آرٽيڪل

شهيد صحافي جيوڻ آرائين جا قاتل ڪڏهن گرفتار ٿيندا؟

تحرير : غلام حسين چانگ

غلام حسين چانگ
غلام حسين چانگ
اسان جي ملڪ ۾ اظهار جي آزادي ڄڻ هڪ خواب بڻيل آهي حق سچ لکڻ ، ڳالهائڻ جي سزا موت بڻجي وئي آهي پر ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين اظهار جي آزادي لاءِ حڪومتون سکڻو راڳ الاپينديون رهيون آهن پر قلم جي نوڪ سان غريب ، مسڪين ، مظلوم ماروئڙن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائيندڙ صحافي کي اڄ تائين تحفظ فراهم نه ٿي سگهيو آهي. هڪ صحافي جيڪو بنا ڪنهن رک رکاءُ جي معاشري جي اندر ڦهلجندڙ برائن کي نروار ڪري ٿو ان ڪري ئي اهو صحافي ڪڏهن وڏيري جي عتاب هيٺ ته ڪڏهن وري ڪامورن جي ڪاوڙ جو نشانو بڻجي ٿو ۽ ڪڏهن وري معاشري ۾ دهشت ۽ وهشت ڦهلائيندڙ داداگيرن جي بندوق جي نشاني تي اچي وڃي ٿو. ملڪ پاڪستان جتي دهشتگردي ، انتهاپسندي ، قبيلائي جهيڙن سبب ڪيترائي صحافي شهيد ٿي چڪا آهن لڳ ڀڳ هڪ سئو کان وڌيڪ صحافي ڪجهه عرصي دوران پهنجي شهادتن جا نظرانا ڏئي هميشه لاءِ حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندي سرخرو بڻجي ويا آهن. پر اڄ اسان ملڪ جي صوبي سنڌ جي صحافين مٿان ٿيبندڙ ظلم ، ڏاڍ، جبر جو ذڪر ڪيون ٿا ڇو ته سنڌ جي واڳ ڌڻي وزيراعلي سيد قائم علي شاهه جي ضلعي خيرپور جي وڏي شهر گمبٽ ۾ هڪ نجي ٽي وي چينل جي صحافي جيوڻ آرائين کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن کيس کي قتل ڪري شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ايئن ئي صحافين جي شهادت واري لسٽ ۾ هڪ انگ جو اضافو ٿيو آهي. شهيد صحافي جيوڻ آرائين کي رات جي اونداهي ۾ حملو ناهي ٿيو پر هن مٿان کهڙا گمبٽ روڊ تي موٽر سائيڪل سوار ٻٽون ٻڌل هٿياربندن سندس جي مٿان ڏينهن ڏٺي جو کيس کي گوليون هڻي هميشه لاءِ اسان کان جدا ڪري ڇڏيو. آءُ جڏهن پنهنجي آفيس ۾ ويٺل هيس ته موبائل تي ٽوئٽر ميسيج واري رنگ تي موبائل ڏٺو ته ان ۾ جيوڻ آرائين جي شهادت واري خبر ڏسي زمين پيرن هيٺيان نڪري وئي ۽ ان خبر جي تصديق ڪرڻ جي لاءِ گمبٽ جي صحافي دوست حاڪم علي ڀٽي کي فون ڪيو جنهن ٻڌايو ته جيوڻ آرائين شهيد ٿي ويو آهي. گمبٽ جي صحافي جيوڻ آرائين جي شهادت صحافين جي لاءِ ڄڻ هڪ نئون پيغام نئون نياپو آندو آهي ته صحافي ڪنهن به ريت ملڪ ۾ محفوظ ناهن. هي پهريون صحافي ناهي جيڪو دهشتگردن جو نشانو بڻيو آهي پر هن کان اڳ ساڳئي ضلعي ۾ شهيد صحافي مشتاق کنڊ کي خيرپور ۾ پ پ جي جلسي تي حملو ڪري شهيد ڪيو ويو اڄ تائين ان جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا. سرڪار پاران اعلانيل امداد نه ملي سگهي اهڙي ريت گمبٽ جي رپورٽر شهيد عاشق منگي کي پوليس جي سامهون گمبٽ ٿاڻي جي آڏو گولين جو نشانو بڻايو ويو پر ان جا قاتل به آزاد آهن. خيرپور ضلعي جو جيوڻ آرائين ٽيون شهيد صحافي آهي جنهن جا قاتل به آزاد آهن وزيراعلي جي ضلعي ۾ اندهير ننگري چرٻٽ راجا وارو قانون هلي رهيو آهي جو ٽنهي شهيد صحافين جا قاتل آزاد ۽ قانون خاموش آهي. سنڌ صحافين جي لاءِ خطرناڪ صوبو بڻيل آهي جتي روزانو صحافين جي مٿان تشدد جا واقعا رونما ٿي رهيا آهن. خاص طور تي ٻهراڙي جا صحافي ظلم جو شڪار آهن. بنا پگهار تي ڪم ڪندڙ ٻهراڙي جا صحافي خبر جي ڳولا لاءِ ڪڏهن ڪڏهن نانگن جي ٻرن ۾ وڃي هٿ وجهندا آهن جنهن جي ڪري اهي نانگ ڪڏهن وڏيري جي صورت ۾ ڪڏهن ڀوتار جي صورت ۾ ڪڏهن سياستدان جي صورت ۾ ان صحافي کي ڏنگيندا رهيا آهن. پر انهن سڀني خطرن جي باوجود ٻهراڙي جا صحافي رات ڏينهن هڪ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي خبر بريڪ ڪندا آهن جو ملڪ جي اعلي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچي ويندو آهي ۽ ڪيترن ئي اهڙين خبرن تي اعلي عدالت پاڻمرادو نوٽيس ورتا آهن. صحافين مٿان ٿيندڙ ظلم ، ڏاڍ جبر جا قصا آڻي پراڻا ٿي ويا آهن ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪي ٽي بندر کان ڪارونجهر تائين هر شهر جو صحافي ڪنهن نه ڪنهن عتاب هيٺ آهي. ان سڀني خطرن جي باوجود صحافين جا حوصلا بلند آهن پر وقت جي سرڪار اظهار جي آزادي لاءِ رڳو سکڻيون دعوائون ڪرڻ ۾ پوري آهي. ان ڪري شهيد صحافين جي ڊگهي لسٽ ۾ آخري نمبر واري شهيد صحافي جيوڻ آرائين جي خون سان انصاف ٿيندي نظر نٿو اچي . شهيد صحافي جيوڻ آرائين کهڙا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کبڙي جو رهواسي هيو. هو پيءُ جو اڪيلو پٽ هيو هن وقت ان جي شهادت کان پوءِ سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه ، 2 نياڻيون ۽ 2 معصوم پٽ آهن . سندس وڏو پٽ 15 سالا جنيد آرائين سڄي سنڌ مان آيل صحافين کان تعذيت وصول ڪرڻ دوران اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي پنهنجي بابا سان انصاف لاءِ دانهيندو رهي ٿو. شهيد جيوڻ آرائين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس انتظاميه روايتي ڪردار ادا ڪندي سکڻا دلاسا ڏيندي رهي ٿي. ايس ايس پي خيرپور ناصر آفتاب پٺاڻ جيتوڻيڪ شهيد صحافي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت گهري جنهن کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس آفيسر جو ڪيل واعدو وفا نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته هن افسوسناڪ واقعي تي صوبائي وزيراطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، وزيراعلي سنڌ جي نياڻي ايم اين اي نفيسا شاهه، فنڪشنل ليگ ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاهه، پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل نوٽيس وٺندي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي ڇا هڪ صحافي جي شهادت کان پوءِ وزيرن، مشيرن ۽ ايم پي ايز پاران ڪرايل زباني خاطري ڪافي آهي؟ جي نه ته پوءِ شهيد صحافي جي قاتلن کي وائکو ڪري سندس کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏيارڻ سندن جي فرض ۾ شامل آهي. پر افسوس ته شهيد صحافي جيوڻ ۽ سندس گهر ڀاتين جي ووٽن تي چونڊجي اعلي ايوانن ۾ پهتل چونڊيل نمائندن مان سندس جي تڏي تي اچي ڏک ونڊڻ جي به ڪنهن ذحمت ناهي ڪئي. سنڌ ۾ صحافين مٿان ٿيندڙ ظلم ، ڏاڍ، جبر جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ جيسيتائين صحافي متحد ، منظم ٿي هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿيندا تيسيتائين اڪيلا اڪيلا ٿي ظلم جو نشانو بڻجندا رهندا ڇو ته سنڌ جي اندر صحافي جيڪي ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهايل آهن انهن وٽ ڪابه هڪ سگهاري تنظيم ناهي رهي جيڪا ان ظلم جي خلاف ظالمن جي سامهون مهاڏو اٽڪائي سگهي. صحافين جي هڪ پليٽ فارم تي گڏ نه ٿيڻ جو سبب سندن جا ننڍ ننڍا مفاد هجن ٿا جيڪي صحافين کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن ان جي لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحافين کي پنهنجي ننڍين ننڍين مفادن کي ڇڏي ڪري گڏيل مفادن خاطر سوچڻو پوندو ۽ شهيد صحافي جيوڻ آرائين ، سلطان محمود چانڊيو،اورنگزيب تنيو، مشتاق کنڊ، شهيد امير بخش بروهي، عاشق منگي، نثار سولنگي، منيرسانگي، غلام رسول برهماڻي سميت سنڌ جي اڻ ڳڻيل شهيد صحافين جي قاتلن کي وائکو ڪري انهن جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button