها” مان مني لارڊنگ ڪندو آهيان.سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته حڪيم الله محسود جي مارجي وڃڻ تي هڪ وفاقي وزير جي اکين ۾ ڳوڙها آيا هئا،مان هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته اسان کي پويون ڳالهيون ياد ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي،سڀني جي خبر آهي.سينٽ جو چيئرمين رضا رباني به رينجرز اختيارن جي معاملي تي پنهنجي پارٽي جي حمايت ڪندي سامهون اچي ويو آهي، ان جو چوڻ هو ته رينجرز اختيارن تي بيان بازي ڪرڻ ٺيڪ ناهي، اهو سنجيده معاملو آهي، بيان بازي سان معاملو خراب ٿي ويندو، ان تي وڏي وزير سنڌ جا جيڪي خدشا آهن اهي ختم ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته رينجرز سنڌ ۾ امن لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي، هن جي اختيارن جي واڌ ۾ ڪو به انڪار ناهي، اهڙي طرح معاملو ميڊيا تي اچڻ ۽ ڳالهائڻ ٺيڪ ناهي.پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات قمر الزمان قائره چيو آهي ته ن ليگ ادارن جي پويان لڪي ڪري وڙهندي آهي، هڪ ماڻهو، هڪ ماڻهو جون رڙيون ڪندڙن جي پارٽي پنجاب ۾ هڪ شخص جي بچائڻ لاءِ 14 قتل ڪرايا. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته رينجرز جي اختيارن جي قرارداد سنڌ اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ هئي، پر اپوزيشن جي احتجاج جي ڪري اجلاس ملتوي ٿيو، ڊاڪٽر عاصم کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو اتي ئي هن جو فيصلو ٿيندو، هن چيو ته رينجرز جي اختيارن تي سنڌ حڪومت کي عتراض آهي، رينجرز ڪراچي ۾ ڪجهه جاين تي اختيارن کان هٽي ڪم ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button