آرٽيڪل

سنڌ ۽ سنڌيت جو درد رکندڙ جي زندگي جي پڄاڻي ۽ هميشھ سچ جو آواز بڻيل ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

وحيد رزاق مستوئي، مورو

وحيد رزاق مستوئي
وحيد رزاق مستوئي
هن ڌرتي تي ڪيترائي ڪونڌر پٽ ڪٺا ۽ ماريا ساڙيا ويا آهن جن جو تعداد اڻ ڳڻيو آهي ڇاڪاڻ ته انهن ڳڻپ تمام گهڻي آهي جيڪي ڪونڌر پٽ ڪٺا ساڙيا ماريا ويا انهن جو تعلق ڪافي سنڌ ۽ بلوچستان سان شمار ٿئي ٿو جنهن ۾ اهو قومپرست هجي، سماجي شخصيت هجي، سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ هجي تعليمي سرگرمين سان تعلق هجي، انساني همدردي رکندڙ هجي يا ڪالا باغ ڊيم ون يونٽ ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي انهن تي آواز اٿارڻ کانپوءِ اغوا ڪري ماريو ساڙيو يا وري هن جي لاش کي ڪچليو ويو آهي يا ته انهن کي ڌرتي تان مورڳي گم ڪيو ويو آهي اها حقيقت آهي ته انسان جي زندگي تمام گهڻي مختصر هوندي آهي ان مختصر زندگي کي عمل قيمتي ۽ يادگار بڻائي ڇڏيندو آهي عمل ئي زندگي کي معنيٰ ڏيندا آهن ان ۾ جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي زندگي به سڦلائتي ۽ با معنيٰ هئي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پنهنجي زندگي جي 58 ورقن ۾ خالد محمود سومرو ثابت ڪيو ته هو حقيقي ۽ سچائي واري جدوجهد تي ويساھ رکندڙ شخصيت هيو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هميشھ هر اشو تي اڳڀرو رهيو ان ۾ سنڌ جو قومي اشو هجي، ڪالا باغ ڊيم جو اشو هجي، ڪاري قانون جو اشو هجي، آدمشماري جو اشو هجي يا ٻيا ڪيترائي اشو سامهون آيا هجن انهن ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪيو اٿس، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جو قومي اشوز تي سدائين للڪاريندڙ ڪردار ادا ڪندو رهيو. ان ۾ ڪالاباغ ديم جو مسئلو هجي، سنڌ ۾ ڪاري قانون نافذ ڪرڻ جو اشو هجي، آدمشماري جو مسئلو هجي يا لساني ڌر پاران سنڌ جي ورهاڱي جو سوال ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا واقعا هر واقعي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قومپرست ۽ سنڌ پرست ڪارڪنن وانگر آواز بلند ڪندي نظر آيو. جيتوڻيڪ هو جي يو آءِ جو سنڌ جو اڳواڻ هيو جيڪا وفاقي جماعت آهي ۽ لازمي ڪونهي ته ان جو سنڌ جو هر اشو تي موقف قومپرستن سان ملندڙ جلندڙ هجي پر هن سدائين سنڌ ۽ سنڌيت جي مفاد کي ترجيح ڏني. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جي اشوز تي ديني عالمن کان شرعي طورفتوائون ڏياريون کيس مذهبي ۽ قومپرستن حلقن جي وچ ۾ پل وارو تصور ڪيو ويندو هو. افسوس جو اها پل اڄ ڊهي وئي ۽ سنڌ جي اشوز تي قومپرستن ۽ مذهبي حلقن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ مظبوط سلسلو هميشھ هميشھ جي لاءِ ڪٽجي ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سکر ۾ هٿياربند مسجد اندر گهڙي جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد محمود سومرو نماز پڙهڻ دوران گولين جو کاڄ بڻائيندي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد هٿياربند ڦورن فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ شرط سموري شهر جا شهري واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ٻڌايو ويو ته جي يو آءِ سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد گلشن اقبال جي مسجد ۾ فجر جي نماز ادا ڪري رهيو هو ته هڪ هٿياربندن مسجد ۾ گهڙي مٿس فائرنگ ڪئي جنهن جي نتجي ۾ سابق سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو زخمي ٿي پيو فائرنگ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا ڊاڪٽر خالد محمود کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي شهيد ٿي ويو جنهن جو مڙهه خانگي اسپتال آڻڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ رينجرز اٽالن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي سمورو علائقو سيل ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف سکر شهر ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن واقعي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيو جڏهن ته واقعي کان پوءِ سمورو شهر بند ٿي ويو آهي، سکر پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو نماز ادا ڪري رهيو هو ته ان دوران هڪ هٿياربند مسجد ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويو پر تنهن هوندي به ٿي سگهي ٿو ته حملو ڪندڙ هٿياربندن جو انگ وڌيڪ هجي شهيد خالد محمود سومرو جي پٽ ڊاڪٽر ناصر محمود سومرو جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر مٿان اڳ به پنج ڀيرا قاتلاڻا حملا ٿي چڪا آهن شهيد خالد محمود سومرو جو مڙهه ڳوٺ دودائي منتقل ڪري تڏو وڇايو ويو آهي جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي هوڏانهن رپورٽ هڪ ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن موجب ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي جسم ۾ 4 گوليون لڳل هيون چارئي گوليون پٺئين پاسي کان لڳل آهن جن مان 2 پٺي ۽ 2 مٿي واري حصي ۾ لڳل هيون ڊاڪٽرن موجب سندس موت گهڻي رت وهڻ سبب ٿيو ڊاڪٽرن جو اهو به چوڻ آهي ته زخمي ٿيڻ بعد حرا ميڊيڪل سينٽر پهچڻ کان اڳ ئي هو فوت ٿي چڪو هو سکر جي ايس ايس پي تنوير حسين تنيو چيو ته جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو تي قاتلاڻو حملو صبح جو سوير 6 لڳي 25 منٽن جي وچ ۾ ٿيو شاهدن موجب ته 4 ڄڻا اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار ۾ مدرسه حقانيه وٽ پهتا ڪار مان 3 ڄڻا هيٺ لٿا جن مان 2 ڄڻا مسجد ۾ ان جاءِ تائين پهتا جتي ڊاڪٽر خالد محمود نماز پڙهي رهيو هو ايس ايس پي تنوير تنيو موجب جوابدار پاڻ ۾ بلوچي ٻولي ۾ ڳالهائي رهيا هئا اندر داخل ٿيل ٻن ڄڻن مان هڪ ڄڻي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي سڃاڻپ ڪئي ۽ ٻئي فائر ڪيا حملي آورن وٽ پسٽل ڪلاشنڪوف هٿيار هئا ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي 4 ڳوليون لڳيون واقعي واري هنڌ تان ڪلاشنڪوف جي گولين جا 11 ۽ پسٽل جي گولين جا 3 خول هٿ آيا آهن ايس ايس پي چوڻ آهي ته قتل وقت ڪا به مزاحمت نه ٿي آهي جوابدار نمازي جي روپ ۾ مسجد اندر داخل نه ٿيا هئا مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت به سندن هٿن ۾ هٿيار موجود هئا. ايس ايس پي تنوير تنيو جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي لاڙڪاڻي پوليس جا 10 اهلڪار تحفظ لاءِ مليل هئا. حملي وقت مسجد اندر سندس 2 محافظ موجود هئا جن مان هڪ ننڊ ۽ ٻيو وضو ڪري رهيو هو. شهيد خالد محمود سومرو جي پٽ ڊاڪٽر ناصر محمود سومرو جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر مٿان 5 ڀيرا اڳ به قاتلاڻا حملا ٿي چڪا آهن شهيد خالد محمود سومرو جو مڙهه ڳوٺ دودائي منتقل ڪري تڏو وڇايو ويو آهي، سندس جنازي نماز لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي وئي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ ڄائو شهادت وقت سندس عمر 58 سال هئي. ابتدائي تعليم هن عاقل ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي جڏهن ته سندس بنيادي ديني تعليم مولانا علي محمد جي نگراني ۾ ٿي جڏهن ته دستار بندي ڪراچي جي جاميه بنوريه ۾ ٿي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميديڪل ڪاليج مان هن ايم ايم بي ايس جي سند حاصل ڪئي. سابق سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي پٺيان 6 پٽ، 3 نياڻيون ۽ هڪ بيواھ آهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي يو آءِ جي اهم ترين اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو هو لڳا تار 7 ڀيرا جي يو آءِ سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ دشمن سازشن ڪالاباغ ڊيم، ٻٽي نظام ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ان عملي جدوجهد ڪئي. سنڌ لاءِ اهم آدمشماري واري معاملي تي به هن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو سينيٽ جو ميمبر پڻ رهيو جنهن دوران هن سنڌ جي قومي اشوز تي مٿي ايوان ۾ آواز بلند ڪيو ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي مذهبي ۽ قومپرست حلقن جي وچ ۾ پل تصور ڪيو ويندو هو شهيد خالد محمود سومرو کي قومپرست خيالن وارو مذهبي عالم سمجهيو ويندو هو هن ڪالاباغ ڊيم سميت سڀني سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ جي قومپرست ڌرين سان گڏجي تحريڪون پڻ هلايون، سينيٽ ۾ پڻ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هڪ مضبوط آواز بڻيل رهيو داڪٽر خالد محمود سومرو هميشھ روڊن رستن تي ٿيندڙ احتجاجن ۾ هر هڪ جو آواز بڻيل رهيو هن ڪڏهن به ڪنهن جي درد جو سودو نه ڪيو هن هميشُ دردمند جو ساٿ ڏنو ۽ مونکي چڱيءِ ريت ياد آهي ته مورو ۾ صبح جي وقت احتجاج هلي رهيو هيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو اتان گذري رهيو جنهن معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺ لهي اچي پڇا ڪئي ته ڇاجي ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي مقصد ايترن حملن جي باوجود ڊاڪٽر خالد محمدو سومرو ڪنهن کان نه ڊڄن وارو ڪردار هيو هن هميشھ عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پر افسوس جو اڄ اهو جدوجهد واري شخصيت ۽ انسان دوست شخصيت هميشھ هميشھ جي لاءِ وڇڙي ويو کين پوئنرن سان تعزيت ڪندي هر ڏک تڪليف ۾ ساڻس گڏ آهيون ۽ الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪندو. آمين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button