مختصر خبرون

دهشتگرد پاڪستان نه پر اسلام جا به دشمن آهن، ابرار حسين شاهه

ڪنڊيارو: پاڪستان پيپلز پارٽي واحد جماعت آهي جيڪا غريب ماڻهن جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي،صفوران واقعو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي،دهشتگرد پاڪستان نه پر اسلام جا به دشمن آهن، دهشتگردن سان ڪا به رعايت نه ٿيندي،اهڙن خيالن جو اظهار وزير اعلي سنڌ جي ڪو آرڊينيٽر ابرار حسين شاهه پاران ڪنڊيارو جي سينيئر صحافي مرحوم عنايت حسين گوپانگ جي نياڻيءَ جي شاديءَ جي تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صحافي عبدالحفيظ گوپانگ،راجا جان محمد گوپانگ،عمران گهانگهرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button