سنڌ جي تباهه ٿيندڙ تعليم جا ذميوار ڪير؟؟؟؟؟؟
عاشق علي سومرو
تعليم جي تباهيءَ جي حوالي سان انهيءَ جا ذميوار استاد به آهن، پر ايترو نه جيترو ٻيا آهن. جهڙي ريت والدين، اسڪول مئنيجمينٽ، تعليم جي محڪمي جا آفيسر، تعليمي پاليسيون جوڙيندڙ ڏاها، اين جي اووز، استاد تنظيمون، سول سوسائٽي، سرڪار.
اسان جي ڳوٺن ۾ اڄ به اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن. اسان جي غريب ۽ مسڪين عوام جو اولاد اڃا تائين سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، پر ويڏرن ، جاگيردارن جو اولاد وڏن وڏن شهرن ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، مونکي ته ائين لڳي رهيو آهي ته سنڌ جي عوام سان اهو ساڳيو وڏيرن وارن رويو رکيو پيو وڃي. پهريان وڏيرا غريب مسڪين عوام جي اولاد کي پڙهڻ نه ڏيندا هئا هاڻي اسان جي حڪومت به اهو ئي ظلم ڪري رهي آهي. غلط مڻهن کي نوڪريون ڏئي هڪ طرف تعليم کي تباهه ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف غريب عوام کي وڌيڪ پوئتي ڌيڪاريو پيو وڃي. ها اسان جي حڪومت تعليم جي لاءِ جيڪي اپاءَ وٺي رهي آهي اهي به اسان ۽ اوهان کان لڪل نه آهن.
تعليمي پاليسيون جوڙيندڙ ڏاها: حڪومت، ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ وقتاً بوقتاً پاليسيون جوڙيندي رهندي آهي يا ته وري پاليسيون ٻين ملڪن کان خريد ڪري، اسيمبلين ۾ نماءُ ڪري وري انهيءَ کي ختم ڪيو وڃي ٿو. انهن پاليسين تي لکين بلڪه ڪروڙين جي بجيٽ به رکي ويندي آهي. جڏهن تعليمي پاليسي تي عمل نٿو ٿئي، پوءِ اها بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿي؟ تعليمي پاليسي جو بوڪ ليٽ ادارن تائين پهچي به ٿو يا نه، ان تي عمل ٿئي ٿو يا نه، اهو به هڪ سوال آهي. تعليم جي تباهي جو هيءَ به هڪ سبب آهي.
اڄ اسين سڀ سنڌ جي تعليم جي تباھي تي پريشان آھيون، سنڌي ماڻھن جو مقابلو ٻين ھوشيار قومن سان آھي جن جي وڏي آبادي جو حصو سنڌ جي شھرن ۾ رھي ٿو جتي ٻھراڙي کان وڌيڪ سولھتون موجود آھن ۽ اُھي شھري ماڻھو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ٻھراڙي وارن کان وڌيڪ حساس آھن جڏھن ته اڄ به اسان جي ٻھراڙي جو گھڻي ڀاڱي ماڻھو چوي ٿو ته ٻار پڙھائي ڇا ڪبو نوڪري ته ملندي ڪونه ڪم ڪار کان به ويندو انھي کان بھتر آُھ ته ٻار کي ننڍي عمر کان ئي ڪم سان لڳائجي جئين ھو اڳتي ھلي پنھنجو به پيٽ پالي سگھي ۽ مائٽن جي به مدد ڪري سگھي.، اھو رويو به سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪري رھيو آھي ۽ اسين سڀ جا سڀ انھي رويي جي اڳيان بي وس نّظر اچي رھيا آھيون، مان سمجھان ٿو ته انھي جو ھڪ ئي سبب آھي جيڪو آھي غير معياري تعليم ۽ جڌھن ته اسان جي نوجوانن وٽ ڊگريون ته موجود آھن مگر انھن وٽ ڪنھن به قسم جي معياري تعليم نه آھي، اھي نوجوان بري طرح معاشري ۾ ناڪام ۽ رحم جھڙي زندگي گذاري رھياآھن.، غير معياري تعليم يافته نوجوانن لاءِ واحد زريعو گورنمنٽ جي سفارش تي نوڪري آھي جيڪا به صرف انھن نوجوانن کي ملندي آھي جن وٽ ڪا ننڊي وڏي ڪا سفارش ھوندي آھي باقي رھيل نوجوان بي روزگاري جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويندا آھن ۽ جڏھن پراويٽ اداران ۾ صرف اھي نوجوان ڪم ڪري سگھندا آھن جن وٽ معياري تعليم ھوندي آھي، جيستائين معياري تعليم تي ڪم نه ڪبو تيستائين سنڌ جي ماڻھن جو اھو رويو رھندو ۽ اھي تعليم جي اھميت کي نه سمجھدا تيستائين مائيٽ پنھنجي ٻارن جي تعليم تي ڌيان نه ڏيندا ۽ سنڌ جا معصوم ٻار گدرا ۽ ڦٽيون چوڊيندا رھندا ۽ ٻيون قومون سنڌ جي سڀني وسيلن تي قابض ٿي وينديون.
سنڌ جي تعليم جي تباهي ۾ وڏو هٿ ملڪ ۾ رهندڙ آمريتن ۽ انهن جي دلال وڏيرن جو رهيو آهي. انهن وري، ننڍڙا ننڍڙا دلال ۽ ٻچونگڙا ۽ ٻلونگڙا پيدا ڪري سموري تعليم ۾ هراس ڦهلائي سنڌ کان تعليم کسي ڇڏي آهي. ان ڦرلٽ ۾ والدين ۽ شاگردن جي اڪثريت جي خاموشي اهوئي ڪم ڪيو آهي جيڪو عملي طور آمريتن ڪيو آهي. آمريت کي سياست کان چڙ رهندي آهي تنهن ڪري هنن پاران جيڪي به پاليسيون ٺاهيون ويون انهن جو دائمي مقصد ملڪ مان سياست جون سموريون نرسريون تباهه ڪرڻ هيو.
سنڌ تعليم جي ان جي تباهيءَ جا منظر گذريل ڪيترن زمانن کان ۽ خاص ڪري ڇهن ورهين کان ڏسندي آئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير موصوف ته صاف لفظن ۾ تعليم جي ميدان ۾ گذريل پنجن ورهين جو “اونداهون چٺو” سنڌ جي عوام آڏو پيش ڪيو آهي. سنڌ سرڪار اهڙي ماحول ۾ “کوهه مان بالٽيون ڪڍڻ” ۾ سخت جانفشاني سان ڪم ڪري رهي آهي، پر اهي کوهه جي مڪمل صفائي ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ٿا ڏين. جنهن ڪري هڪ پاسي سنڌ سرڪار جون تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ۽ سنڌ سرڪار جي محنت نظر اچي ٿي ته ساڳئي وقت استادن تي ٿيندڙ چٿرون، استادن پاران پگهارون وڌائڻ جا مطالبا ۽ ڪامورن جون ڪارستانيون بند نه ٿي سگهيون آهن. ساڳيو رينگٽ پيو هلي. ان ڪري ان کي “لکئي جو ليک” سمجهي عوام ۾ آهستي آهستي وسوسن جو جهانُ ۽ عقيدي پرستي وڌي رهي آهي.
هاڻ انهيءَ ڪينسر کان آجو ٿيڻ لاءِ عوام اٿي کڙو ٿئي. انهن سڀني ڪارين رڍن جي جرئت سان نشاندهي ڪري پنهنجي اولاد تي نظر رکي ته واقعي پڙهي ٿو يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪري ٿو. انهن کي سختي سان روڪي ۽ اولاد جي اسڪول کان يونيورسٽي تائين نظر رکي رهنمائي ڪري سندن مدد ڪري.
سياسي اڳواڻ پنهنجي پروگرام ۾ بنيادي اهميت تعليم کي ڏين ۽ تعليم اندر موجود هر خرابي جي نشاندهي ڪن، حڪمرانن تي پريشر وجهن ته هو تعليم بابت ڪردار ذميواري سان نڀائين. اديبن، شاعرن، صحافين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل باشعور ماڻهو پنهنجي لکڻين ۾ تعليم جي هر ڪينسر کي اگهاڙو ڪن.
چونڊيل نمائندا تعليم جي هر اداري بابت اسيمبلين ۾ سوال ڪن. ڳالهائين. فيصلا ڪرائين، حڪمران ٽولا تعليم ۽ صحت جي بجيٽ هن وقت جيڪا آهي. انهيءَ کي ڏهوڻون ڪن. پنج ساله تعليم جو پئڪيج ڏين ته تعليمي معيار اڄ جيڪو آهي اهو وڌي. اسان جي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جو نالو تعليم جي حوالي سان اول صفن ۾ شامل ڪرايون ته پوءِ سنڌ ترقي ڪري سگهندي ۽ اسان دنيا ۾ عزت ۽ شان سان هلي سگهنداسون. اهو ئي سڄي قوم جو نعرو ۽ مقصد هجڻ گهرجي ۽ اهو ئي اڄ جو وڏو چيلينج آهي جيڪو اسان کي قبول ڪرڻ گهرجي، اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي اولاد جي خاطر اسان پنهنجي تباهه ٿيل تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيون، ائين، اگر اسان کي پنهنجي اولاد جو مستقبل سنوارڻو آهي ته اسان کي اسان جي معاشري ۾ تعليم دشمنن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي ۽ انهن کي قانوني طرح سان سزا پڻ ڏياري وڃي چاهي اهي اسان جا ، حڪمران هجن يا وري سفارشي استاد، سفارش تي ٿيل نوڪرين جي ڀرتي تي به اسان جي نوجوانن کي هڪ آواز اٿارڻو ضروري آهي اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان جا نوجوان پاڻ پڙهندا، ۽ اسان کا پنهنجي ڌرتي سنڌ مان ڪاپي ڪلچر جو نالو نشان مٽائڻو پوندو، ته جيئين اسان جي ڌرتي جو نالو تعليمي معيار سان بلند ٿئي.