باڊهه: شهر ۾ ڀلاري مهيني ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿيل، خلق خدا بيزار
عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
باڊهه شهر ۾ ڀلاري مهيني ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿيل، خلق خدا بيزار، نمازي پنهنجي گهرن تائين محدود، مسجدون ويران، باڊهه واسين جا روزگار به داءُ تي لڳي ويا، سينٽري انچارج پريل سومرو ۽ منظور ڦلپوٽو ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا، شهري لڏپلاڻ تي مجبور، باڊهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران باڊهه ۾ گندگي جي آزار خلاف غازي چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري، منور نوناري، قاسم چنو، عالم بروهي، صفر مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته باڊهه شهر کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذميواري ٽي ايم او ڏوڪري امداد کوکر ۽ ٽائون آفيسر گلشير کوکر لکين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، هنن ٽائون ملازم توڙي آفيس جي عملي کي پگهار نه ڏني آهي، هن وقت به شهر جي سومرا محله، چنا محله، پيارو ساريو، گودڙا گلي، لنڊ محله، تقي شاهه، ڦلپوٽا محله، ريواچند محله، شيخ محله، هندو محله، دين محمد بروهي محله ۽ ٻين هنڌن تي گند ۽ ڪچري جا ڍير لڳي ويا آهن، جڏهن ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين مان گندو ۽ بدبوءِ دار پاڻي روڊن ۽ رستن تي وهڻ سبب شهر ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب مليريا، گيسٽرو، پيٽ ۽ چمڙي جون بيماريون پکڙجي ويون آهن، جنهن ۾ سوين رهواسي مرد، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا متاثر ٿيا آهن،مظاهرين مطالبو ڪيو ته نااهل ٽي ايم او ڏوڪري ۽ ٽائون آفيسر گلشير کوکر کي فوري طور تي هٽائي سندس لکين رپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي ، باڊهه شهر کي هٿ وٺي نااهل ٽائون ڪاميٽي انتظاميا حوالي ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته شهر ۾ گندگي جي ايتري ته حالت خراب ٿي وئي آهي جو گهٽين مان گذرندي ماڻهو نڪ تي رومال ڏيڻ تي مجبور آهن، سينٽري انسپيڪٽر جيڪو شهر جي صفائي ڪرائڻ بدران رڳو مال ميڙڻ ۾ پورو آهي ۽ باڊهه شهر اندر صفائي سٿرائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪائينداسين، مظاهرين وڌيڪ چيو ته نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن، ڪورٽ سڳوري نوٽيس وٺي باڊهه واسين سان انصاف ڪيو وڃي.