ڪراچي

ڪراچي: عدالت پاران خورشيد شاه خلاف توهين رسالت ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي منظور

سڪندر ڀٽو، ڪراچي
khursheed-Shahضلعي سيشن جج اوڀر جي عدالت ايم ڪيو ايم جي سي اي سي جي ميمبر ليلي پروين ۽ ٻين جي داخل درخواست تي پيلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاه خلاف توهين رسالت ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي منظور ڪندي 28 آڪٽوبر تي جواب طلبي لاءِ نوٽس جاري ڪري ڇڏيا . ضلعي سيشن جج اوڀر سيد شڪيل حيدر جي عدالت جي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه خلاف توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ متحده جي سي اي سي جي ميمبر ليلي پروين ۽ ٻين جي داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي عدالت سيد خورشيد احمد شاهه. آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ايس ايڇ او بريگيڊ کي نوٽيس جاري ڪندي 28 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي ، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته خورشيد شاهه 17 آڪٽوبر تي باغ جناح ۾ لفظ مهاجر کي گار چئي توهين رسالت ڪئي آهي ، تنهن ڪري عدالت خورشيد شاهه کي ٽن ڏينهن ۾ گرفتار ڪري 295 سي تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اسان هن درخواست کي ايس ايڇ او بريگيڊ وٽ کڻي وياسين پر هن ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ، ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احمد رضا قصوري چيو ته خورشيد شاه جيڪو قدم کنيو آهي اهو توهين رسالت جي زمري ۾ اچي ٿو تنهن ڪري هن خلاف توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي . هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن هاڻي هن کي گهر ٻيڙو ٿيڻو پوندو نه ته پوري ملڪ ۾ گو نواز گو جا نارا هوندا هن چيو ته پرويز مشرف جو سياست ۾ اهم پتو آهي هو ملڪ کان ٻاهر نه وڃي رهيو آهي هن چيو ته پرويز مشرف تي داخل سب ڪيس ڪوڙا آهن جيڪي جلد ختم ٿي ويندا هن موقعي تي ايم ڪيو ايم جي وڪيل بئرسٽر سيف چيو توهين رسالت ۾ معافي جو اختيار صرف الله کي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button