خيرپور
		
	
	
خيرپور: وڏي وزير عيد تي مستحق ماڻھن ۾ عيد جا تحفا ورھايا
خيرپور، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ عيد الاضحى جو موقعي تي عيد جي تحفا ورهايا عيد جي تحفن ۾ ڪپڙا ، کاڌي پيتي جو سامان راشن پئڪيٽ شامل هئا. ان موقعي تي وزير اعلى سيد قائم علي شاهه پاران 10 معذورن کي ٽراءِ سائيڪلون  ۽ کين عيد جا تحفا پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺاڻي ، ايس ايس پي خيرپور  ناصر آفتاب، پرائيوٽ سيڪريٽري مظهر علي منڱڻهار، پيپلز پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، غلام حُسين مغل، خدا بخش سرڪي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. 
 
				