آرٽيڪل

معاشري ۾ عورت سان ٿيندڙ نا انصافيون

عورت ۽ ان جي زندگي
تحرير: عاصمه ابڙو
Asima Abroعورت جيڪا هڪ ماءُ، ڌيءُ زال ۽ ڀيڻ آهي. جيڪا هر روپ ۽ رشتي ۾ مرد جي مددگار، دعائون ڏيندڙ رحمت بڻجي رهي آهي. عورت جڏهن ماءُ آهي ته ان جي پيرن ۾ جنت آهي. ان جي دل ۾ پيار ۽ محبت آهي. ان جي اکين ۾ محبت ۽ رحمت نظر اچي ٿي. جيڪا راتين جي ننڊ آرام، کائڻ پيئڻ ايسيتائين جو پنهنجون سڀ خوشيون ۽ خواهشون ۽ خواب پنهنجي اولاد مٿان قربان ڪري ٿي. پوءِ اهو اولاد ان جو پٽ هجي يا ڌيءُ. جڏهن ڀيڻ آهي ته هوءَ پنهنجي ڀاءُ سان بيحد محبت ڪري ٿي. ان لاءِ هر وقت دعائون ڪندي رهي ٿي. پنهنجي خوشين کان وڌيڪ ڀاءُ جي خوشين جو خيال رکي ٿي. ان جي شادي توڙي طهر جا خواب سجائيندي رهي ٿي. ڀاءُ جا سِهرا ڳائي ٿي ۽ جهمريون پائي ٿي. جڏهن زال آهي ته پنهنجي مڙس جي هر خواهش ۽ ڪم پنهنجو فرض ۽ حڪم سمجهي پورو ڪري ٿي. ان جي گھر کي ٺاهي ۽ سجائي ٿي. ان جي کائڻ پيئڻ کان وٺي لٽي ڪپڙي جو پورو خيال رکي ٿي. ان جي خاطر پنهنجا سڀ رشتا ڇڏي ڏئي ٿي. مڙس جي خوشيءَ جي خاطر پنهنجا اباڻا، سهيليون سڀ وساري پنهنجي اندر ئي اندر تڙپندي ۽ سڏڪندي رهي ٿي. پوءِ به مڙس خاطر هر وقت مرڪندي رهي ٿي. جڏهن ڌيءُ آهي ته ان وقت پنهنجي بابا لاءِ الڳ احساس، پيار ۽ محبت آهي. ڌيءُ خدا جي طرف کان پيءُ لاءِ رحمت آهي. جڏهن پٽ پيءُ جو ساٿ ڇڏي پنهنجي دنيا آباد ڪري ٿو ته ان وقت به ڌيءُ پنهنجي بابا جو ساٿ نه ٿي ڇڏي. ان جي خدمت لاءِ هر وقت حاضر رهي ٿي. ان جي وڏي حياتي ۽ ڪاميابيءَ جي لاءِ هر وقت دعائون گھرندي رهي ٿي. هِي آهي هر روپ ۽ رشتي ۾ عورت جي شفقت ۽ محبت. ان جي محبت کي جيترو به چاهي بيان نه ٿو ڪري سگهجي. پر افسوس ايترين محبتن، قربانين جي باوجود ٻيو ته ٺهيو پر عورت کي رڳو ٿوري عزت به نه ٿي ملي. افسوس ڪجهه مرد پاڻ کي مجازي خدا سمجهي عورت کي پنهنجي پير جي جتيءَ برابر به نه ٿو سمجهي. وڏي واڪ چوي ٿو ته مائيءَ جي ڪا اهميت نه آهي. مرد جي زندگي قيمتي آهي عورت جي زندگيءَ جي ڪا قيمت نه آهي. آخر عورت جي زندگي مرد جي رحم و ڪرم تي ڇو آهي؟ آخر عورت مرد لاءِ ڍڳي ٻڪريءَ مثل ڇو آهي؟ جنهن کي ٻڌي ۽ قيد رکڻ ۾ ئي مرد پنهنجي عزت ۽ ڀلائي محسوس ڪري ٿو. جنهن کي مون پنهنجي ڪُکِ منجهان پيدا ڪيو. مون جنهن کي ڳالهائڻ سيکاريو. هلڻ، گھمڻ ۽ کائڻ، پيئڻ سيکاريو. جنهن کي مون پنهنجي هٿن سان کارايو. پنهنجي پيٽ کي بکيو رکي به ان جو پيٽ پاليو. اهو ئي مرد پاڻ کي خدا جي خاص مخلوق سمجهي ٿو. ڪُوڙي انا، غيرت ۽ ٺلهي عزت جي خاطر پنهنجي امڙ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءُ تي طرح طرح جا ظلم ڪري ٿو. آخر منهنجي زندگي منهنجي لاءِ عذاب ڇو آهي؟ آخر مونکي جيئڻ جو حق ڇو نه آهي؟ آخر منهنجو ڪو گھر ڇو نه آهي؟ جڏهن ننڍي هوندي هيم ته امان چوندي هئي ته هيءُ گھر تنهنجي ڀاءُ جو آ. جڏهن پنهنجي گھر وڃين ته جيڪو وڻئي سو ڪجانءِ! ان ڏينهن کان پنهنجي معصوم اکين ۾ پنهنجي گھر جا حسين خواب سجائي، بي چينيءَ سان پنهنجي گھر وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳم. پر افسوس هيءُ ڇا ٿيو. دل ٽُٽِي ڀور ٿي. اکين مان مينهن پيو وسي. پنهنجي پوري دنيا ويران. پاڻ کي هڪ ويران بيابان ۾ اڪيلو پئي ڄاتو. جڏهن منهنجي ڪنن ۾ منهنجي مڙس جا هِي لفظ داخل ٿيا. اڙي ههڙي تهڙي! هيءُ پڻهين جو گھر ٿورئي آ. پنهنجا نخرا وڃي پڻهين جي گهر ڪجانءِ. مان روئندي پاڻ کان پڇيو: امان چيو هئو ته مڙس جو گھر تنهنجو آ. پر هيءُ گھر به ته منهنجو ناهي. آخر منهنجو گھر ڪهڙو آ؟ مان تو لاءِ تنهنجي زندگي، مون لاءِ تنهنجي شاعري تنهنجي دلبري مون کي تون حُسن جي شهزادي سڏين ٿو. پوري ڪائنات جي خوبصورتيءَ کي مون سان ڀيٽين ٿو. مون لاءِ گيت ڳائين ٿو. مون کان دُور رهي نه سگهڻ جا قسم کڻي ٿو. مون کان دُور رهي تون تڙپين ٿو. مون کي سارين ٿو. پر جڏهن تون مونکي حاصل ڪري وٺين ٿو. ته پوءِ ڇو منهنجي خوبصورتي تنهنجي لاءِ هڪ طعنو بڻجي وڃي ٿي. منهنجو کِلڻ به ڇو تنهنجي لاءِ عذاب بڻجي وڃي ٿو. منهنجون خوشيون تنهنجي اکين ۾ ڇو چُڀڻ لڳن ٿيون. اگر مان ڪنهن کي پنهنجو سڏيان ٿي. ڪنهن سان دل جي ڳالهه ڪريان ٿي. ته پوءِ ڇو مان ڪاري سڏجان ٿي؟ مان توکي هن دنيا ۾ آڻيان ٿي. مان تنهنجي زندگي سجايان ٿي. تنهنجي مٿان محبتون لُٽايان ٿي. پوءِ به ڇو منهنجي جهوليءَ ۾ تنهنجون نفرتون ۽ ذلتون آهن؟ تون جو مونکي ڪاري سڏين ٿو. پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏس! ڇا ٿو ڏسجي. تنهنجو هي سنسار ڪارو. تنهنجو ڏينهن رات ڪارو. تنهنجو اندر ڪارو. تنهنجو هيءُ وجود ڪارو. جڏهن تون مون کي سڏين ٿو ڪاري. منهنجي پيرن هيٺان جنت. منهنجي دل ۾ بيحد محبت. تون نه ڪري سگهندي مقابلو منهنجي محبتن جو. منهنجين قربانين جو. اگر توهان پاڻ کي مسلمان سڏرايو ٿا. ۽ عورت کي قيد رکي اسلام ۾ پردي جو حڪم آ. جي دُهائي ڏيو ٿا. ته توهان ڇو ٿا وساريو ته قرآن پاڪ به چوي ٿو ته اسلام ۾ عورت ۽ مرد جا حق برابر آهن. بس مرد کي عورت تي فضيلت حاصل آهي. ان ڪري جو مرد عورت جي حفاظت سان گڏ ان جي ضرروتن کي پورو ڪري ٿو . پر جيڪڏهن ڪو مرد اهو نه ٿو ڪري ته ان جي ڪهڙي فضيلت آهي. اهو ته خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو. اسلام ۾ علم پرائڻ جو حق مرد ۽ عورت ٻنهي کي برابر آهي. ته پوءِ ڇو اسان لاءِ علم جا دروازا به بند ڪيا ويا آهن؟ اگر اسان جي مذهب اسان کي پنهنجي مرضي مطابق شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ته پوءِ توهان ڪير ٿيندا آهيو مونکي ڪاري ڪري مارڻ وارا. توکي ڪهڙو حق آهي مونکي غلام بڻائي رکڻ جو؟ هيءَ هڪ ڪوڙي حقيقت آهي ته تون مرد ڪڏهن به ڪنهن عورت سان سچو نه آهين. پوءِ چاهي اها عورت تنهنجي ماءُ هجي، ڌيءُ، ڀيڻ يا زال. اي مرد نه وسار! ته هن دنيا ۾ سڀ کان پهريون مرد جو قتل به عورت جي هٿان ٿيو هئو. منهنجي دل ۾ بيحد محبت آهي. اگر تون منهنجي محبت جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهين ته تو منهنجي نفرت جي به ڪا حد نه ڏٺي آهي. اگر مان گھر سجائي سگهان ٿي ته ان کي اجاڙڻ به ڄاڻان ٿي.

مان جو جڳ ۾ آئي آهيان،
ڀيڻ امڙ ۽ مائي آهيان،
ڌوڙ، دز ۽ ڇائي ناهيان،
مان ته حوا ڄائي آهيان،
مان ته حوا ڄائي آهيان.

اي مرد! اگر ابنِ آدم آن تون ته بنتِ حوا آهيان مان.
تون روشن آهين سج جيان ته چنڊ جيان ٿڌڙي، معصوم، نازڪ ۽ مڌم آهيان مان.
تون خزان به آن، ڪنڊا به آن،
خوشين جو، بهارن جو، امن جو موسم آهيان مان.
ابنِ آدم آهين تون ته بنتِ آدم آهيان مان.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button