اليڪشن دوران پيسن عيوض ووٽ وٺڻ غير شرعي عمل آهي، مولانا ميرمحمد
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، نڊيارو
جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي صوبائي اڳواڻ مولانا مير محمد آف ميرڪ فتوا جاري ڪندي چيو آهي ته اليڪشن دوران پيسن عيوض ووٽ وٺڻ غير شرعي عمل آهي، جيڪڏهن ڪو اميدوار ڪنهن ووٽر کي ڏوڪڙ ڏئي ان کي ووٽ ڏيڻ جو قسم وغيره کڻائي ٿو ته اهڙي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ ناجائز آهي. ڇوته جيڪڏهن اهو نااهل اميدوار اڳتي هلي چونڊ ۾ کٽڻ بعد عوام سان ظلم،زيادتيون ڪندو ۽ عوام ۽ علائقي جي ترقي لاءِ ملندڙ سرڪاري فنڊن ۾ خيانت ڪندو ته ووٽ شاهدي آهي ۽ اهڙي ماڻهو لاءِ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ وڏو گناهه ۽ حرام آهي ۽ ووٽر سخت گنهگار ٿيندو. ياد رهي ته سال 2005ع جي جي بلدياتي چونڊن دوران مفتي محمد ادريس سومري جي ورڪ دوران ڪلتارپور ۾ سوين ماڻهن جي ميڙاڪي کي خطاب دوران مولوي مير محمد صاحب جيڪو مفتي محمد ادريس صاحب جو استاد پڻ آهي اهڙي فتوا جاري ڪئي وئي ۽ ان جون هزارين ڪاپيون ڪري تڪ ۾ ورهايون پڻ ويون هيون.