هنڱورجا: دهشت گردن جي خلاف موت جي سزائن تي عمل پهريان ٿيڻ گھربو ھو، ايم اين اي
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو آهي ته جيڪڏهن دهشت گردن جي خلاف موت جي سزائن تي عمل پهريان ڪيو وڃي ها ته پشاور جهڙا دردناڪ واقعه پيش نه اچن ها ملڪ ۾ دهشت گردن جي خاتمي لاءِ ضرب عضب آپريشن کي اڃان به وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضروت آهي ۽ هاڻي دهشت گردن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي ضروت آهي فنڪشنل ليگ اڳواڻ نيڪ محمد مرکنڊ جي ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ڪاظم علي شاهه وڌيڪ سنڌ ۾ قومپرستن جا چچريل لاش ملڻ وارو سلسلو تمام افسوسناڪ عملي آهي هڪ سازش تحت بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي هن وڌيڪ چيو ته پشاور ۾ معصوم شاگردن تي حملو ڪندڙ انسانيت جا دشمن آهن انهن دشمنن جي خلاف سڄي قوم کي هڪ ٿي مقابلو ڪرڻ پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ڪٽنب ڪڻڪ جي داڻي لاءِ سڪي رهيا آهن پر سنڌ جا حڪمران سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ الاپي رهيا آهن جيڪا ٿر جي عوام سان وڏي مزاق آهي ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو ته ملڪ ۾ دهشت گردي جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي انهن کي روڪڻ جي لاءِ پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻو پوندو. موت جي سزائن تي عمل اڳ ۾ ٿيڻو گهربو هيو پر دير آيد درست آيد تحت فيصلو آيو آهي جنهن تي عمل ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي