ھنڱورجا

ھنڱورجا: ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ چيني انجنئيرن کان ڦر، ڪيس داخل نه ٿيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
Hingorja Chinese Engineer (640x194)
هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي 3 مختلف هنڌن تان ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن جي گاڏين کان ڦرلٽ، هٿياربند ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ چيني انجنيئرن کان لکين روپيه ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا. ڦر لٽ واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي 6 نامعلوم هٿياربندن پڇڙي اسٽاپ وٽ ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ چيني انجنيئرن جي 3 گاڏين کي روڪي انهن ۾ سوار چيئي انجنيئرن ليو يانگ، لي هينگ ، جي سينگ ڊرائيور اڪبر علي سميت 7 ڄڻن کان ذبردستي ڏيڍ لک ڊالر 5 موبائل فون ، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. جڏهن ته پوليس پهچي چيني انجنيئرن کان معلومات وٺڻ بعد ڪيس داخل ڪرڻ بدران کين کي اسڪاڊ ڏئي منزل طرف روانو ڪري ڇڏيو. چيني انجنيئرن ٻڌايو ته هٿياربندن اوچتو گاڏين کي بيهاري سڀني کان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا. ساڳئي ڏينهن قومي شاهراهه تي نامعلوم هٿياربندن لعل بخش اسٽاپ وٽ ٽرالر ڊرائيورن محمد يوسف ، انسر علي، ماجد علي، دوست محمد کان 50 هزار روپيه روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته هڪ ڊرائيور اسيل زاده کان هٿياربندن روڪ رقم ڦرڻ بعد کين کي هٿيارن جا قنداق هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٽئين ڦرجي واردات قومي شاهراه تي ڦول باغ وٽ هٿياربندن ڏينهن جو ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي ڊرائيورن کان هزارين رپيه روڪ رقم ۽ موبائل فونون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڏينهن ڏٺي جو چيني انجنيئرن ۽ عام مسافر گاڏين کان ڦرلٽ جي 3 واقعن جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. هن ڏس ۾ ايس ايڇ او هنڱورجا هزار خان سهتو ٻڌايو ته چيني انجنيئرن کان ڦرلٽ ڪئي وئي آهي باقي قومي شاهراه تي سڄو ڏينهن پوليس جو گشت هجڻ ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي ڏوهارين کي ڀڄايو آهي پر ڦرلٽ نه ٿي آهي. هن ٻڌايو ته سهتا برادري جي طرفان شاهه جي مشين تي لڳل ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ڏوهارين ڪجهه هنڌن تي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي جيڪا پوليس ناڪام بڻائي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button