ھنڱورجا

هنڱورجا: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ٿيو، اياز لطيف پليجو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

اياز لطيف پليجو ميڊيا سان ڳالھائيندي
اياز لطيف پليجو ميڊيا سان ڳالھائيندي

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ نڪتل محبت سنڌ بيداري مارچ مختلف شهرن کان ٿيندو هنڱورجا پهچڻ تي سندس ڪارڪنن پاران شاندار آجيان ڪئي وئي محبت سنڌ بيداري مارچ ۾ شامل ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو آهي ڊاڪٽر خالد سدائين سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن بابت چٽو موقف رکندي سنڌ جي روڊن کان اعلي ايوانن تائين حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندو رهيو جنهن جي ڏوهه ۾ کيس کي شهيد ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بلوچستان جهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن قومي ڪارڪنن کي کنڀي انهن کي بيدردري سان قتل ڪيو پيو وڃي. وزيراعلي سنڌ ۽ وفاقي وزير چودري نثار سميت ذميوارن کي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ۽ شهيد ڪارڪن جي تڏي تي وڃڻ گهرجي سنڌ ۾ مسلسل قتل ٿيندڙ اڳواڻن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججن تي مشتمل جاچ ٽيم مقرر ڪئي وڃي هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سنڌ کي ٽوڙڻ جي منصوبي تي عمل ڪري پيو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ ۾ آصف زرداري ۽ ملڪ رياض ساٿاري بڻيل آهن الطاف حسين ملڪ ۾ اسرائيل جهڙي الڳ رياست ٺاهڻ چاهي ٿو پر سنڌ جا غيرتمند سنڌي سڀني سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود جي شهادت تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي قومي عوامي تحريڪ اڄ سنڌ ۾ مڪمل طور تي شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪندي قومي تحريڪ جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪندا. اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو ته سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ۽ بيدار ڪرڻ جي لاءِ محبت سنڌ بيداري مارچ ڪيون پيا سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. قومي عوامي تحريڪ جي محبت بيدار سنڌ ريلي جڏهن هنڱورجا پهتي تي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ڀرپور نموني سان سندس جي شاندار آجيان ڪئي. جنهن کان پوءِ اياز لطيف پليجو جي محبت بيدار سنڌ ريلي پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button