ٻيلن جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير؟
جاويد فاضل نائچ
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته خدا پاڪ جي سموري ڌرتي پنهنجي پنهنجي هڪ خاص طريقي موجب خدا جي قدرت ۽ فطرت کي ظاهر ڪري ٿي، ڪائنات جا انيڪ نظارا آهن، جيڪي ڌرتيءَ کي خوبصورت بڻائڻ ٿا، انهن سڀني فطرت جي نظآرن مان ڌرتيءَ جي گولي تي ٻيلا به هڪ شاهڪار فطرت جي چٽي نموني منظرڪشي ڪن ٿا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڌرتيءَ جي هن خوبصورت زيور کي اسان هٿ وٺي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچايو آهي، ٻيلا ئي ڌرتيءَ تي رهندڙ سموري مخلوق لاءِ آبِ حيات آهن، پر اسين اهڙي قدرت جي شاهڪار شين کي ڪهاڙين جي زينت بڻايون ٿا، جيڪو نهايت سوچڻ جهڙو عمل آهي.
هاڻي ٽري ويل ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ ٻڌايل حڪومتي انگ اکرن مطابق ٻوڏ ايڏي وڏي ڪانه آئي، نه ئي ايڏو وڏو نقصان ٿيو، ٿورو گهڻو ايندڙ پاڻي ضرور ڪچي جي اهڙن حصن تي پهچي ويو آهي، جتي درياهه سنڌ جي ٻنهي پاسي جيڪا زمين آهي تقريباً 2 لک ايڪڙ انهيءَ تي اسين وڏي پيماني تي ٻيلا پوکي سگهون ٿا.
جيڪڏهن اسان مجموعي طور تي سنڌ جي ٻيلن جو انس ڇيد ڪيون ته انهيءَ جو تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي، ته يقينن آڱر اسان جي انهن ئي همراهن ڏانهن کڄندي جنهن کي اسان پنهني عزت، جان مال جو نگهبان بڻائي ايوانن تائين پهچايو آهي، جڏهن به اسان جي ڀوتارن جي رڌڻي جو خرچ گهٽ ٿيندو آهي، ته تڪڙي ۽ آسان ڪمائيءَ جو واحد ذريعو سنڌ جا ٻيلا هوندا آهن، جن کي وڍرائي خرچ پاڻي پورو ڪندا آهن، ايوان ۾ ايندڙ ڀوتارن جي نظر سڀ کان پهريان ئي سنڌ جي ٻيلن تي هوندي آهي، جنهن کي نڌڻڪو مال سمجهي ڪپرائي ڇڏيندا آهن.
درياهه جي ٻنهي پاسي جيڪڏهن اک ڦيرائيندؤ ته رڳو توهان کي درياهه وارياسو وارياسو ئي ملندو، ٻيو ته ٺهيو پر ٺٽي کان هيٺ سجاول يا ان جي ڀرپاسي نظر ڦيرائيندؤ ته ڀينگ لڳي پئي آهي، تمر جي ٻيلا تباهه ٿي ويا، جيڪڏهن هيڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي آهن ته اهي به حڪومتي بي حسيءَ جي ڪري ڏينهنون ڏينهن ختم ٿي رهيا آهن، ملڪي ليول تي جيڪڏهن ڏسجي ته هينئر ملڪ ۾ حڪومتي انگ اکرن موجب 25 سيڪڙو ٻيلا آهن، پر اهو واضع ڪندا هلؤن ته جڏهن 1947ع ۾ انگريز هتان هليا ويا ته هاڻوڪي پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ٻيلا اسان کي ورثي ۾ ڏئي ويا هئا، جنهن جومجموعي گهڻو تعداد اوڀر پاڪستان ۾ آهي ۽ هينئر جيڪڏهن ملڪي ۽ خاص طور تي سنڌ جي صورتحال ڏسو ته ٻيلا 4 سيڪڙو به ڪو نه بچا آهن، مٿي صورتحال کي ڏسندي جڏهن ٻيلا اسان وٽ رهيا ئي ٿوري مقدار ۾ ته پوءِ اسان انهن رهيل سهيل ٻيلن جي حفاظت ڇو نه ڪري سگهياسين، وڏو تعجب اوهان کي ٻڌي اهو لڳندو ته جيڪڏهن رياستي ادارن کان امن امان ڪرائڻ ڪو نه پڄندو آهي ته مختلف هيلا بهانا بڻائي ٻيلا ڌاڙيلن جي پناهگاهه جهڙا عنصر ٻڌائي اهي ٻيلا ڪٽرايا ويندا آهن، 1992ع ۾ نواز شريف پاران ڌاڙيلن کي چٿڻ لاءِ جيڪا آپريشن ڪئي وئي ان ۾ به هٿ وٺي نام نهاد ڀوتارن جي ڳٺ جوڙ سان ٻيلا ڪپرائي ڇڏيا، جيڪي اڄ تائين ناهن اسري سگهيا، سنڌ جي ٻيلن جي تباهيءَ ۾ پنهنجي ڀوتارن ته جيڪو ڪلور ڪيو پر رهي ڪسر ٻيلي کاتي وارن پوري ڪري ڇڏي آهي، جيڪي هٿ وٺي سنڌ جا ٻيلا وڍرائي رهيا آهن، جنهن کاتي کي سنڌ جي ٻيلن جو نگهبان بڻجڻ کپي ها اهي ئي انهيءَ جي تباهيءَ جا ذميوار آهن، بقول حبيب جالب جي انهن سٽن جي
ڪسي خبر ٿي رهبر هي لوٽين گي
بڙي خلوص سي هم ڪاروان ڪي ساٿ ٿي
سنڌ حڪومت جي ايڏي وڏي اقربا پروري ۽ خاموشي ڇا اهو فطرت ۽ پنهنجي جاگرفيائي بيهڪ سان هٿ چراند ڪونهي؟ جنهن تي انساني وجود ۽ ان جي بقا جو انحصار هجي؟ اهڙن قدرت جي شاهڪار خزانن کي جيڪي آبِ حيات هجن ان جي تباهيءَ کي ائين خاموشيءَ سان ويهي ڏسجي؟ ٻيلا دنيا جي ڪهڙي حصي ۾ ڇو نه هجن انهن جي حفاظت انساني جانين جيان ڪئي ويندي آهي، انهن جي بقا ۽ سلامتي واڌ ويجهه لاءِ رياستي ادارا متحرڪ هوندا آهن، ڇو ته اهي قدرت جي هن عظيم شاهڪار جي افاديت کان واقف آهن، دنيا جي جن به جڳهن تي برسات گهٽ مقدار ۾ پوندي آهي اتان جون حڪومتون وڏي پيماني تي ٻيلاسازيءَ جون مهمون هلائي عام ماڻهن ۾ ٻيلن جي افاديت بابت جاگرتا پيدا ڪنديون آهن، ڇو ته سموري دنيا ۾ ٻيلن جي برعڪس ئي برسات جهجهي مقدار ۾ پوي ٿي، هينئر ننڍي ٻوڏ کان پوءِ اسان وٽ هڪ نادر موقعو به موجود آهي، ته درياهه سنڌ جي ٻنهي پاسي جيڪا زمين ڊيلٽا تائين تقريباً 2 لک ايڪڙ آهي، اتي وڏي مقدار ۾ ٻيلا پوکيون، ان لاءِ سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي ئي جاڳڻو پوندو، ڇو ته هي هڪ انساني بقا ۽ فطرت جي خوبصورتيءَ جو سوال آهي، باقي اسان وارا ڀوتار، ٻيلي کاتي وارا جوان رڳو دنيا کي چند جريبن ۾ لڳايل عسڪري باغ ڏيکاري ٻيلن جي بقا جو دليل ڏيندا، سنڌ حڪومت پاران لڳايل اهي عسڪري پارڪ صرف ۽ صرف شوشو آهي، اصلي ڪم ٻيلن کي سنڀالڻ وارو جيڪو ٻيلي کاتي وارا مٿين ڀوتارن سان ڳٺ جوڙ ڪن ٿا، اهو ٻڌائي چڪو آهيان.
اچو ته گڏجي فطرت جي هن عظيم مينارن کي ڌرتيءَ جي حسن کي ۽ آبِ حيات سمجهندڙ عظيم ورثي کي بچايون، جيڪي قدرت جي طرفان مليل انمول تحفو آهن.