ھنڱورجا

هنڱورجا: چار نوجوان گذريل 12 مهينن کان افغانستان جي صوبي قندار جي علائقي علمن ۾ قيد

Hingorja youth in Afghanistan (640x326)هنڱورجا واسي 4 نوجوان گذريل 12 مهينن کان افغانستان جي صوبي قندار جي علائقي علمن ۾ قيد هجڻ سبب سندن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل، گهرن ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري سندن جي سلامت واپسي لاءِ دعائون گهرڻ جو سلسلو جاري، نوجوانن وارثن کي افغانستان ۾ نوجوان وڪرو ڪندڙ ايجنٽن جون موتمار ڌمڪيون، وارث عورتن جو نوجوانن جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو، چار نوجوانن جي افغانستان ۾ قيد هجڻ ۽ سندن مٿان وحشياڻي تشدد جو انتظاميه ڪوبه نوٽيس نه ورتو، انساني حقن جو تنظيمون به خاموش
تفصيل موجب هنڱورجا واسي 4 نوجوانن جي برڪت علي دايو، لال بخش دايو، منظور سولنگي ۽ عبدالرزاق سولنگي جي افغانستان جي صوبي قنڌار جي علائقي علمن ۾ هڪ بٺي مالڪ اعلا الدين پٺاڻ وٽ 12 مهينن کان قيد ۾ هجڻ ۽ انهن مٿان جبري پورهيو ڪرائي سندن مٿان وحشياڻي تشدد جو اڃان تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو جڏهن ته چئني نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي جڏهن ته سندن جي سلامت گهر واپسي لاءِ گهرن ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد ڪيو پيو وڃي جڏهن ته نوجوانن جي مائرن کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. جڏهن ته چئني نوجوانن کي روزگار وٺي ڏيڻ بهاني هتان وٺي افغانستان جي علائقي ۾ پئسن عيوض وڪرو ڪندڙ ايجنٽ علي مراد عرف گڏو سهتو ۽ محمد صديق اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ کان پوءِ نوجوانن جي وارثن مٿان ڏمرجي پيا ۽ انهن کي وڌيڪ آواز اٿارڻ جي صورت ۾ کين کي اغوا ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏيڻ لڳا آهن چئني نوجوانن جي وارث عورتن مسمات زاهده دايو، سعيده اختر سولنگي جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته اسان جي چئني نوجوانن کي روزگار وٺي ڏيڻ جو ڏٽو ڏئي علي مراد عرف گڏو سهتو ۽ محمد صديق افغانستان جي علائقي ۾ پئسن عيوض سرن جي بٺي مالڪ اعلاالدين پٺاڻ وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي جتي اسان جي نوجوانن مٿان وحشياڻو تشد ڪيو پيو وڃي آواز اٿارڻ تي ايجنٽ اسان کي به موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن جي ڪري اسان جي زندگين کي به خطرو آهي. هنن ٻڌايو ته 12 مهينا گذري ويا آهن اسان جي ٻچا افغانستان ۾ قيد آهن خبر ناهي اهي ڪهڙي حال ۾ هوندا اسان هتي ڪيترائي ڀيرا پوليس انتظاميه ۽ علائقي جي چڱن مڙسن وٽ مدد جي لاءِ ويا آهيون پر اسان تمام غريب مسڪين ماڻهو آهيون جنهن جي ڪري ڪير به اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ٻڌايو مطالبو ڪيو ته سندن جي چئني نوجوانن کي افغانستان مان آزاد ڪرائي نوجوانن کي وڪرو ڪندڙ ايجنٽن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪنداسين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button