آرٽيڪل

راڳن ۾ ڪير هاڻي ، سانگين جي سار لهندو …….!؟

ادبي ادارن ۽ ثقافت کاتي کان وسري ويل سرمد سنڌي
ادريس نهڙيو.
سن جي سائين هڪ ميڙ ۾ هڪ نوجوان کي ڀاڪر پائي لاڏ ۽ چاڳ واري چاهه مان کيس ڳل بدران ڳلي تي چُمي ڏيئي سندس ڳلن تي شفقت جا هٿ ڦيرائي پُٺي ٺپري پيار ڪيو . سائين جي _ ايم سيد جي اهڙي انداز کي ڏسي اُتي موجود ڪجھ نوجوان ڪارڪنن سائين کان پڇيو ته سائين اسين به تنهنجي پنڌ جا پيروڪار آهيون پر هن نوجوان سان اوهان جو قرب ڪجھ وڌيڪ ته ناهي!!!؟

قومي فنڪار سرمد سنڌي جي ورسي جي موقعي تي
قومي فنڪار سرمد سنڌي جي ورسي جي موقعي تي

سائين مسڪرائيندي وراڻيو ته جنهن نوجوان جي ڳل بدران مون ڳلو چميو آهي. اُن جي هر صدا ۾ سنڌ جو عشق عيان آهي ۽ جيڪو سنڌ سان عشق ڪري ٿو آئون انهيءَ جو به عاشق آهيان سائين وڌيڪ وراڻيو ته هن نوجوان جي سنڌ سان سچائي جي انتها اها آهي ته جڏهن رياستي ادارن جي ايم سيد کي نظربند ڪري ڇڏيو هو. تڏهن هن نوجوان پنهنجي آواز وسيلي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ سيد ۽ سنڌ جي فڪر ۽ فلسفي کي پهچايو هو اُهو ڪم انهن حالتن ۽ اهڙين گھڙين ۾ جڏهن سنڌ جو نالو وٺڻ ڪنهن وڏي پاپ برابر ليکيو ويندو هو . اهڙن ڏکين ڏينهن ۾ هن سنڌ ۾ سجاڳي جو الم هٿ ۾ کنيو ۽ پنهنجي گيتن ذريعي سنڌي عوام ۾ قومي بيداري ۽ شعوري سجاڳي لاءِ جيڪو ڪم ڪيو اُن لاءِ سيد جي هڪ چمي ته ڪو ملهه ئي ناهي پر کيس سنڌ سان محبت ڪرڻ عيوض هي منهنجو کيس پيار ڀريو تحفو آهي. اهو نوجوان سنڌ جو قومي راڳي ۽ سپوت پُٽ سرمد سنڌي ئي هو جنهن کي سنڌ جي عشق ۽ سيد جي پيار امر بڻائي ڇڏيو .
سائين جي _ ايم جي پاران سرمد کي داد ڏيڻ جو طريقو يقينن هزارين سونن تمغن چاندي ۽ پتل جي ميڊلن کان مٿاهون ۽ مانائتو هو جيڪو هو قومي ڪاز ۽ ڪاڄ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني شاعرن ليکڪن اديبن ۽ فنڪارن کي اهڙي ئي نموني ڏيندو رهندو هو. 27 ڊسمبر تي سنڌ ڌرتي جي اُن موڀي پُٽ جي 15 هين ورسي هئي. جنهن تي هي ڌرتي ۽ ڌرتي وارا ناز ڪن ٿا. سرمد جي آواز ۾ سنڌ جون صدائون جتي به ڪنن تي ٻُرن ٿيون اُتي ماڻهو نه چاهيندي به بيخود ٿي بيهي رهي ٿو. اُن ماڻهو کي اُن جي مٺڙي آواز ۾ مٽيءَ جي مهڪار ۽ ڌرتي جي سڪ جي ڇڪ پاڻ ڏانهن ڇڪيو ٿي وٺي. واقعي هوُ سنڌ جو ٻيجل هو جنهن جي تان ۾ اهڙي ڪا تانگھ هئي جو ماڻهو موهجي ويندا هئا ۽ ماڻهو بيخود ٿي ويندا هئا.
سرمد سنڌي پنهنجي آواز وسيلي سنڌ جي درد کي ڳايو ماڻهن جون بي وسيون ۽ مجبوريون هن گيتن ۾ بيان ڪيون . هن جھالت جي ننڊ مان اٿارڻ واريون لوليون ڳايون . سرمد ٿر جي ماروئڙن کان ويندي جبل جي جھانگين ڪاڇي جي ڪونڌرن ، لاءڙ جي لاڏلن اُترجي اڙٻنگ جو ڌن کي گيتن وسيلي زندهه دلي ۽ دليري جا درس ڏنا. اڄ جڏهن ٽيڪنالوجي جي جديد دور ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽ ڪمپنين جا مالڪ راتو رات امير ٿيڻ جي چڪر ۾ سنڌ جي حقيقي تخليقي شاعرن جي شاعري ۽ انهن جي خيالن کي ڪتابن رسالن ۽ اخبارن مان چوري ڪرائي ۽ اُن ۾ چند جملن جي هير ڦير ڪري يا پنجابي ۽ سرائڪي بيلٽ جي شاعرن ۽ فنڪارن جي ڳايل شاعري کي ساڳين ٽريڪن تي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي اُن ۾ پنهنجي پراڊڪشن ۾ ويٺل ولگر ۽ ويلڊر شاعرن جا نالا ٽنبي/ پيسٽ ڪري قومن جي ثقافتي رنگن تي ڪارنهن ملي ڪارو ناڻو ڪمائي رهيا آهن. اُتي اسان جي اڌبي ۽ ثقافتي ادارن ۾ ويٺل سَڄاڻ ماڻهو خاموش ۽ اهڙن معاملن کان لاعلم بڻيا ويٺا آهن . جيڪو پڻ هڪ ڏکوئيندڙ سوال آهي. جتي تخليقڪارن کي سندن ذهني تخليقي پورهئي تان ڇڙواڳ ڇورن هٿان بيدخل ڪيو پيو وڃي. انهن جي ڏات جا بخيا اُڊوڙي انهن جي جذبن تي ٺٺوليون ڪري انهن کي ذهني اذيتون ڏيئي قومي سجاڳي واري تخليقي عمل کان روڪڻ لاءِ اهڙا اذيت ڏيندڙ دڳ ورتا وڃن. اُتي ثقافت کاتي توڙي ادبي ادارن جي اعليٰ ڪُرسين تي ويٺل انهن ذميوار ماڻهن جي غير ذميواري نه صرف اسان کي نڌڻڪي ۽ يتيم قوم هئڻ جي پَڪ ٿي ڏياري پر اُتي سندن ڪردار کي اسان اڳيان مشڪوڪ پڻ بڻائي ٿي.
جتي نالي ۽ ناڻي ڪمائڻ لاءِ ڪيسٽي مافيائون تخليق ڪارن جي تخليقن ۽ انهن کي عطا ٿيل قدتي ڏات ۽ انهن جي ذهني پورهئي کي ڌاڙيلن جيان اغوا ۽ ڦر ڪرڻ جھڙن گندن عملن ۾ ملوث هجن اتي انهن ذميوارن جي ايتري خاموشي اڳتي هلي قومن جي ادب ۽ ثقافت ۾ وڏا تضاد نه آڻيندي ته ٻيو ڇا ڪندي !؟ سرمد سنڌي ڪيسٽ ڪمپنين جي مالڪن ۽ مافيائڻ جي ڌنڌوڙي ذهنيت کان چڱـي طرح واقف هو. جنهن ڪري هو ميار ۽ سليڪشن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو هُن شهرت ۽ دولت ڪمائڻ لاءِ ڪڏهن به ڪٿي پنهنجي ڏات گروي نه رکي . ڇو ته هو نه گھڻي دولت جو طالب هو ۽ نه ئي هو شهرت جو ڪڏهن بکيو هو. سرمد سنڌي وٽ اها تخليقي سٿ هئي . جنهن جي قلمي ڏات کي پنهنجي آواز جي ڏات سان سرن ۽ سنگيت جو ساٿ ڏيئي هلندو هو اُن کي مواد ڏيندڙ پڪي ۽ پختي عزم ۽ جگر وارا شاعر هئا. اُن شيخ اياز کان ويندي حليم باغي ، زاهد شيخ ، عبدالغفار تبسم ، غلام حسين رنگريز ، منشي ابراهيم ، آڪاش انصاري، آسي زميني ، راشد مورائي ،ادل سومرو ، اياز گل ، ڪوثر ٻرڙو ، سميع بلوچ، عزيز سولنگي (اثر سنڌي) ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جھڙن نالي وارن ۽ مون جھڙن گمنام شاعرن جي شاعري ڳائي. سرمد سنڌي اڪثر اهوئي چوندو هُيو ته هڪ فنڪار ڪجھ به ناهي جيسين هڪ سٺو شاعر ۽ سٺو موسيقار اُن کي نٿو ملي . اهي ٽيئي جڏهن به جتي هم خيالي سان ملن ٿا تڏهن ئي روحن کي ڇهندڙ امر تخليق اُتي جنم وٺي ٿي جنهن کي مدتن تائين مات نه ٿيڻي آهي.
سرمد نه صرف هڪ قومي راڳي هو پر هڪ سٺو انسان ۽ سٺو دوست به هو گڏوگڏ هو غريب پرور ۽ يارن جو يار هو اُن جا پنهنجي مداحن سان نه ٽٽندڙ رشتا هئا. هو اڪثر چوندو هو ته اُهي مداح ۽ پرستار ئي اصل ۾ اسان جو اصل سرمايو آهن جن جي محبتن جي موٽ ۾ اسان جو فن زندگي پائي ٿو. اهوئي سبب هو جو سرمد جي ڪراچي ۾ ليمون گبو ڳوٺ واري اوطاق ( سرمد هائوس ) تي سندس پرستارن ، يارن دوستن جا ميلا لڳل هوندا هئا. جن لاءِ طعام وغيرو جو انتظام ٿيل هوندو هو. جيڪو سرمد اڪثر پنهنجي گھران ٺهرائي ايندو هو ۽ گڏجي سڀني سان کائيندو هو.
سرمد سان نه صرف پرستار ۽ دوست ملڻ ايندا هئا پر اُهي سرمد جي وسيع واسطن مان فائدو به حاصل ڪندا هئا. بيروزگار نوجوان اڪثر سرمد کان مختلف ڪامورن، وزيرن ۽ سياسي ماڻهن لاٰ چٺيون وٺڻ سان گڏ مختلف ماڻهن کي فونون به ڪرائيندا هئا. جيئن هو ڪراچي جھڙي اجگر شهر ۾ ڪو روزگار حاصل ڪري سگھن . مطلب ته سرمد گھڻن لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل هو . پر افسوس جو مقام آهي ته جيڪو ڪم سرمد ۽ اُن جي تخليقي سٿ سنڌ واسين ڏکين حالتن ۽ وسيلن جي اڻ هوند وارن ڏينهن ۾ ڪيو هو. اُهو هن جديد دور ۾ نٿو ڪيو وڃي . ڪمرشل ازم جا ڪارا واسينگ اڄ به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نالي تي پنهنجي پيٽن تي ڦيڻا رکي رهيا آهن . قومي وجود جي بقا ۽ مستقبل جي خطرن ۽ خدشن کان لاتعلق بڻيل هن ديس جي ماڻهن لاءِ هڪ دفعو سرمد جھڙن راڳين ۽ انهن جي تخليقي سٿ کي ميڊيائي دور ۾ پهرين صف ۾ بيهارڻ وقت جي پهرين ضرورت آهي. نه ته گمراهي جا گس ڏيکاريندڙ بازاري ٽولا قوم کي ڪنهن اُونهين ڪُن ۾ وڃي اڇليندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button