مورو

مورو: ميونسپل ڪاميٽي جي صفائي واري عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف ھڙتال

Moro strike (640x163)
مورو: مورو ميونسپل ڪاميٽي جي صفائي واري عملي سميت ٻين ملازمن کي پگهارن نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي محمد خان سولنگي ، تاج محمد منگي، جمع خان راٺوڙ، نصرالله شيخ، راجا پنهون ، نثار، اعجاز شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.مظاهرين ميونسپل ڪاميٽي کان نڪرندي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتا جتي پگهارن نه ملڻ ۽ ٽي ايم او هٽايو ۽ مورو بچايو سميت سخت نعري بازي ڪندا رهيا جتي هنن چيو ته لڳاتار ٽي ايم او نه اچڻ ڪري اسان مسيڪن سوئيپرن سميت ميونسپل جي ٻين پورهيتن جي هن مهل تائين پگهار نه ملڻ جي ڪري اسان سخت مالي بحران جو شڪار ٿي ويا آهيون ۽ پگهارون نه ملڻ ڪري هاڻي ته اسان دوڪاندارن به کاڌي پيتي وارو سامان ڏيڻ کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان ۽ اسان جا ٻچڙا فاقه ڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون ۽ اسان مسڪين پورهيتن جو جئيڻ جنجال بڻجي ويو آهي ۽ اڄ عيد جي وڏي رات آهي مگر اسان مسڪين پورهيتن کي پگهارون نه ڏئي اسان مسڪين پورهيتن جون عيد جون خوشيون کسي اسان مسڪين پورهيتن ۽ اسان جي مسڪين ٻچڙن سان زيادتي ڪئي وئي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي ته اها ٿوري آهي ڇا اسان مسڪين پورهيت مزدورن کي عيد جون خوشيون ملهائڻ جو حق نه آهي اسان مسڪين شهر گند ڪچرو ۽ گٽر صاف ڪري شهرين کي صاف سٿرو ماحول ڏيو ٿا مگر پوءِ به اسان مسڪينن جي پگهار لاءِ ڪوبه آواز اٿارڻ تيار نه آهي حالانڪ گذريل مهيني جي پگهار جي قسط هن مهيني جي 3 تاريخ اچڻ جي باوجود ٽي ايم او جي لڳاتار نه اچڻ ڪري اسان غريبن پورهيتن کي پگهارون نه ڏئي اسان پورهيتن سان وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي هنن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن اسان پورهيتن کي سومر تائين پگهارون نه ڏنيون ويون ته اڻڄاڙيل مدي تائين ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي هوڏانهن مورو شهر جي ميونسپل ڪاميٽي جو ٽي ايم او مورو جي چارج وٺڻ چارج وٺڻ کانپوءِ لڳاتار نه اچڻ ڪري مورو ميونسپل ڪاميٽي جو ڪاروهنوار ۽ مورو جي شهرين جا مسئلا پڻ رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ پڻ مورو ميونسپل ڪاميٽي جي صفائي وارن ڪچن توڙي پڪن ملازمن سميت ٻئي عملي کي اڃا تائين گذريل مهيني کان پگهارون نه ملڻ ڪري ميونسپل جا ملازم سخت پريشاني جي عالم ۾ شڪارٿي ويا آهن پگهارون نه ملڻ ڪري ننڍڙن ملازمن توڙي صفائي واري عملي دانهو ڪوڪون ڪرڻ جي باوجود سندن پگهارن وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي هوڏانهن مورو ميونسپل ڪاميٽي جو ٽي ايم او مورو ميونسپل ۾ ويهڻ بجاءِ ڪراچي۾ ترسيل هئڻ ڪري شهر جي هر طرف وڌندڙ گندگي سبب صفائي جو فقدان نظر اچي رهيو آهي انهي سلسلي ۾ مورو ميونسپل ڪاميٽي جي ٽي ايم او چارج وٺڻ کانپوءِ خبر نه آهي ته ڇو مورو ميونسپل ڪاميٽي جي آفيس ۾ اچڻ ۽ ويهڻ لاءِ تيار نه آهي تنهن ڪري سندس عدم دلچسپي ۽ لاپرواهي سبب مورو شهر جي هر طرف گندگي ۽ گندگي ڦهلجي وئي آهي ۽ گندي بدبوءَ دار نيڪال وارين نالين ۽ گٽرن جي صفائي يا کاٽي نه ٿيڻ ڪري بدبوءَدار گندو پاڻي شهر جي ڪيترن ئي محلن، روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ ڪري شهرين کي سخت تڪليف جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ پڻ وڌندڙ گندگي ۽ بدبودار پاڻي بيهڻ ڪري مورو جي غريب شهرين ۾ ڪيترين بيمارين ڦهلجڻ جو خدشو لاحق ٿي ويو آهي ۽ پڻ وڌندڙ گندگي سبب شهرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته مورو ميونسپل ڪاميٽي ۾ نئون آيل چيف ميونسپل آفيسر چارج وٺڻ کانپوءِ مورو ميونسپل ڪاميٽي جي آفيس ۾ اچڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ لڳاتار نه اچڻ ڪري مورو شهر جي اڪثر علائقن ۾ صفائي جو فقدان پيدا ٿيڻ ڪري مورو جي شهرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي حالانڪ سنڌ حڪومت شهرين جي بنيادي حقن ۽ صفائي سٿرائي لاءِ مورو ميونسپل ڪاميٽي کي هر مهيني اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ روپين جا فنڊ موڪلڻ جي باوجود شهر ۾ صفائي جو فقدان نظر اچي رهيو آهي ايتري قدر جو مورو شهر جي هيٺين پاڙن بخاري محلا، حيات النبي مسجد جي سامهون،ملڪ ڪالوني، پير پاڳارو ڪالوني، ميمڻ محلا، سيد محلا، شيخ محلا، سرهيه محلا، ڪوري محلا، نول محلا، سوهو پاڙو، سيال محلا، غني حلوائي واري گهٽي، اسٽيشن روڊ، مستوئي محلا، چوهاڻ ڪالوني، جتوئي ڪالوني، گچيروروڊ، دادو روڊ، ٻانڌي روڊ ، ۽ ٻيا ڪيترائي پاڙا جتي صفائي جو فقدان پيدا ٿيل آهي مورو جي شهرين مورو شهر ۾ وڌندڙ گندگي خلاف ڪافي ڀيرا دانهون ڪوڪون ڪرڻ جي باوجود ڪو به کڙ تيل نه ٿو نڪري ۽ نه ئي صفائي واري معاملي ۾ ڪٿي به صفائي جي بهتر صوورتحال نظر نه ٿي اچي. ۽ هتان جي شهرين ضلعي انتظاميه کان گهر ڪئي آهي ته مورو شهر جي صفائي سٿرائي جو هنگامي بنيادن تي ڀرپور مهم هلائي شهر کي اوليت جي بنياد تي صفائي ڪرائي مورو جي شهرين کي وڌيڪ پريشاني کان بچائي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button