خيرپور

خيرپور: وڏي وزير عيد تي مستحق ماڻھن ۾ عيد جا تحفا ورھايا

خيرپور، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ
CM Sindh Eid Gifts (640x209)
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ عيد الاضحى جو موقعي تي عيد جي تحفا ورهايا عيد جي تحفن ۾ ڪپڙا ، کاڌي پيتي جو سامان راشن پئڪيٽ شامل هئا. ان موقعي تي وزير اعلى سيد قائم علي شاهه پاران 10 معذورن کي ٽراءِ سائيڪلون ۽ کين عيد جا تحفا پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺاڻي ، ايس ايس پي خيرپور ناصر آفتاب، پرائيوٽ سيڪريٽري مظهر علي منڱڻهار، پيپلز پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، غلام حُسين مغل، خدا بخش سرڪي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button