مختصر خبرون

سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران هاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪئمپس ۾ هڪ دستوري گڏجاڻي ٿي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو.
سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران هاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪئمپس ۾ هڪ دستوري گڏجاڻي سابقه سيڪريٽري اديب شاعر عظيم سنڌي جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ادب سان تعلق رکندڙ دوستن شرڪت ڪئي ان موقعي تي عزيز سولنگي(غزل)، بابر مقدر ميمڻ(نثري نظم)، خالد ساحل ڪيريو(نظم)، علي خان عادل لغاري(وائي) ۽ مخيتار شاھ(بيت) تنقيدي اصلاح لاءِ پيش ڪيا جن تي مٿين سميت وفا سرمد رزاق مستوئي، عبدالجبار شاھ، منير احمد سيال، وسيم عباس ميمڻ، محمد يعقوب ڍلو، منور علي، اظفر سعيد، اظهار مخدوم، مدد علي چوهاڻ، عابد حسين سولنگي، مشتاق احمد، معشوق محسن ابڙو، خادم حسين لانگاھ، سڪندر ڪورائي، راهب سوهو اصلاحي رايا پيش ڪيا انهي مقعي تي صدارتي خطاب ڪندي شاعر اديب عظيم سنڌي چيو ته مختيار علي شاھ جي سيڪريٽري ٿيڻ کانپوءِ جي گڏجاڻين ۾ اڄوڪي ڪچهري منهنجي صدارت ۾ ۾ ٿي گذري مورو جا نوجوان ادب جي دنيا ۾ پنهنجو شانائتو تعارف پيش ڪرڻ ۾ وڌ کان وڌ تيزي سان سفر ڪري رهيا آهن اڄ مقدر جي نثري نظم ۾ عيز سولنگي جي غزل سڄي سنگت کي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، جنهن ڪري منهنجي دل به خوش ٿي آهي مورو جي سنڌي ادبي سنگت ۾ ڏينهون ڏينهن سونهن وڌندي رهي ٿي نوجوانن جو مطالعو تمام سٺو نظر آيو، مختيار علي شاھ جي محنت کي جس هجي جيڪو ايندڙ آچر تي ادبي پروگرام ڪرائي محبتي گڏ ڪري ٿو، گڏجاڻي جي آخر ۾ مخيار علي شاھ اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ آچر تي ”ڪهاڻي ڪچهري“ جي بيٺڪ ٿيندي جنهن تي سنڌ جو نامور دانشور اظفر سعيد ميمڻ ليڪچر ڏيندو ان ادب دوست پنهنجيون ڪهاڻيون پيش ڪري سگهن ٿا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button