ھنڱورجا

ھنڱورجا: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل خلاف مڪمل طور تي شٽربند هڙتال

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

ھنڱورجا: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل خلاف مڪمل طور تي شٽربند هڙتال
ھنڱورجا: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل خلاف مڪمل طور تي شٽربند هڙتال

هنڱورجا ۾ جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل خلاف مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪري جي يو آءِ جي ڪارڪنن مولانا راشد رباني، عبدالسلام ميمڻ، حافظ راشد ليل، خالد محمود ليل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن پنجهٽي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب جي سامهون قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو جي يو آءِ ڪارڪنن جي ڌرڻي ۾ جسقم، جسمم، شهري ايڪشن ڪاميٽي، دڪاندار ايسوسيئشن سميت مختلف سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن وڏي انگ شرڪت ڪئي ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون مڇريل مظاهرين ٽائر ساڙيا ۽ ڊاڪٽر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شديد نعريبازي ڪئي جڏهن ته ڌرڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو مرڪزي قيادت سان گڏ پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل سنڌ جي حقيقي آواز کي خاموش ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button