خيرپور

سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي زندھ رکڻ لاءِ اسان سڀنين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
YOUTH PHOTO 29 NOV 2015 (640x152)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو رياض حسين وساڻ چيو آهي ته قومن جي زندگي ٻولي، ثقافت ۽ سماج سڌارڪ ڪم تي منحصر ڪري ٿي جنهن ۾ اڄ جا نوجوان موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا اهڙي خيالن جو اظهار هن سچل آڊيٽوريم هال خيرپور ۾ خيرپور يوٿ ڪائونسل جي جنرل باڊي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسانجي تهذيب ۽ ثقافت 5 هزار سال پراڻي آهي جنهن کي زنده رکڻ لاءِ اسان سڀنين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو خيرپور يوٿ ڪائونسل جي قيام ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺاڻي جو وڏو اهم ڪردار آهي جن سڄي سنڌ لاءِ هڪ رول ماڊل ڪردار ادا ڪيو آهي هن چيو ته ڪي وائي سي غير سياسي ۽ ڊيموڪريٽ تنظيم آهي. هن چيو ته بين الاقوامي سطح تي هر ٻولي ڳالهيندڙ هڪ زبان ۽ ڪلچر تحت هلي سگهن ٿا ته پوءِ اسان سڀ هڪ ڇو نٿا ٿي سگهون اڄ جي نوجوانن کي صحت، اسپورٽس، ڪلچر۽ تعليم تي ڪم ڪرڻ لاءِ خيرپور يوٿ ڪائونسل جو پليٽ فارم ٺاهي ڏنو ويو آهي نوجوان اڳتي اچن ۽ ڪي وائي سي جا هٿ مضبوط ڪن ته جئين سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي هن چيو ته خيرپور يوٿ ڪائونسل کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لاءِ سمورن سرڪاري کاتن ڏانهن ليٽر موڪليو ويندو جنهن تحت هر ميمبر ڪنهن به علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجي رپورٽ ضلع انتظاميه کي ڏيندو ۽ انهن جي تجويزن تي ڪاروائي ڪئي ويندي هن ڪي وائي سي جي جنرل اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪندي چيو ته هڪ مضبوط حڪمت عملي تحت 12 ڊسيمبر 2015 تي اليڪشن ڪرائي ويندي جنهن جو ضابطه اخلاق جلد جاري ڪيو ويندو. جنرل باڊي جي اجلاس کي سماج سڌارڪ فدا حسين وساڻ، سياسي اڳواڻ غلام حسين مغل، سماجي ورڪر پارس گل جاڳيراڻي، ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، انجينئر عبدالجبار شيخ، رميز سومرو، صنم گل، عمر جيلاني ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button