سنڌي ثقافت جا رنگ
مهوش اياز
پوليٽيڪل سائنس ڪراچي
سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي سونهن جي جيتري تعريف ڪبي ته اها گھٽ محسوس ٿيندي. سنڌ جي قديم ثقافت جا رنگ جڏهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ نظر آيا ته اهو سماءُ ڏسڻ جهڙو هيو. هر سال جيئان هن سال به ڪراچي يونيورسٽي ۾ "اسٽوڊنٽ ويڪ” ملهايو ويو. "اسٽوڊنٽ ويڪ” دوران ڪراچي يونيورسٽي ۾ هر طرف ثقافت جا رنگ نظر پئي آيا. پاڪستان ۾ آباد سمورين قومن سان تعلق رکندڙ شاگردن پنهنجي پنهنجي ثقافت جي نمائش ڪئي.
10 سيپٽيمبر اربع جو اهو ڏينهن هيو جڏهن سنڌي شاگرد سٿ پاران هڪ ثقافتي تقريب "سنڌ ميلو” جي نالي سان منعقد ڪئي وئي هئي. هن تقريب ۾ سنڌي شاگرد ۽ شاگرياڻين ملي ڪري پنڊال سجائي ورتو جنهن ۾ سنڌي ثقافتي شين جا اسٽال لڳايا ويا، انهن شين ۾ سنڌي ٽوپي، اجرڪ، پنڊين، رلين، گج ۽ سڳيون به نمائش لاءِ رکيون ويون. ثقافت جي هن حسين رنگن ميلي ۾ ايندڙ ماڻهن کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي چڏيو. ان کان علاوه کائڻ پيئڻ جي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا.
"سنڌ ميلي” جي شروعات تلاوت سان ڪئي وئي ۽ نعت ڪان پوءِ لطيف سائين جي وائي پڻ چيئي وئي. تقريب اڃان وڌيڪ دلچسپ ان وقت ٿي جڏهن لجپت راءِ، تيجمل ۽ امر مصطٰفي پاران قومي گيت ” آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي” تي اسٽيج ڊانس پيش ڪئي وئي. مان ۽ مون سان گڏ زينب مرتضوي رند، ناياب، زويا فتح، نتاشا فتح ۽ ثناء نذير تقريب جا انتظام سنڀالي رهيا هياسين، ۽ سنڌي شاگرد سٿ جي جنرل سيڪريٽري معيد ابڙو،جوائنٽ سيڪريٽري اياز ڪمبوه، الطاف ناريجو ۽ وزير سنڌي اسانجو ساٿ ڏيندا رهيا.
سنڌ ميلي ۾ موجود سڀني شاگرد ۽ شاگردياڻين سنڌي ثقافتي لباس، اجرڪ ۽ ٽوپي پهريل هئا. هر طرف ثقافت جا رنگ ڏسڻ ۾ پئي آيا. هر سال جيئان هن سال به شادي جي علامتي رسم ڪرائي وئي. جنهن ۾ گھوٽ جو ڪردار شاگردياڻي يسرا ۽ ڪنوار جو ڪردار آدرش فتح ادا ڪيو. هن خاڪي دوران سهرا به چيا ويا. هڪ مزاحيه خاڪو پڻ پيش ڪيو ويو. جنهن جو عنوان "پوليس اسٽيشن 420” هو. هن خاڪي تقريب کي وڌيڪ يادگار بڻائي ڇڏيو. ان دوران ٻين قومن سان واسطو رکندڙ شاگرد وقفي وقفي سان تقريب ۾ ايندا رهيا. ۽ جڏهن زينب مرتضوي رند،اسد ڪريم ۽ شاهد راجپر سان گڏ پنهنجي سريلي آواز م شاه سائين جي وائي پيش ڪئي ته ميلي ۾ هڪ جنون تاري ٿي ويو. ۽ ماحول خوشگوار ٿي ويو.
هن سنڌ ميلي ۾ سنڌ جي مشهور ناليواري شاعر عبدالغفار تبسم، مشهور اداڪار اسد قريشي، اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر پروفيسر عنصر رضوي، جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ اسدالله ڀٽي شرڪت ڪئي. ان کان علاوه سنڌي ڊيپاٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر غفور ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر ناهيدپروين ۽ پوليٽيڪل سائنس ڊيپارٽمينٽ جي پروفيسر ثمر سلطانه پڻ شرڪت ڪئي. سڀني کي اجرڪن جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو.
اسٽيج جو انتظام ۽ پروگرام کي صحيح نموني هلائڻ جو ڪم اشفاق سبزوئي، علي رضا جلباڻي، مهوش برفت، زهره مصطٰفوي رند ۽ لجپت راءِ ڪيو. ميلي ۾ مختلف قومي گيت هلايا ويا، جنهن تي شاگرد رقص ڪندا رهيا، فوٽوگرافي جو ڪم سائنس فيڪلٽي جي انچارج ڪامران سليم ڪيو. سڀ کان وڌيڪ مزو ان وقت آيو جڏهن احمد مغل جو گيت جيئي سنڌ جيئي لڳايو ويو. اهڙي ريت تقريب ۾ لطف ايندو رهيو. هڪ ميوزيڪل بينڊ "سگنيچر” کي پڻ دعوت ڏني وئي، جنهن جي نومي صديقي مختلف گيت چيا. ۽ پنهنجي گيتن جي پڄاڻي گيت هو جمالو سان ڪيائين. پروگرام جي پڄاڻي اڳواڻ اياز ڪمبوه جي تقرير سان ٿي جنهن ۾ هن شاگردن جي جدوجهد کي سنڌ ميلي جي ڪاميابي قرار ڏنو ۽ شاگردن جا ٿورا مڃيا. ٻين قومن سان تعلق رکندڙ شاگرد به سنڌ ميلي ۾ اچي ڪري خوش ٿيا. اهڙي ريت پروگرام 5 وڳي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.