”گلن جي موسم ڪليون نه آنديون، بهار آندا پٽن جا لاشا“
وحيد رزاق مستوئي
”گلن جي موسم ڪليون نه آنديون، بهار آندا پٽن جا لاشا“ سياري جي هن سرد موسم ۾ ڪنهن به نه ڄاتو هو ته جيڪا ماءُ اڄ پنهنجي پٽ يا ڌيءُ کي جيڪو سوئيٽر پارائي رهي آهي، اهو رت هاڻو بڻجي ويندو. مائرن کي جيڪڏهن ڪنهن ريت اهو احساس هجي ها ته اڄ سندس ٻچڙي جو جسم سندس خون سان لت پت ٿي واپس پهچندو ته اهي مائرون انهن کي گهرن جي چانئٺ ته پري جي ڳالهه ٿي پر هو انهن کي پنهنجي سيني کان ڌار به نه ڪن ها. ڪالهه پشاور جي هڪ اسڪول ۾ دهشتگردن انهن معصوم ٻارن مٿان گولين جو مينهن وسائي ڏنو، جيڪي اسڪول جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ خوشي خوشي پهتا هئا. دهشتگردن نه صرف معصوم ٻارن تي گوليون وسايون پر آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي به ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هر طرف ٻارن جون ريهون، ڪيهاٽ ۽ تڪليف مان روڄ راڙو هو. اهو روڄ راڙو. لڙڪ ۽ ڳوڙها پشاور تائين محدود نه هئا پر سموري ملڪ ۾ هئا اها خبر ان ڪري هر جاءِ تي پهتي جو تيز اطلاعاتي دور آهي تنهن ڪري هيءَ خبر سموري دنيا تائين به پهتي ۽ جتي جتي احساساتي دليون آهن اهي ضرور سڏڪن ۾ هونديون جن جن اکين ۾ روشن دنيا جا خواب آهن انهن جون اکيون رت روئنديون هونديون. جڏهن ته اڄ پوري ملڪ سميت مورو ۾ به سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۾ سوڳ ڇانيل رهيو جڏهن مورو شمع پرائوڊ پبلڪ هاءِ اسڪول جي شاگردن شاگردياڻين ۽ استادن پاران پساور سانحي جي شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪري دعا گهري ۽ اسڪول جي ٻارڙن پاران ميڻ بتيون ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ زخمين جي صحتيابي ۽ پوئنرن کي صبر تحمل جي لاءِ دعا گهري ان موقعي تي شاگردن چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن دهشتگردن جي اهڙي ڪريل حرڪتن کان ڊڄڻ وارن مان ناهيون اسان هن ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهيون جڏهن ته هن دهشتگردي جو اصل ضرب عضب آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ مُلڪ جي ڳجهن ادارن جون اِهي رپورٽون هيون ته دهشتگرد انهيءَ آپريشن جي ردعمل ۾ انتها تائين وڃي سگهن ٿا ۽ اهڙي انتها ڪالهه اسان پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ اُن وقت ڏٺي جڏهن ڪجهه دهشتگرد اسڪول جي پٺيان واري ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا ۽ ايندي ئي ڌماڪا ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 147 ڄڻا شهيد، جڏهن ته سوين شاگرد زخمي ٿيا جڏهن انهي دردناڪ حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان قبول ڪري ورتي آهي. اِهو هڪ اهڙو دردناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. اِهو واقعو نه رُڳو دهشتگردن جي درندگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، اِنهيءَ مان اِهو پتو به ملي ٿو ته دهشتگردن کي انسانيت سان ڪو به سروڪار ناهي اُنهن دهشتگرد نه رُڳو علم دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي پر پاڪستان جي مستقبل مٿان حملو ڪري هُنن ثابت ڪيو آهي ته اُهي ڪڏهن به هن مُلڪ کي امن ۽ سلامتيءَ ۾ سُکيو ستابو ٿيندي ڏسڻ نٿا گهرن انهيءَ واقعي کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُنهن دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکي ٿو ته اُهو پڻ هن مُلڪ جي عوام جي خواهشن جي قاتلن مان سمجهيو وڃڻ گهرجي، واقعي کان ستت ئي پوءِ وزيراعظم اِهو چئي پشاور روانو ٿي ويو ته ’مان ان قومي سانحي کان پوءِ اسلام آباد ۾ ويهي نٿو سگهان. سندس اهو به چوڻ هو ته هاڻ آپريشن جي مان پاڻ نگراني ڪندس وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هيءُ قومي سانحو آهي ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سڀئي منهنجا ٻچا آهن ڪالهه آرمي چيف جنرل راحيل شريف پڻ ڪوئٽيا جو دورو ملتوي ڪري پشاور پهچي ويو آهي جڏهن ته انهيءَ واقعي کان پوءِ تحريڪ 17 ڊسمبر تي اعلانيل پنهنجي هڙتال وارو سڏ واپس ورتو آهي ۽ خود عمران خان پڻ پشاور روانو ٿي ويو آهي، انهيءَ سانحي جا جتي سيڪيورٽي ليپس ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا اُتي مُلڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ کي پڻ اهم ڪارڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو جو وفاقي توڙي خيبرپختونخواھ جي سرڪار جون سموريون توانائيون هڪ ٻئي جي خلاف استعمال ٿي رهيون هيون جيڪڏهن اِها ڇڪتاڻ متل نه هُجي ها خيبرپختونخوا جو وڏو وزير ڌرڻن تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ پنهنجي صوبي جي سيڪيورٽيءَ وارن معاملن تي توجھ ڏئي ها ته هوند ايڏي وڏي سانحي مان گذرڻو نه پوي ها، پر بدقسمتيءَ سان اسان کي پنهنجي نسل ۽ مستقبل جي بقا کان هٺ ۽ ذاتي انائون وڌيڪ عزيز ٿي ويون آهن جنهن جو فائدو سدائين دهشتگرد قوتون ئي کڻنديون رهيون آهن، ٻار گلن جهڙا هوندا آهن جيڪي صرف صرف پيار جا مستحق هوندا آهن ۽ هو صرف خوشبو ڏيندا آهن ٻارن جي مرڪ ۾ خدا وسي ٿو ۽ سندن دليون ڪنهن به سازش سان ڀريل نه هونديون آهن تنهن ڪري هو بلڪل معصوم هوندا آهن جلاد کي به ان وقت رحم اچي ويندو آهي جنهن وقت ٻار جو روح قبض ڪيو ويندو هجي ۽ ان وقت اهو ٻار مرڪندو هجي پر هڪ انسان ايترو به سفاڪ، بي رحم ۽ وحشي ٿي سگهي ٿو جو ان کي معصوم ٻارن تي گوليون هلائيندي ڪا ڪهل نه اچي. هن المئي مان بلڪل واضح آهي ته انهن جو اهو به مقصد نه آهي جيڪو هو بيان ڪري رهيا آهن هنن جو چوڻ آهي ته هو دين الاهيءَ خاطر وڙهي رهيا آهن هو الاهي نظام حڪومت برپا ڪرڻ لاءِ هي وحشي ڪارروايون ڪري رهيا آهن پر اهو سڀ ڪجهه ڪوڙ، دوکو ۽ فريب آهي اڄ سموري قوم رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي هنن هيءَ ڪارروائي به ان لاءِ ڪئي آهي ته جيئن سڀ جو سڀ رت جا ڳوڙها روئن ڪالهه جيڪي ڏيڍ سئو تابوت هزارين ماڻهن جي ڪلهن تي هئا اهي تابوت صرف پنهنجي مائرن جي ٻارن جا نه هئا پر اهي تابوت هن ملڪ جي مستقبل جا هئا، هن ملڪ جي آئيندي جا هئا هن ملڪ جي روشن دنيا جا هئا پر اونداهه جي پوڄاري چمڙن جي قهرين ڪارواين سبب جهڙوڪ ملڪ جو مستقبل اونداهون بڻجي ويو پر ان ڳالهه جي پڪ آهي ته اونداهه جي پوڄارين خلاف هي آپريشن بند نه ٿيندو بلڪه سندن خلاف وڌيڪ ڪارواين لاءِ هيءَ خون جي هولي کيڏي، انتهاپسندن جي لاءِ هن ڪارروائيءَ کانپوءِ ڪا به همدردي نه پر نفرت ۾ اضافو ٿيو آهي هڪ طرف مُلڪي فوج دهشتگردن خلاف تاريخ جي خطرناڪ جنگ وڙهي رهي آهي ته ٻئي طرف سياستدانن سڄي مُلڪ کي آکاڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ڌرڻا، احتجاج ۽ هڪ ٻئي خلاف غير اخلاقي ٻولي ڳالهائڻ کي اُنهن روايت بڻائي ڇڏي آهي ٿيڻ ته اِئين گهربو هو ته مُلڪ جون سڀئي جمهوري قوتون هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجي فورسز سان ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي دهشتگرديءَ جي آزار کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جون ڪوششون وٺن ها پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا اڳواڻ اهڙين صحتمند روايتن کان بنهه عاري بڻجي چُڪا آهن اُنهن کي معلوم ئي نه ٿو هُجي ته ڪهڙي وقت تي ڪهڙو عمل ڪرڻ گهرجي اُهي پنهنجي نادانيءَ سبب دشمنن لاءِ سدائين آسانيون پيدا ڪندا رهيا آهن جنهن سبب نه رُڳو قومي نقصان ڀوڳڻو پوي ٿو پر پوريءَ دنيا ۾ مُلڪ ساک پڻ جيئن پوءِ تيئن متاثر ٿي رهي آهي، تنهنڪري هن قومي سانحي جي موقعي تي اسين سمورن سياستدانن کي اهائي صلاح ڏينداسين ته اُهي پنهنجي ذاتي انائن کي پاسيرو رکندي هن ڏُک واري گهڙيءَ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏين ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان پاڻ کي بچائي سگهجي.