مختصر خبرون

زرداري ليگ ماڻ جان ڇڏائڻ جو 31 آڪٽوبر تي سونهري موقعو آهي، ذاڪر سولنگي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنگورجا
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ يوسي سيٺارجا بالا جي چيئرمين جي ف ليگ اميدوار ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي چيو آهي سنڌ جي ماڻهن لاءِ زرداري ليگ ماڻ جان ڇڏائڻ جو 31 آڪٽوبر تي سونهري موقعو آهي جيڪو ڪنهن ريت به نه وڃايو وڃي عوام 31 آڪٽوبر تي پي پي جي ڪرپٽ اميدوارن کي شڪست ڏيڻ لاءِ گلاب جي گل تي ٺپو هڻي .يوسي جي مختلف ڳوٺن ۾ وڏن عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته 31 آڪٽوبر تبديلي جو ڏهاڙو آهي ءِ اسان عوامي طاقت سان تبديلي آڻي ڏيکارينداسين ،هن چيو ته پي پي حڪومت ۾ عوام جا ڪي به مسئلا حل نه ٿيا آهن 31 آڪٽوبر تي موروثي سياست ڪندڙ ڀوتارن کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close