آرٽيڪل

سنڌي شاگرد سٿ پاران سجايل سنڌ ميلو

زينب مرتضوي رند
Karachi; Programe Pic 04-10-2014 (2) (640x319)
جيئن ته سڀ ڄاڻن ٿا ته سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن جو ذڪر ايندي ئي تصور ۾ رڳو محبت ئي محبت ڦيلجي وڃي ٿي. هي صوفين، شاعرن ۽ بهادرن جي ڌرتي جنهن سدائين پنهنجي عوام سان پيار ڪيو، ۽ جيئڻ جا طريقا سيکاريا. دنيا جي ڪيترين ئي قومن هن ڌرتي جي تهذيب مان جيئڻ جا نت نيا طريقا حاصل ڪيا. ۽ ثابت ڪيو ته هن تاريخي ڌرتي هميشه امن، پيار ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي. هن ڌرتي جي مٽيءَ مان ٺهيل ماڻهن ۾ ايسار جو جذبو ۽ مهمان نوازي ائين آهي جيئن انسان جي جسم ۾ دل ۽ دماغ. ڌرتي جي ڏنل احسانن جو ئي نتيجو آهي جو هر ٻار توڙي جوان پنهنجي ڌرتي تي ناز ڪري ٿو ۽ پنهنجي ثقافت سان پيار ڪري ٿو.
انهن خاصيتن جي ڪري ئي هر سان جيئان هن سال به سنڌ جي مادر علمي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙن سنڌي شاگردن پاران پنهنجي ثقافت کي نمايا ڪرڻ لاءِ "اسٽوڊنت ويڪ” دوران "سنڌ ميلو” منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ يونيورسٽي سان تعلق رڪندڙ هر قوم جي شاگردن شرڪت ڪئي ۽ سنڌ ڌرتي جا خوبصورت ثقافتي رنگ ڏسي خوش ٿيندي نظر آيا. هن ميلي جو مقصد صرف اهو هو ته سنڌ ڌرتي صوفين، ولين،پيار، ۽ سچائي ڪرڻ واران جو وطن آهي. هتان جا ماڻهو پنهنجي هڪ نمايا شناخت رکن ٿا. پنهنجي ثقافت کي ماڻهن جي دلن ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران لڳايل اسٽال به پنهنجي مثال پاڻ هيا، جنهن ۾ مختلف قسم جا ڀرت ڀريل وڳا، اجرڪون، سنڌي ٽوپيون، رليون، پکا ۽ ٿانون وغيره رکيل هيا. جنهن مان سنڌ جي تهذيب جي شناخت ظاهر ٿئي پئي. شاگردن پنهنجي منفرد سنڌي لباس ذريعي پاڻ کي نمايان رکيو. سنڌي شاگردن کي ثقافتي لباس شلوار قميض، ڪلهن تي اجرڪ اوڍيل ۽ سنڌي ٽوپي پهريل، هو ڏانهن وري سنڌي شاگردياڻين کي سهڻا رنگ برنگي ۽ ڀرت ڀريل وڳا پهريل هيا.
سنڌ ميلي جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن بعد شاگردياڻي اسماء پنهنجي سهڻي آواز ۾ نعت رسول پيش ڪئي. پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ شاه سائين جي وائي علي راجڙ پنهنجي سريلي آواز ۾ ٻڌائي ۽ ماڻهن کي موئي وڌو. هن ميلي ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر عبدالغفار تبسم، مشهور سنڌي فنڪار اسد قريشي(سڌورو)، جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ اسدالله ڀٽو، اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر پروفيسر عنصر رضوي شرڪت ڪئي ۽ شاگردن جي ڪوششن کي سهرائيندي خوشي جو اظهار ڪيو. ۽ چيو ته سنڌي شاگرد گھٽ تعداد ۾ هجڻ باوجود به ايترو وڏو پروگرام منعقد ڪري سنڌ جي عوام لاءِ مثال بڻجي ويا آهن. ان کان علاوه يونيورسٽي جي استادن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، پروفيسر فتح محمد برفت، ڊاڪٽر ناهيد پروين، ڊاڪٽر غلام محمد برفت، ميڊم لاعنا سلطان ۽ ڊاڪٽر سمر سلطانه شامل هيا. استادن پاران سنڌي شاگرد سٿ جي تمام عهديدارن جي ڪوششن کي سهرايو ويو. سنڌ ميلي ۾ آيل تمام مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
پروگرام کي وڌيڪ پر لطف بڻائڻ لاءِ مختلف قومي گيت هلايا ويا، شاگردن پاران قومي گيتن تي اسٽيج ڊانس پڻ پيش ڪئي وئي. جڏهن پروگرام ۾ گيتن جو دور شروع ٿيو ته مان سنڌ جي ڏيه توڙي پر ڏيه جي مشهور صوفي گلوڪاره عابده پروين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ انهن جو ڪلام پنهنجي آواز ۾ پيش ڪيو. ان کان علاوه ٻين شاگردن پڻ گيت پيش ڪيا، جن ۾ اسد ڪريم، تشڪيل احمد، ثنا برفت شامل هيا. اسٽيج جون ذميواريون اشفاق سبزوئي، مهوش برفت، علي رضا، زهرا مصطٰفوي رند ۽ لجپت راءِ تي هيون.
ميلي ۾ علامتي سنڌي شادي پڻ ڪرائي وئي، جنهن ۾ تقريبن ثقافتي رسمن جو نماءُ پڻ ڪيو ويو. گهوٽ جو ڪردار شاگردياڻي يسرا سومرو ۽ ڪنوار جو ڪردار آدرش فتح ادا ڪيو. پروگرام دوران سنڌي شاگرد سٿ جا اڳواڻ معيد ابڙو، اياز ڪمبوه، الطاف ناريجو، عمران ڏيرو، وزير سنڌي شاگردن جي حوصله افزائي ڪندا رهيا. ميلي کي ترتيب ڏيڻ جو پورو ڪم اياز ڪمبوه کي ڏنو ويو، جنهن کي تمام بهترين انداز ۾ سر انجام ڏئي پروگرام کي رونڪ بخشي. پروگرام ۾ هڪ ميوزيڪل بينڊ کي دعوت ڏني وئي جنهن جي نومي صديقي پنهنجي سريلي آواز ۾ گيت پيش ڪيا جنهن شاگردن کي جھمڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سنڌي شاگرد سٿ پاران سجايل هي ثقافتي ميلو هر سال جيئان هن سال به پنهنجي مثال پاڻ هو، آخر ۾ "هو جمالو” تي تمام شاگردن رقص ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو. ميلي جي خوبصورت رنگن استادن توڙي شاگردن ۽ ٻين قومن سان تعلق رکندڙ شاگردن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي پڄاڻي تي پهتو. آخر ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي اڳواڻن سنڌ ميلي ۾ شريڪ تمام شاگردن، مهمانن ۽ استادن جا ٿورائتي مڃيا ۽ سنڌ جي نوجوانن کان اپيل ڪئي ته هو سنڌ جي اعلٰي تعليمي اداري ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ فارم ضرور جمع ڪرائن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button