حافظ محمد بخش خاصخيلي جو وڇوڙو
وحيد رزاق مستوئي، مورو
حقيقت اها آهي ته منهنجي حافظ سائين سان ڪڏهن به ڪا ملاقات ناهي ٿي پر حافظ جي لکيل مقالن، مضمونن شاعري کي پڙهيو ضرور آهي جنهن ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي ان وقت جي حالتن کي سامهون رکندي تمام گهڻي مزاحمت ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته ان وقت ۾ ماڻهن کي انصاف تمام گهٽ ملندي هئي ۽ ويچارا سنڌي روڊن رستن تي وقت گذاري دانهون ڪوڪون ڪندا هئا پر ڪير به انصاف ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو هيو حافظ سائين جي لکڻي ۾ ان وقت جي حاڪمن وڏيرن جاگيردارن کي للڪار آهي جڏهن ڪافي لکڻين ۾ تمام گهڻي سمجهاڻي آهي بس ڪاش هافظ محمد بخش خاصخيلي سان ملاقات ٿئي ها ته ڪجھ گهڻو حاصل ٿئي ها،
اسان مان اسان جون بهارون ويون کسجي
زبانون ويون ڪٽجي پڪارون ويون کسجي
ٽُٽو سا ز د ل جو نه آ و ا ز نڪري
۽ تن جي تنبوري کان تارون ويون کسجي
جهر وڪا جُهر ي پيا ا ڱڻ ٿيا نه آ جا
ڪندي پنڌ وچ تي ڄمارون ويون کسجي
ڪنهن بي وسيءَ کان پنهل ويو پري آ
جو سسئيءَ سڃيءَ کان مُهارون ويون کسجي
اِنهيءَ ماجرا جون ڏيون ميارون ڪنهن کي
ڏکايل کان مهڻا ميارون ويون کسجي
اِ نهي ما مَ ما ر ي و ڌ و آ هي حا فظُ
جو حافظ کان در گهر ديوارون ويون کسجي.
موت هڪ اٽل حقيقت آهي، خدا پاران مٽيءِ سان کيڏندي مٽيءَ جو ٺهيل انسان مٽيءَ سان ئي مٽيءَ ٿي وڃي ٿو، حافظ محمد بخش خاصخيلي جي زندگي جو به سج لهي ويو ۽ حافظ اسان کان ائين وڇڙي ويو جو ڪا خبر ئي نه پئي، مختلف ليکڪن لکيو آهي ته حافظ محمد بخش جيڪو لطيف جو پارکو هيو جنهن کي شاھ عبدالطيف ڀٽائي جو هر بيت ياد رکندڙ حافظ ڏيڍ سال بيماري سان جنگ ڪندي نيٺ هارائي ويٺو ۽ اسان کان موڪلائي ويو،
حافظ محمد بخش خاصخيلي هر پروگرام ۾ پنهنجي شاعري!
ظالم توسان پاڻي ٿيندو،
پاڻي تي ئي پاڻي ٿيندو.
ٻڌائيندو هو. حافظ محمد بخش خاصخيلي سنڌ جو صوفي فڪر ۽ صوفي عزم واري فڪري قافلي جو راهي هو، ليکڪن لکيو ته حافظ محمد بخش خاصخيلي جڏهن ڪو به نظم پڙهندو هو ته هر ٻڍو توڙي جوان جوش ۾ اچي ويندو هو، ان ئي نظم لکڻ ۽ پروگرامن ۾ پڙهڻ جي ڪري آمر ضياءَ جي دور ۾ حافظ کي جيل ۾ پڻ قيد ڪيو ويو هو، پر حافظ مڙڻ وارو ته هو ئي ڪونه، جيل ڪاٽي اچڻ کان پوءِ به حافظ اڃا وڌيڪ جنون ۾
اچي اهو نظم پيش ڪندو رهيو،
ڊسمبر جي رات جو وڇڙي ويندڙ حافظ پنهنجي ڪردار ۽ تخليقن ۾ اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندو،25
ڊسمبر جو مهينو اسان کان پنهنجا اديب شاعر محقق کسيندڙ مهينو ثابت ٿيو آهي، ڪيترائي ڏاها اسان کان ڊسمبر ۾ ئي وڇڙيا آهن،
حافظ محمد بخش خاصخيلي پنهنجي شاعري اڪثر گنگائي به ٻڌائيندو هو، سندس شاعري ۾ سنڌ جي ماروئڙن، غريبن جو درد ۽ آمريت ۽ وڏيرپ واري نظام کان بغاوت جهلڪندي نظر ايندي هئي سندس شاعري ۾ بغاوت ڀريا لفظ ڪڏهن به سنڌ دشمنن کي ڪونه وڻيا پر حافظ جي ڌرتي سان محبت هئي ۽ هو اهڙن چند پئسن وارن چيڪن کي هميشه ٺڪرائيندو رهيو ۽ سدائين ڪنڌ اوچو ڪري هليو، سندس شاعري ۽ شاھ جو مڪمل رسالو کيس پوري طرح ياد هيا شاھ سائين جي شاعري ته تحت الفظ به پيش ڪئي اٿس، سندس هر ڳالھ هر لکڻي هر شعر هر سٽ هر لفظ ۽ هر اکر هن سنڌ وٽ امانت آهن سندس هر تخليق هميشه زنده رهندي. شاهه سائين جو پارکو، سنڌي ٻوليءَ جو مزاحمتي شاعر، سگهڙ ۽ نثر نويس حافظ محمد بخش خاصخيلي نوان جتوئي تعلقه مورو ۾ پهرين جون 1932ع تي سائين بخش خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري 4 درجا ڳوٺ لونگ ڪوريجي جي مدرسي مان 1947ع ۾ پڙهي پورا ڪيائين. انهي دوران هن قرآن شريف جا 11 سپارا به حفظ ڪري ورتا. انهي دور ۾ هن کي مذهبي علماءِ ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو. 1948ع ۾ سڪرنڊ ۾ روحانيت واري ڪم ۾ ويهي رهيو، 1951ع ڌاري سنڌي فائنل جو امتحان ڳوٺ خير شاهه لڳ نوابشاهه مان پاس ڪيائين انهيءَ دوران هن مختلف هنڌن تي محنت مزدوري به ڪئي، حافظ محمد بخش جي شاعري! پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو، توسان منهنجو پاڻي ٿيندو، پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو، هاڻي هڪ هڪاڻي ٿـيندو، ظـــالم توسان پاڻي ٿيندو، ليکو اڄ ســـڀاڻي ٿيــندو، توسان منهنجو پاڻي ٿيندو، پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو. حافظ جا شعر سنڌ جي مزاحمتي جدوجهد ۾ جنگ جو طبل وڄڻ جو ڪم ڪندا هئا ٻڌندڙن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا ۽ سندن دل ۾ سنڌ جي آجپي، آزاديءَ ۽ خوشحالي جا ڪرڻا نظر ايندا هئا. 2003ع کان هن کي گلي جو ڪينسر ٿيو ڪافي علاج ڪرايائين نيٺ سندس ڪينسر جو مرض وڌندو رهيو انهي سلسلي ۾ هي ڄامشوري جي اسپتال ۾ ڪينسر جي وارڊ ۾ به ڪجهه عرصو داخل رهيو هن سان گڏ سندس ڀاڻج ۽ ڀلوڙ شاعر گدا خاصخيلي به گڏ رهيو پر سنڌ جو هي ارڏو، اربيلو ۽ مزاحمتي شاعر اسان کان 25 ڊسمبر 2004ع تي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ابدي آرامي ٿيو. سندس مزار نوان جتوئي لڳ قبرستان ۾ واقع آهي. جڏهن ته سندس ياد ۾ سڀاڻي(اڄ) ورسي پڻ نوان جتوئي ۾ ملهائي پئي وڃي جنهن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ناميرا اديب، شاعر، ليکڪ، محقق، دانشور، سگهڙ، استاد، داڪٽر، صحافي سميت هر مڪتب سان تعلق رکندڙ علم ادب دوست شريڪ ٿيندا.