خيرپور

اسڪائوٽنگ جي سرگرمين ذريعي پوري دنيا ۾ امن جي پيغام کي پکيڙي سگهجي ٿو، نفيسه شاھ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

اسڪائوٽنگ جي سرگرمين ذريعي  پوري دنيا ۾ امن جي پيغام کي پکيڙي سگهجي ٿو، نفيسه شاھ
اسڪائوٽنگ جي سرگرمين ذريعي نه پوري دنيا ۾ امن جي پيغام کي پکيڙي سگهجي ٿو، نفيسه شاھ

ميمبر قومي اسيمبلي پيپلز پارٽي جي مرڪزي عهديدار ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته اسڪائوٽنگ جي تحريڪ هڪ يونيفارم تحريڪ آهي ۽ اسڪائوٽنگ جي سرگرمين ذريعي نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ امن جي پيغام کي پکيڙي سگهجي ٿو. هن اهڙو اظهار ناز پائليٽ هاءِ اسڪول خيرپور جي گرائونڊ تي 14 قومي ۽ ٻي سانسو اسڪائوٽ جمبوري جي اختتامي تقريب ۾ مهمانِ خاص جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. پشاور واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ اظهارِ افسوس ڪندي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيوته دهشتگردن پاران ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ناڪام ڪوششون ڪيون ويون آهن جڏهن ته تازو پشاور وارو واقعو تاريخ ۾ پهريون واقعو آهي جنهن ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ اسڪول ويندڙ معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ويو. جڏهن ته پشاور واقعي کانپوءِ قوم ٻيهر ٻڌي ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪيو آهي جڏهن ته اهڙن اسڪائوٽنگ جي سرگرمين ذريعي ۽ فني تربيت ذريعي دهشتگردن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ناز پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ هي تاريخي پروگرام آهي ۽ دهشتگردن پاران ملڪ ۾ اهڙين سرگرمين کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا آهن. پر اهڙي ڪامياب پروگرام ذريعي کين پيغام مليو هوندو ته پاڪستاني قوم هڪ آهي ۽ ڪنهن کان به ڊنل ناهي. هن چيو ته خيرپور جي اسڪائوٽنگ کي سئو سال مڪمل ٿي رهيا آهن جيڪو هڪ وڏو اعزاز آهي جڏهن ته خيرپور جي اسڪائوٽس پڻ هميشه انسانيت جي خدمت ڪئي آهي تازو ڪجهه ڏينهن اڳ ٺيڙهي باءِ پاس پير منڱيو وٽ ٿيل ڪوچ جي روڊ حادثي جي متاثر مسافرن کي اسپتال تائين پهچائڻ ۽ اسپتال اندر هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي منتقل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ماضي جي 2010 توڙي 2013 جي ٻوڏن ۾ پڻ خيرپور اسڪائوٽ جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪنگ اسڪائوٽ سيد قائم علي شاهه پڻ خيرپور ۾ هن وڏي ميگا ايوينٽ اسڪائوٽ جمبوري جي انعقاد ڪرڻ جي سلسلي ۾ 10ملين جي گرانٽ ڏني جڏهن ته سکر ڊويزن انتظاميه توڙي خيرپور انتظاميه پاران هن شاندار ايوينٽ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي 4500 يا 5000 اسڪائوٽ جي هن وڏي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف اسڪائوٽس جو عالمي ۽ ملڪي سطح تي امن جو پيغام وڃڻ گهرجي جنهن جي اڄ جي دور ۾ شديد ضرورت آهي. ان موقعي تي چيف ڪمشنر پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس جمبوري چيف حاجي عبدالڪريم بلوچ، ڪمشنر ڪوارڊينيشن ۽ ڊپٽي جمبوري چيف سيد عابد علي شاهه، اختر مير ۽ ٻين پڻ اختتامي تقريب کي خطاب ڪيو. جڏهن ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اسڪائوٽ ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته ايم پي اي غزاله سيال، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ڪئمپس خيرپور جي پرو وائيس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طارق علي نظاماڻي کي پڻ اسڪائوٽ جمبوري جي انعقاد ڪرڻ جي سلسلي ڪيل ڪوششن جي حوالي سان يادگار شيلڊون پڻ ڏنيون ويون جڏهن 14 هين قومي ۽ ٻي سانسو اسڪائوٽ جمبوري ۾ شرڪت ڪندڙ آمريڪا، انڊيا، افغانستان، فلپائن، آزاد ڪشمير، فاٽا، گلگت بلتستان، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختون خواهه توڙي ٻين علائقن جي اسڪائوٽس جي وفدن جي سربراهن کي شاندار شيلڊون پڻ ڏنيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button