آرٽيڪل

سنڌ جي راڄڌاني ۾ سياست جي شروعات، ايم ڪيوايم جي ناراضگي….

وحيد رزاق مستوئي،مورو

وحيد رزاق مستوئي
وحيد رزاق مستوئي
پاڪستان ۾ اهڙي وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏوهٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي نوجوان پٽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ مان باضابطا سياسي ڪيريئر جي شروعات کي انتهائي اهميت جي نگاهه توڙي مختلف زاوين ۽ رخن کان ڏٺو پيو وڃي جنهن وقت پاڪستان ۾ مختلف سياسي پنڊال سجايل هجن اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته 18 آڪٽوبر تي پيپلز پارٽي ڪراچيءَ ۾ هڪ شاندار جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ پنهنجي امڙ جيان بلاول ڀُٽو کي به عملي سياست ۾ پير پائڻ تي لکين محبتون نصيب ٿيون اُنهن محبتن جي موٽ بلاول ڪهڙيءَ ريت ڏئي ٿو، اِهو مستقبل تي ڇڏيل آهي پر جنهن اعتماد سان هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪئي آهي تنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين ۾ اُميدن جا ديپ ٻري پيا آهن ۽ اُهي سندس روپ ۾ محترمه بينظير ڀُٽو کي پَسي رهيا آهن هي اُهي ماڻهو آهن جن ورهين کان پنهنجي اُميدن جا پانڌ انهيءَ ٽه رنگي جهنڊي واري پارٽيءَ سان واڳي رکيا آهن ته اُها انهن جي اهنجن ڀري زندگيءَ ۾ سهنج آڻيندي سندن ٻارن کي روزگار ڏيندي ۽ اُهي امن ۽ سڪون سان پنهنجي زندگي گُذارڻ لڳندا پر گذريل پنجن سالن وارو دؤر ۽ هاڻوڪي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کي جاچڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ جي ماڻهن جي اکين ۾ نهارجي ٿو ته اٿاهه نراسائيءَ جا ڀريل بادل ڏسجن ٿا سندن ٻارڙا تعليم ۽ صحت جي سهوليتن کان وانجهيل هڪ بي رونق زندگي گذارڻ تي مجبور آهن اُنهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي اُتي قانون نالي ڪنهن شيءِ جو ڪو وجود ناهي ماڻهو هڪ ٻئي خلاف مورچا بند آهن ۽ عام ماڻهو خوف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي سج لٿي کان پوءِ سنڌ نو گو ايريا بڻجي ٿي وڃي، جتي عام ماڻهو ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهن شهر ڀتاخورن جي هٿ ته ٻهراڙيون ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن ڏهاڙي ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿين ٿا. اهڙي صورتحال باوجود به سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ٿيڻ اُنهن لکين ماڻهن سان ڀيانڪ مذاق آهي جيڪي وحشتن جي مُنهن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن جن جا جوان ٻار روزگار لاءِ ڌڪا ٿاٻا کائي رهيا آهن. ٿورو ئي وقت پهريان بلاول ڀُٽي ٿر جي ڏڪار وارين حالتن ۾ اُتي جو دؤرو ڪيو هو ۽ تباهه حال زندگيءَ کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو انهن حالتن ۾ هُن جنهن همدرديءَ جو اظهار ڪيو هو تنهن کي نه رُڳو ٿر پر ٻين علائقن جا ماڻهو به ساراهين ٿا پر پ پ جي نئين قيادت کي اهو علم هُجڻ گهرجي ته مُلڪ جي ٻين علائقن جيان سنڌ جا ماڻهو به پارٽيءَ جي مجموعي ڪارڪردگيءَ تي مايوس آهن سندن اهڙي مايوسيءَ جو فائدو سياسي ميدان تي لهندڙ نيون پارٽيون کڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنديون تنهن ڪري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي روايتي نعري بازي واري سياست ڇڏي عملي سياست جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، هتي اسين چوڌري اعتزاز احسن جي اُن ڳالهه کي ورجائڻ ضروري سمجهون ٿا جيڪا هُن ارڙهين آڪٽوبر جي جلسي دوران ڪئي هُئي جنهن ۾ هُن بلاول کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته کيس نوجوان قيادت کي اڳيان آڻڻ گهرجي ۽ سينئر اڳواڻن کان صلاح مشورو وٺي حالتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. اسين سمجهون ٿا ته موجوده وقت ۾ جڏهن پيپلز پارٽيءَ کي تمام وڏا چئلينجز درپيش آهن جيڪي ڪنهن به ريت هڪڙي ڪامياب جلسي سان ختم ٿي نٿا سگهن اُن لاءِ مسلسل جدوجهد ۽ نوجوان قيادت جي ضرورت آهي اهڙي صورت ۾ ئي ٻين پارٽين ڏانهن وڌندڙ ان سيلاب کي روڪي سگهجي ٿو، هن وقت پيپلز پارٽيءَ جي هٿن ۾ سنڌ جي سرڪار آهي ۽ انهيءَ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ ئي نين چونڊن لاءِ راهه هموار ڪندي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار جو پنهنجي ماڻهن سان اِهو ساڳيو ئي رويو رهيو ۽ اُنهن کي اِئين ئي نظرانداز ڪندي رهي ته پوءِ عين ممڪن آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي گذريل چونڊن جيان سخت مقابلي کي مُنهن ڏيڻو پوي، جو مخالف ڌريون پوري پاڪستان ۾ اِهوئي سوال کڻي اينديون ته جيڪا پارٽي پنهنجي اقتداري دؤر دوران سنڌ کي سُک نه ڏئي سگهي، اُها مُلڪ لاءِ ڪهڙا واهڙ وهائيندي. تنهن ڪري بلاول ڀُٽو کي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ هتي جيڪا ڪرپشن جي لاٽ لڳل آهي اُن جي خاتمي لاءِ فوري اُپاءَ وٺڻ گهرجن نه رُڳو ڪرپشن پر بدامنيءَ جي باهه کي وسائڻ لاءِ پڻ سرڪاري مشنريءَ کي پابند بڻائڻو پوندو ته جيئن سنڌ جو ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهي ۽ ايندڙ وقت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سرڪار واري ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي مُلڪ جي ٻين ماڻهن کي به اِهو ويساهه ڏياري سگهجي ته هيءَ پارٽي ئي مُلڪ جي خوشحاليءَ واري خواب کي ساڀيان ڏياري سگهي ٿي./ اها هڪ حقيقت آهي ته ملڪ ۾ سياسي طوفان زورن تي آهي لاهور جي ماڊل ٽائون سانحي سان شروع ٿيل احتجاج هاڻي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سياسي ماحول کي گرم ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن کي 2 مهينن کان وڌيڪ وقت گذرڻ، تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي لکين ماڻهن جي جلسن ملڪ جي سياسي پنڊتن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا عوام ۾ ٻيهر 71-1970ع وارو شعور اچي رهيو آهي. نواز ليگ جيڪا پهرين ڏينهن اهو راڳ ڪندي نظر ٿي اچي ته ڌرڻن سان ڪجهه نه ٿيندو، جلسا پاڻي جو بلبلو آهن، اها هن وقت شديد دٻاءُ جو شڪار آهي. هڪ خطرناڪ قسم جو نعرو حڪمرانن جو هر وقت پيڇو ڪري رهيو آهي. لنڊن ۾ هجن يا آمريڪا ۾، لاهور ۾ هجن يا اسلام آباد ۾ پر اهو نعرو سندن ننڊ ڦٽائڻ لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن حقيقت پسند ٿي ڏسجي ته طاهر القادري ۽ عمران خان جي ڌرڻن ۽ جلسن جنهن نموني عوام خاص طور تي نوجوانن، عورتن، ننڍن ٻارن ۾ جذبو پيدا ڪيو آهي ان جو مثال رڳو شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي جلسن ۾ نظر ايندو هو انهن جلسن سان ڀلي ٻيو ڪجهه به نه ٿئي پر اهو ضرور ٿي رهيو آهي جو عوام کي پنهنجن حقن حڪمرانن جي ڦرلٽ، عياشين، ڪرپشن ۽ ٻين گورک ڌنڌن بابت ڄاڻ ملي رهي آهي اها سڄي صورتحال جڏهن ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي ڇرڪائي ڇڏيو ته انهن هڪ ٻئي کي بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا آهن انهن سان گڏوگڏ انهن پارٽين کي به خطرو نظر آيو جن ڌرين عوام جي ووٽ تي سوديبازي ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪيا ڪنهن ڊيزل، فلور ملز جون پرمٽون ورتيون، ڪنهن پنهنجي ڀاءُ کي گورنر بڻايو ۽ ڪن کي وري خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ هٿان مليل شڪست جو بدلو وٺڻ جو موقعو مليو مطلب ته حڪومت کي بچائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڪافر، يزيد، چور ۽ ڌاڙيل چوڻ وارا ۽ هڪ ٻئي کي ڦاهين تي لٽڪائڻ، ٽنگن کان گهلڻ جا اعلان ڪندڙ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ هڪ ٿي ويهي رهيا عوام ايترو باشعور ضرور آهي پر سمجهي ٿو ته اصل ۾ انهيءَ اجلاس گهرائڻ جا ڪهڙا مقصد هئا. انهيءَ اجلاس جو سڀ کان وڌيڪ نقصان جيڪڏهن ڪنهن کي پهتو ته اها آهي پيپلزپارٽي. پيپلزپارٽي جنهن جا پنجاب ۾ اڳواڻ گذريل ۽ موجوده حڪومت ۾ عتاب جو نشانو رهيا آهن جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان معافيون ورتيون آهن پر شايد هاڻي وقت هٿن مان نڪري ويو آهي. پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب صوبي جو واعدو ڪري 5 سالن ۾ ان تي عمل نه ڪري عوام کي ناراض ڪيو. ماضيءَ جي پ پ حڪومت ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن سان ڪيل زيادتين، نوڪرين جي وڪري ۽ ٻين معاملن جي جاچ ڪرائي حقدارن کي حق ڏياريو وڃي. سنڌ حڪومت مان انهن وزيرن کي فارغ ڪيو وڃي. جيڪي پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ مصروف آهن ۽ عوام سان رابطو رکڻ انهن جي شان خلاف آهي. جيڪڏهن اڃا به سوچي سمجهي فيصلا نه ڪيا ويا ته پوءِ پيپلزپارٽي شايد پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به پنهنجي حيثيت وڃائي ويهي ۽ سنڌي ماڻهو ڪنهن ٻاهرين اڳواڻ جي پويان لڳي نه پون. هن وقت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سڀني سياسي پارٽين لاءِ چئلينج بڻيل آهي. 18 سالن جي عمر جا نوجوان جيڪي عمران کي پنهنجو هيرو سمجهن ٿا انهن کي ذوالفقار علي ڀٽو جي قرباني، بينظير ڀٽو جي سياسي بصيرت ۽ عوام لاءِ ماڻيل شهادت، مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي سازش وسيلي ٿيل قتلن جي صحيح ڄاڻ ناهي انهن رڳو آصف زرداري جي مفاهمت واري سياست پرويز مشرف جو 9 سالن جو آمريت وارو دور ۽ نواز شريف جو موجوده دور ڏٺو آهي ۽ اهي ماضي جي سياست کان باغي بڻيل آهن اهو نوجوان ملڪ ۾ ڪنهن وڏي سياسي اپ سيٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو اهو وقت ٻڌائيندو ته پي ٽي آءِ کي لاڙڪاڻي، حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ڪيتري موٽ ٿي ملي ۽ ان مان پيپلزپارٽي ڪهڙو سبق ٿي سکي. ان لاءِ پيپلزپاٽي کي مخلص قيادت کي اڳيان آڻڻو پوندو پنهنجي آسپاس ويٺل مفادپرست سياستدانن، جوتشين، پيرن ميرن جي چڪر مان نڪرڻو پوندو پوءِ ئي شايد بند گهٽي ۾ پهتل پيپلزپارٽي کي ٻاهر نڪرڻ جو ڪو موقعو ملي وڃي./ هوڏانهن گذريل ڪيتري ئي وقت کان پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ مفاهمت جي پاليسي تحت ڪافي حد تائين ويجهڙايون رهنديون پئي آيون، جيڪي 18 آڪٽوبر واري بلاول ڀُٽي جي تقرير کانپوءِ ختم ٿي چُڪيون آهن ۽ ايم ڪيو ايم، سنڌ حڪومت کان ڌار ٿي وئي آهي وقتي طور سياست ۾ اتحاد جُڙندا به آهن ته اتحاد ٽٽندا به آهن سياست ۾ ڪا به شيءِ حتمي ۽ آخري ناهي هوندي انهيءَ ڪري اتحاد ٽٽڻ، عام ڳالهه سمجهي ويندي آهي تنهن ڪري ايم ڪيو ايم جو سنڌ حڪومت کان ڌار ٿيڻ ڪا حيرت جوڳي ڳالهه ناهي، ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجو گڏيل وقت گذاري چُڪيون، هاڻي اسان پنهنجو رستو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ايم ڪيو ايم جڏهن به حڪومت کان ڌار ٿيندي آهي، تڏهن انهيءَ جا اڳواڻ اهڙي ٻولي ڳالهائيندا آهن، جيڪا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي وِڄ وانگر اچي ڪِرندي آهي هر دفعي ايم ڪيو ايم سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ جهڙا بيان ڏيندي رهي آهي حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۾ شامل آهي ته پوءِ سڀ ٺيڪ آهي جڏهن حڪومت کان ڌار ٿئي ٿي تڏهن متحده کي زيادتيون نظر اچڻ لڳنديون آهن شهري ۽ ٻهراڙي جو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو ڏٺو وڃي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ٿيل جهڳڙي جو هر دفعي نقصان عام ماڻهو ڀوڳيندو رهيو آهي چاهي اُهي سنڌي ڳالهائيندڙ هُجن يا اردو ڳالهائيندڙ هُجن، ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ڪرسي ۽ اقتدار جي اها رساڪشي ٻنهي پارٽين تائين محدود هُجي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر اها ڇڪتاڻ اهڙي نموني پيدا ڪئي وڃي ٿي، جو ماڻهن جي ذهنن ۾ نفرتن جي ٻج ڇٽڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ وڇوٽين جي ديوار کڙي ڪئي وڃي ٿي جنهن جو سياسي نقصان پاڪستان پيپلزپارٽي کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جو ئي ٿيندو رهيو آهي پنهنجي نفرت انگيز ٻولي ۽ مخصوص لساني سوچ رکڻ جي ڪري، سنڌي ڳالهائيندڙن جي دلين ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي لاءِ محبتون قائم نه ڪري سگهي آهي ڇو ته ايم ڪيو ايم اڃا تائين سياسي سوچ جي وسعت پيدا نه ڪري سگهي آهي ۽ گذريل ڪيتري ئي وقت کان وٺي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جا اهڙي قسم جا بيان ايندا رهيا آهن جيڪي ڪنهن به ريت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حق ۾ ناهن اهڙن بيانن ۾ لسانيت جي بوءِ ڀريل هوندي آهي ۽ اُنهن جي پُٺيان مهاجر سوچ نظر ايندي آهي ممڪن آهي ته اهڙن بيانن جي ذريعي ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ اردو آبادي جون همدديون حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا هجن اهڙي نموني همدرديون حاصل نٿيون ڪري ائين ڪرڻ سان سواءِ نفرتن وڌائڻ جي ٻيو ڪجهه به حاصل نٿو ڪري سگهجي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ اهڙي قسم جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي جنهن سان ماڻهن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿين بلاول ڀُٽو زرداري ته ڪراچي کي نفرتن کان پاڪ ڪري ترقي وٺرائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، سياست ۾ هڪ ٻئي تي سياسي پارٽيون تنقيد ڪنديون رهيون آهن اهڙي قسم جي تنقيد کي اصلاح ۽ سڌاري جي نظر سان ورتو وڃي ته ان سان هڪڙي نئين سياسي روايت جُڙي سگهي ٿي ۽ سياسي تنقيد کي سياسي پارٽيون پاڻ تائين محدود رکن ته بهتر ٿيندو ٻي صورت ۾ نفرتون پوک نفرتون لُڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهنداسين
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button