آرٽيڪل

اسان جي سنڌ ۾ ووٽن تي آخر خون ريزي ڪيتسائين هلندي………..؟

وحيد رزاق مستوئي

وحيد رزاق مستوئي
وحيد رزاق مستوئي

اسان جي ملڪ ۾ هونءَ ته وڏيون وڏيون اليڪشنون ٿينديون رهيون آهن پر مڪاني چونڊون مشرف جي حڪومت ۾ ٿي ان بعد ڪافي عرصو ان جو نالي نشان ئي نه رهيو ۽ ڪجھ وقت گذرڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر ان مڪاني چونڊن کي جياريو ويو ۽ ڪافي وڏي عرصي کانپوءِ سنڌ ۽ پنجاب جي 20 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون ويون جنهن ۾ ۾ پهرئين مرحلي ۾ 31آڪٽوبر تي پنجاب جي 12 ۽ سنڌ جي 8 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون ويون آهن اهي چونڊون ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿينديون اليڪشن ڪميشن مطابق پهرين مرحلي ۾ 31 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي اٺن ضلعن ۾، 19 نومبر تي حيدرآباد، ميرپورخاص، بينظيرآباد ڊويزن جي 15 ضلعن ۽ 3 ڊسمبر تي ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ٿينديون، جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن هي اهي چونڊون آهن جيڪي موجوده حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي انتهائي مجبوري واري حالت ۾ ڪرائي رهي آهي، چونڊون تڏهن ٿي رهيون آهن جڏهن حڪومت انهن چونڊن جي نتيجن ۽ مفادن کي پنهنجي حق ۾ بهتر محسوس ڪري رهي آهي ۽ پنهنجو هوم ورڪ به پورو ڪري چڪي آهي جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته چونڊون نه ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي دٻاءُ کانپوءِ به حڪومت سئو بهانا ڳولي ٿي سگهي. پر ان جي باوجود مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون ويون ان ۾ بار بار سنڌ ۾ بيٺل اميدوارن اهي شڪايتون پئي ڪيون ته سنڌ ۾ فوج کي مقرر ڪيو وڃي پر ان جي باوجود فوج کي مقرر نه ڪيو ويو صرف رينجرس ۽ پوليس حوالي ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ميڊڊيا جي مطابق اهي چونڊون صاف ۽ شفاف نه ٿيون ۽ هر اليڪشن سيل جي اندر وڏي انگ ۾ ٺپا لڳائي سڌي ريت ڌانڌلي ڪئي وئي ڪٿي ته وڏا وڏا جهيڙا ٿيا جنهن ۾ سڌي ريت فائرنگ ڪئي وئي ۽ مُڪن، لتن، سِرن لٺين جو آزادنه استعمال به ڪيو ويو پر ڪٿي به پوليس يا رينجرس اسان کي انهن معاملن کي ختم ڪرڻ ۾ اڳيان نظر نه آئي ۽ ائين اوهان جي سامهون خيرپور ضلعي ۾ واقع راڻيپور شهر ڀرسان يوسي درازا ۾ ٻن سياسي گروهن ڇڪتاڻ دوران 12 کان وڌيڪ انساني جانين کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو، اطلاع آهن ته مصري شاهه پولنگ اسٽيشن تي ٻن سياسي گروپن ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڇڪتاڻ سبب پولنگ جو عمل روڪيو ويو، مختلف نجي ٽي وي چئنلز اها خبر ڏني ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ف) وچ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ دوران گوليون هلايون ويون، جنهن سبب 10 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿيون، ٻڌايو وڃي ٿو ته پولنگ مهل ٻن گروپن جي ڪارڪنن ۾ منهن ماري کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ لتن، مڪن، ڪرسين ۽ لٺين جي وسڪارن بعد هڪٻئي تي هٿيار تاڻي گوليون هلائڻ تي وڃي پهتي، خيرپور ۾ چونڊن جو عمل شروع ٿيندي ئي سياسي ڇڪتاڻ ڪر کنيو، ڪارڪنن گوليون وسائي ووٽرن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي ڇڏيو، ڪيترائي ماڻهو ووٽ داخل ڪرڻ کان به رهجي ويا، جڏهن ته پوليس خاموش بيهي تماشو ڏسندي رهي. جيتوڻيڪ حساس قرار ڏنل هنڌن تي فوج کي اسٽينڊ باءِ رکيو ويو هو ۽ رينجرز اهلڪار به مقرر ڪيا ويا هئا، تنهن هوندي به اهڙي قسم جا واقعا ٿيڻ انتظاميا جي بي حسي ۽ ناقص ڪارڪردگي ظاهر ڪن ٿا. گذريل ڏينهن سنڌ ۽ پنجاب جي 20 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن لاءِ حڪومت پاران فراهم ڪيل سيڪيورٽي جي حوالي سان اهو ئي خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو ته جيڪڏهن پولنگ دوران سيڪيورٽي جا بهتر انتظام نه ڪيا ويا ته خيبر پختون خوا وانگر سنڌ ۽ پنجاب ۾ به رتو ڇاڻ جا واقعا ٿي سگهن ٿا، پر شايد حڪومت جي ڪن تي جونءِ به ڪانه سُري ۽ اهو ئي ٿيو، جنهن جو شڪ هو، نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون ۽ ووٽرن سوڌو ڪيترائي ماڻهو گولين جو نشانو بڻجڻ ڪري زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي تڙپندي نظر آيا. ها، انهيءَ نگريءَ ۾ ڪالهه وڏي خونريزي ٿي آهي، جتي امن ۽ محبت سان زندگي گهارڻ جو پيغام ڏيندڙ صفت زبان شاعر سچل جي آرامگاهه به واقع آهي، لالچ ۽ لوڀ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل وحشي درندن هٿان جتي رتوڇاڻ جي راند ڪُڏي صوفي بزرگ سچل جي پرامن رهڻ وارن پيامن کي للڪاري سندس روح کي رنجايو ويو آهي. مڪاني چونڊن ۾ بدترين سيڪيورٽي انتظامن جي ڪري سنڌ ۽ پنجاب جي 20 ئي ضلعن ۾ جهيڙا ۽ وڳوڙ ڏٺا ويا، اهڙي طرح جيڪب آباد ۾ 8 ۽ لاڙڪاڻي ۾ به سياسي گروهن وچ ۾ ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ 20 ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا. شڪارپور، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، پنجاب جي گجرات، قصور ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ سياسي وڳوڙ ٿيا آهن، جن حڪومت پاران چونڊ عمل لاءِ فراهم ڪيل ناقص سيڪيورٽي انتظامن کي وائکو ڪيو آهي. نتيجي ۾ ڪيترائي علائقا جنگ جو ميدان بڻيل رهيا، قصور ۾ ته آزاد اميدوار جي رستا روڪ ڪندي کيس گوليون هڻي اڌ مئو ڪيو ويو، جنهن ڪري پولنگ جو عمل معطل ٿي ويو، قمبر شهدادڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) ۽ جيڪب آباد ۾ تحريڪ انصاف ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ جا پڻ اطلاع مليا. افسوس واري ڳالهه آهي ته جيڪڏهن حڪومت اڳ ٿيل اڻوڻندڙ واقعن کي اڳيان رکي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي ها ته شايد سچل جي نگري ڪالهوڪي خونريزي جي نتيجي ۾ رت ۾ نه رڱجي ها، سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته گذريل ڏينهن سياسي جهيڙن ۽ خونريزي جو ڪارڻ بڻجندڙ سياسي ويڙهاڪن انساني جانين کان وڌيڪ پنهنجي ووٽن جي اهميت کي وڌيڪ سمجهيو، ان سڄي صورتحال ۾ ڏوهه رڳو حڪومت جو به ناهي، پر ان سان گڏوگڏ اهي سياسي جماعتون به ذميوار آهن، جن جو سنڌ ۾ ووٽ بئنڪ آهي، جن جي آڌار تي هو اقتدار ۾ رهيون آهن ۽ ان جي زور تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪن ٿيون. گذريل ڏينهن مڪاني چونڊن دوران جن جا پيارا کسجي ويا، انهن جي گهرن ۾ هن وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي، اهي يقينن وڏي ڪرب ۾ مبتلا هوندا، خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي خاندان ۽ ٻارن جي ڪفالت جو واحد سهارو هوندا، تن جون حياتيون کسيندڙن کي ڇا مليو؟ ان جي ذميواري ڪير کڻندو؟ وزيراعظم نوازشريف پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ پنهنجو ووٽ داخل ڪيو، ان موقعي تي پولنگ اسٽيشن کي خالي ڪرايو ويو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي پولنگ اسٽيشن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ان وقت سمورن ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن مان ٻاهر ڪڍيو ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شام جو ساڍا 4 وڳي خيرپور ۾ پنهنجو ووٽ ڏنو، جنهن جي سيڪيورٽي خاطر اڳواٽ 7 ڪلاڪن تائين پولنگ جو عمل روڪرايو ويو. حيرت جي ڳالهه آهي ته اها ڪهڙي سياست آهي جو جن ووٽن جي آڌار تي وزيراعظم توڙي وزيراعليٰ منتخب ٿي پهتا، انهن لاءِ سيڪيورٽي جو اعليٰ معيار هجي پر انهن لاءِ ناقص سيڪيورٽي انتظاميا ڪيل هجن، جن انهن کي مينڊيٽ ڏئي ايوانن تائين پهچايو؟ ۽ انهن جي جان جي ڪا به پرواھ نه ڪئي وڃي ها اسان اهو به سمجهون ٿا ته انهن جي سيڪيورٽي ذميواري انتظاميه کي کڻڻي هئي پر ان جاءِ انهن جي سيڪيورٽي عام ووٽرن جي انتظاميه کي کڻڻي هئي پر انهن جي لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا ويا اهي آخر ڇو نه ڪيا ويا اهو سوال هڪ سواليه بڻيل آهي ..؟ اڪثر سياستدانن جي قول ۽ فعل ۾ رڳو تضاد ئي ڏسڻ وٽان مليو آهي، نتيجي ۾ انهن جي سياسي پارٽين جا ورڪر ۽ ڪارڪن ڪهڙو انهن جي قاعدن ۽ ضابطن تي عمل ڪندڙ هوندا، هئڻ ته ائين گهرجي ته مڪاني چونڊن واري ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل ضابطه اخلاق وانگر سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي پنهنجي ڪارڪنن لاءِ به ضابطه اخلاق ۽ قاعدا جاري ڪرڻ گهرجن ها، ان سان نه رڳو هر سياسي پارٽي پنهنجي ڪارڪنن تي ڪنٽرول ڪري سگهي پئي، پر ان سان گڏ امن امان واري صورتحال به برقرار رکي سگهجي ها، پر ان ڳالهه کي ڪا به اهميت نه ڏني وئي. ڪجهه ڏهاڙا اڳ اليڪشن ڪميشن چونڊن تي اثرانداز ٿيندڙن لاءِ سزائون به مقرر ڪيون هيون، پر موجوده صورتحال مان محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته اي سي پي ان قاعدن ۽ ضابطن کي به اهميت ناهي ڏني وئي. انهي واقعن کانپوءِ ضلعي نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پڻ خوف واري فضا قائم ٿي وئي آهي ۽ عوام ۾ اهو سوال نشان بڻيل آهي ته شايد هتي به اها ساڳئي صورتحال جنم وٺي ان کان بهتر آهي ته اليڪشن ڪميشن اڳواٽ قدم کني اسان جي ضلعن ۾ فوج کي مقرر ڪري ته جيئن اهڙي اڻ وڻندڙ واقعي کي بچي سگهجي نه ته بي صورت ۾ وڏي خون ريزي جو خدشو لاحق آهي جيڪڏهن انتظاميه اسان جي ڪيل نشاندهي تي قدم نه کنيو ته ان جي ذميوار انتظاميه، اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت هوندي ڇاڪاڻ ته جتي خدشا ظاهر ٿين ته هن علائقي ۾ وڏي خون ريزي ٿي سگهي ٿي ته اتي فورن بهتر قدم کڻي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ان لاءِ ضروري آهي ته شهيد بينظير آباد نوشهروفيروز ضلعي ۾ بهتر قدم کنيا وڃن ته بهتر اليڪشن ٿي سگهي ٿي نه ته ٻي صورت ۾ ڪجھ به نه ٿو چئي سگهجي….؟

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button