ڪراچي

ڪراچي: ٿر ڏڪار، پائيلر جي داخل درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿي رهي آهي

سڪندر ڀٽو، ڪراچيthar-villagers1
ٿر ڏڪار بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پاڻمرادو نوٽس وٺڻ ۽ سماجي تنظيم پائيلر جي داخل درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿي رهي آهي ، ذريعن موجب ٿر ڏڪار بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقبول باقر پاران مقرر ڪيل انڪوائري آفيسر ضلعي سيشن جج مٺي سريش ڪمار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي رپورٽ موجب ٿر ۾ ڏڪار کان پوءِ سنڌ سرڪار سنجيدگي نه ٿي ڏيکاري ٿر ۾ 28 صحت مرڪزن مان 18 صحت مرڪز غيرفحال آهن متاثرين کي پيڻ جو صاف پاڻي مهيا نه پيو ڪيو وڃي ، ٿر ۾ 401 هڪ ڊاڪٽر جون جاهيون آهن جنهن ۾ 271 جاهيون خالي آهن ، جنهن ۾ ميڊيڪل آفيسر ، عورتن ، ٻارن جا ڊاڪٽر ۽ اسپيلشٽ ڊاڪٽر شامل آهن رپورٽ موجب هن وقت تائين ٿر ڏڪار ۾ 154 ٻار فوت ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 35 ٻار پنج سال کان گهٽ عمر وارا آهن ، مٺي ، عمر ڪوٽ سميت اسپتالن جي حالت خراب آهي ٻن سالن کان ايڪسري مشينون خراب پيون آهن رپورٽ موجب ٿر ۾ پاڪ فوج جا ٻه منصوبا هلي رهيا آهن جن مان 40 هزار ماڻهن کي فائدو رسي رهيو آهي ڪنٽينر ۾ موجود 18 موبائل ڊسپينسريون به خراب پيل آهن وفاقي سرڪار به پيڻ جو صاف پاڻي ۽ کاڌي خوراڪ لاءِ ڪو تدارڪ نه ٿي ڪري ٿر ڏڪار بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ اڄ اربع ڏينهن ٻڌڻي ٿيندي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button